امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


29/07/2021

 جڏهن کان اک لڳي توسان، تڏهن کان اک لڳي ناهي،

جڏهن کان چاڪ ڪئي دل تو، تڏهن کان چاڪ ٿي ناهي.


ڪيا غم دل ۾ اوتارا، ٿڪا تارا تڪي تارا،

سڄڻ بيچين دل کي چين هڪڙو دم گهڙي ناهي.


ڪرين ٿو وار کولي وار سو سو وار او سهڻا،

لڳا ٿم ڏنگ، انگ انگ ونگ، جنهن جو دنگ ئي ناهي.


دلاور، دادلا، دلدار دلبر، دلربا، دلڪش،

دلِ دلگير کان هر نام تنهن جي کي وِٿي ناهي.


ذرا سرڪي مون کي ڏي مئي جي هڪ سرڪي، مگر مرُڪي،


سرِ محفل سخي آڏو صدا ايڏي وڏي ناهي.


ڪڍان ڇاڪاڻ ڪنهن جي ڪاڻ منهنجي ڪاڻ تون ڪافي،

ڀري  ”مدهوش“ کي ڏي جام تو وٽ ڪا ڪمي ناهي.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/07/2020

وري رهي ٿي جهڙالي موسم وري اهي ئي خيال آھن


وري رهي ٿي جهڙالي موسم وري اهي ئي خيال آھن، 
هوا مان خوشبو اچي ٿي تنهنجي وري اهي ئي وصال آھن. 
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/07/2020

برسات وسي ٿي پئي

برسات وسي ٿي پئي 
ڪا ڳالھ چوي ٿي پئي 
پر يار! الئہ ڪنھن لئہ؟

ھر صبح ھوائن ۾ 
ھر شام گھٽائن ۾ 
مڌُ ماٽيون بہ اوتيل ھن
۽ منھنجي دريءَ کان ٻاھر
اڄ ڪويل ڪوڪاري
ڪا ڳالھ چوي ٿي پئي 
پر يار! الئہ ڪنھن لئہ؟ 

سنگيت ٻڌان ٿو مان 
ڪجھ گيت لکان ٿو مان
۽ پنھنجون اکيون ٻيئي 
ھن کڙڪيءَ جي ھُن پاسي
ڪنھن سڏ جِيان اُڇلي 
ڇا ڇا نہ ڏسان ٿو مان
گهنگهور گهٽائن مان 
ڪا وڄ وري ٿي پئي 
ڪا ڳالھ چوي ٿي پئي
پر يار! الئہ ڪنھن لئہ؟

راڌا بہ ڪٿي ناھي
ميران جو پتو ناهي
ھي روڳ ڀريو جيون
بنواس ڪٽي ٿو پيو
ھئہ شيام سندي بنسي 
ھر شام وڄي ٿي پئي
پر يار الئہ ڪنھن لئہ؟ 

مان ساھ کڻان ٿو پيو 
ڄڻ آھ ڀريان ٿو پيو 
دل منھنجي چري وانگي
ھي شھر بہ خالي آ
ڪا راھ رھي ڪانھي 
ڪا واھ رھي ڪانھي
ھن خالي شھر مٿان
برسات وسي ٿي پئي
ڪا ڳالھہ چوي ٿي پئي 
پر يار الئہ ڪنھن لئہ؟ 

تون مان نہ ملياسين ۽
ٿيا ڪيئي ورھيہ آھن 
سج لھندا هتان ويا جيئن
ڇا ڇا نہ لٿو آ تيئن
تون مان نہ رھيا آھيون
پر پوءِ بہ پرين پنھنجي 
ھن ڏيھہ سڄي ۾ ڏس
هڪ ڳالھہ ھلي ٿي پئي 
ڪا ڳالھہ ھلي ٿي پئي 
پر يار!
الئہ ڪنهن لئہ؟
پر يار! 
الئہ ڪنهن لئہ؟؟
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/06/2020

تو دلڙِي يارَ! ڌتاري، پو ير! ڪانہ ڪَيَئي پوئواري.

تو دلڙِي يارَ! ڌتاري،
پو ير! ڪانہ ڪَيَئي پوئواري.

تنهنجا ڪيس پيارَل! ڪارا،
آهن پيچ انهن جا پيارا،
ڪن وَنگ وجهڻ لئه وارا،
پائن ڳٽَ ڳچي ۾ ڳارا،
ڪن قيد سياڻا سارا،
مَهمِيرن تي سي مارا،
ٿيَن وِيرَ به اُت ويچارا،
ٿا شاهه ڀرن شوڪارا،
منهنجي نرمل آهي نيزارِي.

تنھنجي پاڪ پرين پيشاني،
آهي نِرمل! نور نشاني،
سج چنڊ کي لڳي حيراني،
ناهي تنهنجي ثُريا ثاني،
ٿيا تنهنجا مٽُ نه شاني،
ڪر اچڻ سَندِي احساني،
وٺ مُحب مٺا مهماني،
اچ اڱڻ مٿي دل جاني،
تنهنجي محبت دلڙِي ماري.

تنهنجون اکڙِيون ٻئي مئخانا،
يا پُر ٿيل پيمانا،
يا مُحِبَ ٻئي مستانا،
ڪن درد وارا ديوانا،
اتي جُنگَ ڀرن ٿا جانا،
تون شمع، ٻيا پروانا،
تنهنجا شوق آهن شاهانا،
هي راز ٿيا رِندانا،
تنهنجي اڳتئون توبه زاري.

