Pages

10/03/2016

جيستائين عاشقي ٿيندي رهي، تيستائين شاعري ٿيندي رهي.

غزل

امداد حسيني

جيستائين عاشقي ٿيندي رهي،
تيستائين شاعري ٿيندي رهي.

تو پڙهيو پئي جيستائين او پرين،
اُن پَني تي روشني ٿيندي رهي.

جيستائين نيڻ نيڻن ۾ رهيا،
مئڪشن جي مئڪشي ٿيندي رهي.

مرد جيئري ڪونه چِکيا تي چڙهيو،
بس رڳو عورت سَتِي ٿيندي رهي.

جيستائين آءٌ توکان دُور هوس،
هر گهڙي ڄڻ خودڪشي ٿيندي رهي!​

No comments:

Post a Comment