امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


30/09/2015

جاڳَ پلٽي ڇڏي هر ذري جام جي


غزل


سعيد سومرو

جاڳَ پلٽي ڇڏي هر ذري جام جي،
پو به ڪٽجي نه ٿي رات الــــزام جي!

زندگيءَ جي ڪهاڻي به آهي لکيل،
پاڻ جھڙي ئي ڪنهن يار گگدام جي!

چار گل جي قبر تي رکيا ڇوڪريءَ،
سي به آنــــڌي اُڏائي وئي شام جي.

روح ئي جنهن مسافرَ جو خالي هيو،
سو ڪئين مام سمجھي سگھيو گام جي!

هُن الستي اکين کان مليل دانَ کي،
سعيدُ ڀانئي ڪئين باکَ ماتـام جي!



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪا رات وڃائي راهن ۾، ڪو ڏينهن کٽائي رستن تي


نظم

ايوب کوسو

ڪا رات وڃائي راهن ۾
ڪو ڏينهن کٽائي رستن تي
بي فيض اڃايل موٽياسين
سڀ خواب لٽائي رستن تي
دورين جا جنازا هڪ پاسي
۽ ياد جا ڪاوا ٻي پاسي
احساس اندر ۾ اجڙي ويا
خود دل نه رهي پنهنجي پاسي
هر آس ٽٽي بي منزل ٿي
هو من جي مٽي ٿي نه سگهي
ويو پيار سمورو صحرا ٿي
هوءَ تن جي گهٽي ٿي نه سگهي
جيئن اجرو چمڪو ڦلڙي جو
تيئن ياد هي آ دل ڪا
ويراني وسي ٿي نيڻن ۾
هر موسم پنهنجي پن ڇڻ ڪا
بي ڀرم اجهاميل شامون هن
هر سينو سج ۾ ڦاٿو آ
ڇا ڏسجي دل جي موسم ڪا
ڏک جو هيل نه ڪاٿو آ




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

29/09/2015

ڪي ڪي ماڻهو ويندا آهن، منهن کي موڙي ويندا آهن

غزل

منير سولنگي

ڪي ڪي ماڻهو ويندا آهن، منهن کي موڙي ويندا آهن،
مور نه چت تي چڙهندا آهن ناتو ٽوڙي ويندا آهن.

ڪي ڪي ماڻهو عيسيٰ بڻجي، مرده دليون روز جياري.
مهر محبت وارا خيما جڳ ۾ کوڙي ويندا آهن.

ڪي ڪي ماڻهو ماکي مصري، سورج کان وڌ روشن روشن،
هر ڪنهن جي دل اندر يارو جايون جوڙي ويندا آهن.

ڪي ڪي ماڻهو رڃ جا راهي، سسئي وانگر پنڌ پڇائي،
من جي مقصد ماڻڻ خاطر برٿر ووڙي ويندا آهن.

ڪي ڪي ماڻهو وڄ وراڪا، سون سريکا، پيار جا پياسا،
رانجهوءَ واري رمز سان سائين زهر نچوڙي ويندا آهن.

ڪي ڪي ماڻهو يار ”منير“، ٿيندا آهن ساهه سڌير،
سونهن مٿان سر گهورڻ خاطر پاڻ پتوڙي ويندا آهن.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

توسوا اي سڄڻ، وقت گذري نٿو

نظم

مقصود گل

وقت گذري نٿو، وقت گذري نٿو،
توسوا اي سڄڻ، وقت گذري نٿو.

چنڊ جي روشني ٿي وئي آ جهڪي،
مرڪ تارن کان ڪنهن ڄڻ کسي آ وتي،
ڀاڳ جو ڪو ستارو به اڀري نٿو وقت گذري نٿو.

ڄڻ ته موسم کي وئي آهه ڪينسر وٺي،
مُرڪ گلڙن جي منهن تي نه ڪنهن آ ڏٺي،
ڪوبه غنچو خوشيءَ جو ته نسري نٿو وقت گذري نٿو.

وقت جي پيرڙن ۾ لڦون ٿي پيون،
وقت کان اڄ وکون ڄڻ ته وسري ويون،
فاصلو وقت کان ڪو به نبري نٿو وقت گذري نٿو.

