غزل
پروانو ڀٽي
سمجهي ڪين تون سگهندين مٺڙا مستانن جي ٻولي،
ديوانن جي ٻولي فرزانن جي ٻولي .
حُورن ۽ پرين جي دنيا بيشڪ سُهڻي آهي،
غور ڪندين ته اُتي به ته ٻُڌندين انسانن جي ٻولي .
چپڙن تي تالا ۽ خيالن تي بندش ۽ پڻ پهرا،
اهل جنون ويا سمجهه ، آخر ارمانن جي ٻولي .
هيڏي دل ۽ هيڏو جگر گهرجي ٿو سچ چوڻ جي لئه،
تون ته حقيقت کي به چوين ٿو افسانن جي ٻولي .
سڀ ڪجهه ڳالهه اشارن اندر لمحن ۾ ٿي ويئي،
شمع ئي سمجهي ٿي هِت آخر “ پروانن ” جي ٻولي .
No comments:
Post a Comment