تنهنجي قربَ ڪرايُون ڪِيهُون،
شب روز رئان ڪري رِيهُون،
ڏنيون پِرِتِ پيارل پِيهُون،
ويون ورهن گذرِي وِيهُون،
ٿي دلڙي ڇيهُون ڇيهُون،
تنهنجي فڪر سُڪايون ڦِيهُون،
اچ بِرِهه ۾ گڏجي بِيهُون،
ڪئي گوندر آ گلزارِي.
.

محبوب ڦٽا ڪر ماڻا،
هي رمز سکـئين ڪيئن راڻا،
تُنهنجي گهُورَ گهمايا گهاڻا،
نٿا مورهئون وڻن وِهاڻِا،
تنهنجي صدمن ڪيا سَنڌَ ساڻا،
وجھان ٽپڻا روز ۽ ٽاڻا،
تنهنجا سور آهن سيباڻا،
تنهنجي تاتِ طلبَ ۽ تارِي.

اچ واعدا پرت جا پاڙيون،
هڪٻئي سان سور سلهاڙيون،
دل، دل ڏي لالڻ لاڙيون،
ٿا سُورَ وڃن سَنڌَ ساڙيون،
ٿيو چِيتو آهي چِيهاڙيون،
دل درد وڃن ڌونڌاڙيون،
اڄ وِرِهَه وَسايُون واڙيُون،
تنهنجي در جُون مَٽُ نه ماڙيُون،
ڪر سهڻا يارَ ستاري..

تنهنجو طالب مولي آهي،
ٻئي ساڻ ڀلا ٻيو ڇاهي،
رَسُ تنهن کي قرب مان ڪاهي،
ٻيا لڳَ لاڳاپا لاهي،
ڇڏ وِيرَ وِرِهَه جِي واهي،
ڪير سينو توسان ساهي،
اها طاقت ڪنهن ۾ ناهي،
اچ مون وٽ گاهي ماهي،
لاءِ بِرِهه جي يار بَهارِي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/06/2020

ايئن چئي موت کي روڪيو هوند

ايئن چئي موت کي روڪيو هوندو
ٿورڙو ترس، هو ايندو هوندو

ڪو نئون گيت جي گونجيو هوندو
منھنجي ئي درد جو قصو هوندو

سُور، ناسور ٿي مرڪيا هوندا
موهه تنھنجي جو ڪرشمو هوندو

موت مارڳ ۾ قبولڻ وارو
پنهنجو عاشق تو سڃاتو هوندو

رنگ ئي رنگ فضا ۾ سرهاڻ
بي خياليءَ ۾ تو مرڪيو هوندو

لڙڪ نيڻن ۾ ڄمي ويا هوندا
دل جي ليکي تہ ڪو اچڻو هوندو

جنھن جي چاهت جون ڪھاڻيون مشھور
"تاج" ماڻھو بہ عجب ڪو هوندو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

15/12/2019

ڇڏي شهر تنهنجو مٺا اڄ وڃون

ڇڏي شهر تنهنجو مٺا اڄ وڃون ٿا
اسان پنهنجي دل کان رٺا اڄ وڃون ٿا 
ڪڏهن ڪونہ اچبو اوهان جي شهر ۾
 نہ ماکيءَ کي ڇڏبو ملائي زهر ۾
مٺي شيءِ لئہ مٺڙا مُٺا اڄ وڃون ٿا
 پرين هاڻي پکڙا ڪٿي ڪونہ اڏبا
 نڪي پور پوندا نڪي سور سَلبا
 هزارن ڏکن کان ڇٽا اڄ وڃون ٿا
 حياتيءَ جا ڏينهڙا لنگهي چار ويندا
 اوهان جا نہ وسري هي آزار ويندا
 بنا ڏوھ بيوس ڪُٺا اڄ وڃون ٿا.

شاعري  ❤ تاجل بيوس ❤
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

25/01/2019

جي سامهون اچين ٿو ته تابش ٿي ماري

غزل

احمد خان مدهوش

جي سامهون اچين ٿو ته تابش ٿي ماري،
لڪين ٿو ته ڳولا جي خواهش ٿي ماري.

جي ڪاوڙ ڪرين ٿو ته ڪاوڙ ڪُهي ٿي،
جي پرچي پوين ٿو نوازش ٿي ماري.

توکي ناهه پرواهه دل جي لڳيءَ جي،
مون کي عشق تنهنجي جي آتش ٿي ماري.

تنهنجي پاڪ مک جو نظارو ٿو موهي،
بناوت، سجاوٽ، نگارش ٿي ماري.

رهي حسن تنهنجي جو پردو سلامت،
نقابن جي هوندي نمائش ٿي ماري.

مقيد اڳيئي آهيان آءٌ، ويتر،
سندءِ زلف واري آرائش ٿي ماري.

شبِ وصل ۾ خوفِ فرقت رهي ٿو،
شبِ هجر ۾ غم جي سازش ٿي ماري.

اکين تي نه “مدهوش“ الزام ڌَر تون،
اکين کي به دل جي سفارش ٿي ماري.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>