”گل“ ۽ مکڙيون ويون ڄڻ ته ڪومائجي،
ڀاڳ جي عرش تي وئي غمي ڇانئجي،
تنهنجو نالو مٺا يار وسري نٿو وقت گذري نٿو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سڏڪا هوندا، پن ڇڻ رت ۾

غزل

نياز پنهور

سڏڪا هوندا، پن ڇڻ رت ۾،
جذبا رئندا، پن ڇڻ رت ۾.

ننگا هوندا لڱ وڻن جا،
سڏڪي پوندا پن ڇڻ رت ۾.

ماڻهو هوندا پر سڀ موڳا،
گهمندا رهندا، پن ڇڻ رت ۾،

بسنت رت ۾ ڪين مليا جي،
نيٺ ته ملندا، پن ڇڻ رت ۾.

منهنجا سارا شعر زبان تي،
اٽڪي پوندا، پن ڇڻ رت ۾.

بسنت رت ۾ طنز اسان تي،
ڪنهن کي ڏسندا، پن ڇڻ رت ۾.

اٽڪي پيا اوسيئڙا اک ۾،
ڳوڙها ٿيندا، پن ڇڻ رت ۾.

مان جيئن تيئن گذاري ويندس،
هو ڪيئن جيئندا، پن ڇڻ رت ۾.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

گلن سان گڏ رهن ٿا خار! ڇا چئجي

غزل

انيس انصاري

گلن سان گڏ رهن ٿا خار! ڇا چئجي،
قيامت جا اهي آثار! ڇا چئجي؟

رهي آ ڪين ڪي الفت زماني ۾،
نه ڪو ساٿي، نه ڪوئي يار! ڇا چئجي؟

پٽن کان پي ۽ ڀائر پنهن جي ڀائن کان.
زماني ۾ ڏٺم بيزار! ڇا چئجي؟

ڏسان ٿو مان گهڻو ڪجهه، تنهنجي محفل ۾،
ٻڌڻ سهنجو، چوڻ دشوار! ڇا چئجي؟

ستل آ ساڌ بي خبرو، زماني کان،
ڏٺو مون چور کي بيدار! ڇا چئجي.

پيالن تي پيالا پي به جاڳن ٿا،
رڳو تون بي پئي سرشار! ڇا چئجي؟

ڏسو سٽ جي بها تي يوسف ڪنعان،
وڪامي ٿو سر بازار! ڇا چئجي؟
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري

اسحاق راهي

گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري
ڳالهيون ته الائي ڪهڙيون اٿن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري

وارن جون چڳون جي يار ڇڏيون، رخسار تان ڄڻ پيا نانگ لهي
ڳلڙن کي چمڻ لئه پيا تڙپن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري

راهي کي سزاءِ عشق ڏجي، راهي جي صنم کي ڄاڻ ڪريو،
پنچائت گهرائي بحث پيا ڪن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪچهريون روز پيون ٿينديون، مگر تون مان نه هونداسين

نظم

اسحاق راهي

ڪچهريون روز پيون ٿينديون، مگر تون مان نه هونداسين،
نيون پيون محفلون مچنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

موافق باغ سان بادِ صبا پئي هر گهڙي ٿيندي،
گلن ۾ رنگتون اينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

چمن ۾ چهچٽا هوندا، ڪلين ۾ تازگيون هونديون،
بهارون اينديون ۽ وينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

نوان عشاق پيا ايندا، نوان محبوب پيا ملندا،
نديون پيون نينهن جون وهنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

حياتي واري ڪان ميلا محبت جا پيا ايندا،
دليون ڪي پرچنديون رسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

هميشه بره جون بجليون ۽ هوندا پيار جا بادل،
نيون پيون بارشون وسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

اسان کان پوءِ ڀي آباد هوندا ويڙها خوشين جا،
وري عيدون پيون اينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

اهي راتيون رسيليون ۽ رهاڻيون، تنهنجو ۽ منهنجو،
پيون هر گام تي پڇنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

سنڀالي دل ۾ دل واريون نشانيون نينهن واريون خود
لڪائي پيون لڪائينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

اهائي حسن جي پوڄا ۽ هوندا سونهن کي سجدا،
پچارون پيار جون هلنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

اسان جي پيار جي خوشبو سان ويندا واسجي ”راهي“،
سڀئي واهڻ سڀئي وسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

بي موت مُئا، تو لاءِ ڪُٺا، انسان هزارين مان نه رُڳو


غزل 

شيخ اياز

بي موت مُئا، تو لاءِ ڪُٺا، انسان هزارين مان نه رُڳو،
هن دنيا ۾ اي ديسَ ! هيَا، نادان هزارين مان نه رُڳو.

