امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


27/04/2013

رات ساري آ مگر، بيقراري آ مگر



غزل

شاهجهان سميل

رات ساري آ مگر
بيقراري آ مگر

هُن کٽي ناهي پرين
پاڻ هاري آ مگر

ڪين هو ماڻا ڪري
سونهن واري آ مگر

نيڻ تنهنجي راهه ۾
انتظاري آ مگر

ها کلڻ جون حسرتون
اشڪباري آ مگر

زندگي توکان سوا
ها گذاري آ مگر


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/04/2013

دلين ۾ نفرتون آهن, بظاهر الفتون آهن



غزل

رضوان گل

دلين ۾ نفرتون آهن
بظاهر الفتون آهن

اندر جون موسمون پن ڇڻ
ته ڪهڙيون رونقون آهن

پيو ٿو چهرا بدلائي
وڌي ويون حيرتون آهن

محبت ٿي وڃي حاصل
اندر ۾ حسرتون آهن

هنيائين ڪُکِ ۾ خنجر
چيائين حجتون آهن

ڀلي ڪچليو، ڏيڻ خوشبو
گلن جون عادتون آهن


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هي شعر منهنجي اندر جا اڌما, هي لفظ منهنجي زبانَ آهن



غزل

رضوان گل

خسيس ٿي ويا، مهانَ آهن
قيامتن جا نشانَ آهن

هي تنهنجا سارا وچن پيارا
لڳي ٿو سياسي بيانَ آهن

اسان آ سِرڙو رکيو اڏيءَ تي
اڃا اوهانکي گمانَ آهن!

اوهان پڄاڻان پرين اسان جي
اندر ۾ غم جا جهانَ آهن

هي شعر منهنجي اندر جا اڌما
هي لفظ منهنجي زبانَ آهن




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تنهنجي گھور جي آس اکين ۾



غزل

رضوان گل

تنهنجي گھور جي آس اکين ۾
خوابن جا هن ٽياس اکين ۾

صحرا وانگر نيڻ اڃايل
اڻ کٽ آهي پياس اکين ۾

رڃ ۾ تنهنجو چهرو جرڪيو
جاڳي پيا وشواس اکين ۾

اڌ ڪٺل ڪنهن ڳيري وانگر
تڙپن ٿا احساس اکين ۾

پن ڇڻ جي موسم آئي آ
گل کي آهه نراس اکين ۾



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

21/04/2013

حسنِ زيبا کي ڏسي، حُسنِ ازل چئي ويٺس



غزل

احمد خان مدهوش

حسنِ زيبا کي ڏسي، حُسنِ ازل چئي ويٺس،
سونهن کي سونهن جي صانع جو بدل چئي ويٺس.

هُن جي صورت جو پرستار صدين کان آهيان،
هُن جي درشن کي ثوابن  جو عمل چئي ويٺس.

هُن جي نيڻن کي سڏيم ڪوثر و تسنيم ڪري،
زلف جي ڇانو کي جنت جو محل چئي ويٺس.

هُن جي مرڪڻ کي چيم روپ مسيحائيءَ جو،
۽  ڪجلدار نگاهن کي اجل چئي ويٺس.

دل لڳي منهنجي ڏسي داد ڏيو همسفرو!
عشق جي زور کي مشڪل کي سهل چئي ويٺس.

ڇا چيم ڇا نه چيم، ڪابه خبر ڪانه رهي،
لاشعوريءَ ۾ ”مدهوش“ غزل چئي ويٺس.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>