Pages

25/01/2019

جي سامهون اچين ٿو ته تابش ٿي ماري

غزل

احمد خان مدهوش

جي سامهون اچين ٿو ته تابش ٿي ماري،
لڪين ٿو ته ڳولا جي خواهش ٿي ماري.

جي ڪاوڙ ڪرين ٿو ته ڪاوڙ ڪُهي ٿي،
جي پرچي پوين ٿو نوازش ٿي ماري.

توکي ناهه پرواهه دل جي لڳيءَ جي،
مون کي عشق تنهنجي جي آتش ٿي ماري.

تنهنجي پاڪ مک جو نظارو ٿو موهي،
بناوت، سجاوٽ، نگارش ٿي ماري.

رهي حسن تنهنجي جو پردو سلامت،
نقابن جي هوندي نمائش ٿي ماري.

مقيد اڳيئي آهيان آءٌ، ويتر،
سندءِ زلف واري آرائش ٿي ماري.

شبِ وصل ۾ خوفِ فرقت رهي ٿو،
شبِ هجر ۾ غم جي سازش ٿي ماري.

اکين تي نه “مدهوش“ الزام ڌَر تون،
اکين کي به دل جي سفارش ٿي ماري.

No comments:

Post a Comment