جي راهِ اجل ڪَنهن ورتي آ، هن ڀُونءِ ڪئي ٻي ڀَرتي آ،
هيءَ ڌرتي توکي پَرتي آ، مهمان هزارين مان نه رُڳو.

اَک ساري رات نه جَهپڪي آ، ۽ شبنم شبنم ٽپڪي آ،
جي باک گهري ٿي، بَکُ ته اِي زندان ! هزارين مان رُڳو.

ٿو ساري ڪو به نه سڃ مُئا، هُو رڃ_مُئا جي اُڃ _مئا،
ڇا پاپي پرکي پُڃَ_ مُئا، ارمان هزارين مان نه رُڳو.

ڇو چنڊَ اسان کي رات ٺَري، ڏي چانڊوڪيءَ جو زهرُ ڀري؟
آ ڪيڏو پويون پَهرُ پَري! حِيران هزارين مان نه رُڳو.

هي دَور ” اياز“ گذرڻو آ ، ۽ پنهنجو وارو ورڻو آ،
ڪو ٻَارڻ نِيٺ ته ٻرڻو آ ، امڪان هزارين مان نه رُڳو.ا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مون سان گڏ ڪو آيو هو، يا منهنجو ئي سايو هو!

رضا بخاري

غزل

مون سان گڏ ڪو آيو هو،
يا منهنجو ئي سايو هو!

نيڻ اڃا اُت ڳوليان ٿو،
مون جت خواب وڃايو هو.

هو منهنجو آئينو پر،
اُن ۾ عڪسُ پرايو هو.

گل تان اُڏري پوپٽڙو،
گهاوَ مٿان ڇو آيو هو؟

ڇرڪي من جي خاموشي،
مون ۾ ڪنهن ڳالهايو هو؟

خود کي مون ته ڀُلايو پر،
توکي ڪينَ ڀُلايو هو.

شام اچانڪ ٿي ويئي،
آنچل تو لهرايو هو.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

27/09/2015

وقت جھڙو ڪو به کيڏاري نه آ

غزل

سعيد سومرو

وقت جھڙو ڪو به کيڏاري نه آ،
جنهن ڪڏهن ڀي راند ڪا هاري نه آ.

آرسين جا دوست ئي آهيون اسان،
پٿرن سان پنهنجي ڪا ياري نه آ.

هوءَ ئي من ۾ سناٽا وئي ڇڏي،
مون ته تنهائي اها هاري نه آ.

هيئن ديوانا مڙِيا جي درد سان،
پو وطن ۾ ڪا به رُت ڪاري نه آ.

وقت آ جو مست نچندو ٿو وڃي،
پنڌ پنهنجو ٿيو اڃان جاري نه آ.

هيل ڪيڏيون بارشون برسيون ’سعيد!‘
ڪنهن به دل پنهنجي مگر ٺاري نه آ.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪنهن پڇيو: ’پيار بن ڇا هي سنسارُ آ؟‘ مرڪندي مون چيو: ’ڪو گنهگار آ.‘

غزل

سعيد ميمڻ

ڪنهن پڇيو: ’پيار بن ڇا هي سنسارُ آ؟‘
مرڪندي مون چيو: ’ڪو گنهگار آ.‘

باک ويلي ڏسي سج مکيءَ جي شبيهه،
دير تائين لڳو ٿي ڪو اوتار آ.

روح رشتن جو آ انت جي اوج تي،
هاڻ مرڪي ملڻ ڀي ڪو واپار آ.

دور تائين وڻن جا ڊگھا پاڇا هن،
يا هي تنهنجو محبت کان انڪارُ آ؟

لَنگھه گذري ازل جي گھٽين جا ڏٺئه،
ائن مليئه ڪو، جئين منهنجو ڪردار آ؟

دينَ جو، پيٽَ جو، جَڳ جي وهنوارَ جو،
هيکلي روح تي ڇا ته ڏس بارُ آ!

سانوري سعيد جي ڳالهه ڪائي نه پڇ،
ويڙهه ۾ ويڙهه آ، قرب ۾ يار آ.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دل چريءَ جي ڳالهه ۾ اٽـڪي ’سعيد!‘ منزلون ڪيڏيون ڇڏيون تو، راهه ۾!

غزل

سعيد سومرو

ڇانــوَ جھڙو هُـــو نه ملندو، راهه ۾،
پاڻ رُولي پـــو به ڏسبو، راهه ۾.

ڪنهن چُمي گُل سو اکين تي آ رکيو،
تنهنجي ڪالــر مان ڪِريو جو، راهه ۾.

مرڪندي ماڻهن ڏٺو ٿي طــنـــزَ مان،
هڪ چريو روئي رهـيـو هو، راهه ۾.

نيڻ پنهنجا توڏي نڪتا ها مگر،
کاڄُ ٿي ويا حادثن جو، راهه ۾.

ديس! تنهنجي دوستن لئه، دردَ ئي،
آجياڻن لئه رهيا ڇو، راهه ۾!؟

ڪيترو چوڦـــيـــر گــھــرو ڌُنـــــڌُ آ،
قافــــلو پو ڀي رِمِـــي ٿـــو، راهه ۾.

دل چريءَ جي ڳالهه ۾ اٽـڪي ’سعيد!‘
منزلون ڪيڏيون ڇڏيون تو، راهه ۾ !


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

نه ٿو ڳوليان نظارا روشنيءَ جا



غــزل

سرمد چانڊيو

نه ٿو ڳوليان نظارا روشنيءَ جا،
ٽٽي پوندا ڪنارا دوستيءَ جا.

اجايو وقت پنهنجي کي وڃائي،
وڄايون ڇو نغارا دشمنيءَ جا.

تخـّــيل همسفر رکجي ته کُلندا،
هزارين شاهپارا شاعريءَ جا.

ڪروڙين سک اوهان کي من مبارڪ،
هزارين غم اسان وٽ نغمگيءَ جا.

نه آ معبود کي کُوٽِــي ڪا بندا!
صحي ڪر فرض پنهنجي بندگيءَ جا.

اکيون ايجاد ڪن ٿيون جي اشارا،
ٽٽن ٿا عشق دروازا خوديءَ جا.

اسان وٽ شاهه جو تنبور، وايون،
اڙي ’’سرمد‘‘! سهارا زندگيءَ جا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

بــي ديدَ شناسا کي هڪ لــفظُ کُکي ٿو پيو



غزل

سعيد سومرو

بــي ديدَ شناسا کي هڪ لــفظُ کُکي ٿو پيو،
هڪ چنڊَ ــــ تصوّر کي، ڇُهندٖي نه ڇُهي ٿو پيو!

هي جيءُ جَنمَ جَلندڙُ، ڀـيٽڻ نه پُڄي اُن سان،
ڪي منٽ سڙي جيڪو سگريٽُ اُجھي ٿو پيو!

گـمـنـام شهيدن جي قبرن جي مِٽي ٺاهي،
هڪ جُھور ڪراڙو ڳلُ لڙڪن ۾ ٻُڏي ٿو پـيو.

چهرن جي نقابن تي اُڇلي ٿو نظرَ خالي،
هي ڪيرُ مسافر ائن بازار گُـھمي ٿو پـيو.

جن ننڊَ ــ گهٽيون ڀٽڪي، آ خواب لڌو تنهنجو،
اڌ رات جو ڪو تارو، سي نيڻ چُمي ٿو پـيو.

هُن گھر جي ڀتين وچ ۾، چپ چاپ مري ويو هُو،
اڄ سعيد جي پاڇي جو ڪوئي نه پُـڇي ٿو پـيو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/09/2015

ڪڏهن تُنهنجي وارن سندي رات ٿيندي

غزل

ولي محمد وفا پلي

ڪڏهن تُنهنجي وارن سندي رات ٿيندي
ڪڏهن مُحب ملندين ملاقات ٿيندي

ڪڏهن ڇوڙي ڪاڪُل ڪڪر ڇانو ٿيندي
ڪڏهن ورندي بادل ٿي برسات ٿيندي

نه تون ويڙهه وارن کي رُخ تي رهڻ ڏي
نه ئي رات رڙهندي نه پرڀات ٿيندي

نه هئي آس ايئن ڪا پرين اوچتو ئي
سَرِ رهگذر پڻ ملاقات ٿيندي

سندءِ صبح کان ئي سندم صبح ٿيندو
سندءِ رات سان ئي سندم رات ٿيندي

وفا ڄاڻ اڳ ۾ نه هرگز هئي سون
وڇوڙي ۾ ورهين جي هر رات ٿيندي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

10/09/2015

جي هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها


غزل
ناز لطيفي
جي هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها
ته ڪجهه دردِ دل جي دوا ٿي پوي ها

رهين ڪين ڪڏهين ڪا هڪ رات مون وٽ
جي ترسي پوين ها ته ڇا ٿي پوي ها

بِلو ٿي پوي ها غمِ دل جو جيڪر
بِمائل ڪرم دلربا ٿي پوي ها

پِرين ڪِئن پري ٿي وڃي ها نظر کان
جي منظور منهنجي دُعا ٿي پوي ها

کڻين هان نه خنجر تون گردن تان قاتل
ڀلي ڌڙ سِسِيءَ کان جدا ٿي پوي ها

رکي سِرُ درِ يار تي پوءِ کڻان ڪيئن
نمازِ محبت قضا ٿي پوي ها

پُڇي ڀي نه ها ڪو دنيا ۾ خوشي کي
زمانو جي درد آشنا ٿي پوي ها

جي سمجهين ها دل گهر خدا جو اي واعذ
ته دلبر کي سِجدو روا ٿي پوي ها

جي گهوريان ها سر هُن جي ناز و ادا تان
ته الفت جو ڪجهه حق ادا ٿي پوي ها

پڇان ها پرين کان مون ڪهڙي خطا ڪئي
مگر هيءَ به هڪڙي خطا ٿي پوي ها

کُلن ها خوشيءَ جا خزانا اسان لاءِ
جي چشمِ ڪرم تنهنجي وا ٿي پوي ها

سخا ڇا چوان شاههِ خُوبان جي يارو
ٻُڌي ها جي حاتم گدا ٿي پوي ها

چڱو ٿيو نقابن ۾ آئين صنم تون
هتي ورنه قيامت بپا ٿي پوي ها

لبن ساڻُ لب جي ملائين ها دلبر
تهجي ڪهڙي اربع خطا ٿي پوي ها

ڪاوڙ مَنجهائِي نهاريو ته ها پيا
اها شوخ اَهنجي ادا ٿي پوي ها

اجايو لطيفي کي، پيارا ٿا ماريو
هو از خود اوهان تان فدا ٿي پوي ها
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اڄ وري ڇو ڀلا منهن لٿل ٿو لڳين، رات ڪاٿي هئين جو ٿڪل ٿو لڳين

راشد  مورائي

 
اڄ وري ڇو ڀلا منهن لٿل ٿو لڳين
رات ڪاٿي هئين جو ٿڪل ٿو لڳين

 سنڌ جو باشندو يا فلسطين جو
پنهنجي ڌرتيءَ تان بيدخل ٿو لڳين
اڄ وري ڇو ڀلا منهن لٿل ٿولڳين 

شاھ جا اي رسالا چميو ٿو چمان
ڄڻ ته محبوب منهنجي جو ڳل ٿو لڳين
اڄ وري ڇو ڀلا منهن لٿل ٿولڳين 

توکي ڀيٽيان هماليه جبل ساڻ ٿو
جو ارادن ۾ پنهنجي اٽل ٿو لڳين
اڄ وري ڇو ڀلا منهن لٿل ٿولڳين 

اي حُسن منڪرن کي تو ڪجھ به نه ڪيو
عاشقن لاءِ جهڙو اجل ٿو لڳين
اڄ وري ڇو ڀلا منهن لٿل ٿولڳين 

جنهن کي پڙهندي ئي بُت ۾ پون سيانڊڙا
سچ ته “راشد” جو اهڙو غزل ٿو لڳين
اڄ وري ڇو ڀلا منهن لٿل ٿو لڳين 
 رات ڪاٿي هئين جو ٿڪل ٿو لڳين
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>