
غزل
رخسانه پريت
اکڙين ۾ سڀ جي، ياد جي نيري ندي رکي آ
سانڍيل ڪو درد دل ۾، ديوانگي رکي آ
رولاڪ خيال پنهنجا، پنڌ پير ڪن جدا پيا،
ڪنهن روح پنهنجي ۾ هي آوارگي رکي آ
محبت جو هر لمحو ڄڻ، سانڍيو آ ساه ۾ مون،
محبت جي هر لمحي ۾ ڄڻ زندگي رکي آ
پئي سور سڀ سڻايان سرتي جيان ڄڻ ٿي ڀايان،
هي منهنجي ڀر ۾ منهنجي جا ڊائري رکي آ
هر مک تي پيڙا پڌري هر اک ڀري پئي آ،
وک وک تي، احتجاج، رڙ، ناراضگي رکي آ
محبت جو جام ڇلڪيو، مايا به ڄار اڇليو،
ڪو ڌن تي ويو وڪامي، ڪنهن دل لڳي رکي آ
بادل لڪايو اڀ مان سانوڻ نه ڳولهجان تون،
تولاءِ لڪائي سانول هڪ سانوڻي رکي آ
ٻوٽيون، ته تون ئي تون آن، کوليون اکيون ته سامهون،
هڪ عڪس من ۾، سامهون ٻئي آرسي رکي آ