Pages

09/03/2016

سار ٿي تنهنجي اچي اڌ رات جو


غزل

فياض جتوئي

سار ٿي تنهنجي اچي اڌ رات جو
ننڊ ٿي منهنجي ڦٽي اڌ رات جو

منهنجي نيڻن جي شهر ۾ سانوري !
خواب ٿو تنهنجو لهي اڌ رات جو

نظر ٿي تنهنجي پوي تصوير تي
روح ٿو مرڪي پوي اڌ رات جو

ياد جا نوحا لکي آهي رنو
ڇا ڀلا شاعر ڪري اڌ رات جو

مان وڇوڙن جي جلان ٿو باهه ۾
هير ٿي جنهن پل گهلي اڌ رات جو

ڪائناتي رنگتون ساريون "فياض!"
ڀاڪرن ۾ ٿي ڀري اڌ رات جو


3 comments: