امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


30/01/2013

مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان

راشد مورائي


مون ٻار پڙهايا پورهيت ٿي، دل رنجورن جا
پر هارين جا پٽ هاري ٿيا، مزدور ٿيا مزدورن جا
۽ بک برابر بڇڙي آ، سڀ گهاڻل بک جي کورن جا
مون ڪالهه ڏٺا ير ڪايل هئا سڀ ڌوڪي جي دستورن جا
مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان

مون ڇا نه سجاڳيءَ سڏ ڪيا، نئين رت کي ننڊن روڙيو آ
سي جوان رهن ٿا جهوٽن ۾، مون جن سان ناتو جوڙيو آ
جي مالي هئا رکوالا هئا، تن ڀاڳ جو ٻيڙو ٻوڙيو آ
هن نينهن جواني راس ڪئي، مون لوڙيو رت ولوڙيو آ
مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان

مون وار سٺا، هر وار نوان، مون ويرين سان ويڙهاند ڪئي
۽ ويرين واري واري سان ٿي ويڙهه وڏي ويڙهاند ڪئي
ڪي سورهيه ساٿي ڪالهه ڪٺا، جن ريٽي رت سان راند ڪئي
ٿي پاڻ ڀٽائي جو ٻيلي مون سسي نيزي پاند ڪئي
مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان

هي قوم ته قابل رحم جي آ پر رحم به ڪنهن کي ڪون اچي
ڪي ٿورا داڻا خوش آهن، نه ته ٻيو آ سارو ڏيهه ڏچي
ڪو اهڙو اوڀڙ اڀري جو ڪو ظالم آمر ڪونه بچي
هن آس تي وقت گذاريان ٿو، من ڪو هتڙي رنگ رچي
مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان

آ سچ ننڍو، وِهه ڳنڍو آ، هو پربت جيڏو ڪوڙو آ
هو ٽٽندو ٿوري ٺوڪر سان، ڄڻ ڪانچ جو ڪوئي چوڙو آ
هر واءَ اڳيان به نمي پوندو ڄڻ ڪانهن جو ڪوئي ٻوڙو آ
پر ٿوري همٿ ڪير ڪري، هت هر ڪو روح وسوڙو آ
مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان

ڪو ملان آ، ڪو پنڊت آ، ڪو صوفي ۽ ڪو جوڳي آ
ڪو لنگهو لالچ جو لوڀي، ڪو لوڀيءَ جو پيءُ ٺوڳي آ
سي ڀنگون پي ٿا ڀڙ ٿين، جن لاءِ پيڙا ڀوڳي آ
مان راشد ويٺو رت رئان جو راڄ ٿيو اڄ روڳي آ
مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دل جي ويران رِڻ تي ڪڪر بانورا


راشد مورائي


دل جي ويران رِڻ تي ڪڪر بانورا
ٿورڙو ئي وسين ها ته ڇا ٿي ٿيئه
سانورا ! تون گھڙي کن سڙيءَ دل مٿان
ڇانورو ٿي رهين ها ته ڇا ٿي ٿيئه

هو ارادو پڪو مون ڪيو مرڻ جو
شوق جاڳي پيو آ وري جيئڻ جو
مون ٻُڌو آ ته اڄ هو پُڇڻ ٿو اچي
موت ! ٽارو ڪرين ها ته ڇا ٿي ٿيئه

ڪيترا حسرتن جا ڦُٽن گونچ ها
کوڙ آسن جون مکڙيون ٽِڙي ٿي سگھيون
منهجي دل جي گلستان ويران جو
باغبان ٿي رهين ها ته ڇا ٿي ٿيئه

منهنجي وِندر جو باعث ٿي بڻجي سگھي
ڪائي تصوير تازي هجين ها کڻي
فون تي جي ٻه ڳالهيون نٿو پيو ڪرين
ڪوئي خطڙو لکين ها ته ڇا ٿي ٿيئه

تون کلين ٿو ته ڄڻ گل ٽِڙي ٿا پون
ماٺ تنهنجي خزان، گل ڇڻي ٿا پون
تو جي "راشـــــد"کي روئندي ڏٺو هو پرين
ٿورو مُرڪي پوين ها ته ڇا ٿي ٿيئه



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي (راشد مورائي)


راشد مورائي

مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي
ان واٽ تا گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
جوکي ۾ وڌم جيءَ، ڪيم جنگ امن لاءِ
انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

هر گھاءُ مٿان گھاءُ سهي اُف نه ڪئي مون
جي ويڙهه ۾ ڦٽجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

هر جاءِ جدوجهد هر جاکوڙ ۾ شامل
ڪم ڪار کان ورچين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
راهي ! تو ڏٺو آهه مون ساهي نه کنئي آ
جي راهه ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

اي واٽ مسافر! تون ڪڏهن منهنجي قبر کان
ڀلجي به جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آهه مون راشــــــــد
سو سبق جي سمجهين ته مون کي ياد ڪندو ڪر



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

16/01/2013

سؤ سج اُڀاري وينداسين

عبدالڪريم ”گدائي“



هيءَ رات کُٽڻ تي آئي آ، باقي به گذاري وينداسين،
پر ويندي ويندي سنڌڙيءَ جي هيءَ سينڌ سنواري وينداسين.

جي ناوَ پراڻي آهه ته ڇا، طوفان به آ جي ساگر ۾،
پر پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي، هي پار اُڪاري وينداسين.

هيءَ واٽ اڙانگي اوکي آ، ۽ روهه جبل ڀي راهن ۾،
جي پيار وطن سان پختو آ، سڀ ڏونگر ڏاري وينداسين.

آ تَڙ تَڙ تي طوفان کڻي، دم دهشت ڀي آ دريا ۾،
پر ڪارو ڪارونڀار ڪٽي، هيءَ ٻيڙي تاري وينداسين.

آ واٽ تي ڪاري ٻاٽ اگر، پر رت پنهنجي جو تيل ڏئِي،
هَر موڙ مٿان آزاديءَ جي، هڪ مشعل ٻاري وينداسين.

گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه نه آ، هي مهلون آهن مُڙسن لئي،
ڏس اوڀر کان ٿي باک ڦُٽي، هيءَ منزل ماري وينداسين.

هيءَ جان ته اچڻي وڃڻي آ، هڪ ڏينهن ته آخر مرڻو آ،
پر ويندي ويندي پوين لئي، هيءَ واٽ سنواري وينداسين.

هيءَ آهه ڀٽائيءَ جي ڌرتي، هت اوندهه مور نه اچڻي آ،
هِت پنهنجي رت جو ريج ڏئي، سَوَ سج اُڀاري وينداسين.

هن چوٿين مارچ جي ڪاميابي،سڀ آهه، اوهان جي ايڪي سان،
جي ڇُڙ ڇُڙ گابا ٿينداسين، هيءَ بازي هاري وينداسين.

آ نيٺ ’گدائي‘ مرڻو پر، هيءُ ساهه سَنڌن ۾ آ جيسين،
هن حبِ وطن جو پوين ۾، هڪ ٻارڻ ٻاري وينداسين.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

09/01/2013

سر يار جي قدمن تان فدا ٿيو ته بجا ٿيو


عطا محمد ”حامي“

سر يار جي قدمن تان فدا ٿيو ته بجا ٿيو،
هڪ فرض محبت جو، ادا ٿيو ته بجا ٿيو.

سر تَن تي هُئو بار، جدا ٿيو ته بجا ٿيو،
الفت جو هُئو قرض، ادا ٿيو ته بجا ٿيو.

ويو سڀڪو ڇڏي، هُو نه جدا ٿيو ته بجا ٿيو،
مشڪل ۾ مددگار، خدا ٿيو ته بجا ٿيو.

سورج ۾ جلال ان جو، جمال ان جو قمر ۾،
هر شي ۾ سڄڻ جلوه نما ٿيو ته بجا ٿيو.

قدمن کي ڇڏي، هاڻ هِنئين ساڻ هلون ٿا،
رستو ئي محبت جو، جدا ٿيو ته بجا ٿيو.

بيمارِ محبت کي، طبيبن نه بچايو،
هيءُ درد نه ممنونِ دوا ٿيو ته بجا ٿيو.

واڌائي هجي منهنجي وفائن کي وڌڻ جي،
محبوب جي مائل به جفا ٿيو ته بجا ٿيو.

چک وصل جي ماکيءَ جي عوض زهرِ جدائي،
دلبر جي هٿان ڪجهه به عطا ٿيو ته بجا ٿيو.

ميثاق ۾ جنهن پاڻ ’بليٰ‘ چئي هئي بلا کنئي،
دنيا ۾ اهو وقفِ بلا ٿيو ته بجا ٿيو.

افلاڪ کي عزت نه ملي جنهن جي کڻڻ جي،
حاميءَ‘ کي اهو بار عطا ٿيو ته بجا ٿيو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/01/2013

جي شمع ٻري ويندي، پروانا هليا ايندا



”نثار“ بزمي

غزل

جي شمع ٻري ويندي، پروانا هليا ايندا،
سينن ۾ کڻي سڪ جا، نذرانا هليا ايندا.

مَيخوار مُڙن ڇو ٿا، سُرڪيءَ ۽ سوائي کان،
جي جام پيا ڇلڪي، مستانا هليا ايندا.

آيا ته اجهو آيا، ويهڻ نه اصل ايندن،
ڳڻتي نه نوالي جي، نيرانا هليا ايندا.

جي رات اچي رهندين، ڪا ڪُلبهء اَحزان ۾،
لک منهنجي زبان تي پوءِ، شڪرانا هليا ايندا.

روئڻ نه چڱو آهي، پاڻي نه وهائڻ ڏي،
آباد ٿيڻ جي لئه، ويرانا هليا ايندا.

سوريءَ جو ٻُڌي هوڪو، بزدل ته ڀڄي ويندا،
سر هٿ تي رکي ليڪن، ديوانا هليا ايندا.

مُلن جي رَسائي آهه، مسجد جي تڏي تائين،
مَينوش جي هڪ سڏ تي، ميخانا هليا ايندا.

محلن ۾ رهن ٿا جي، تن جو ته زمانو آهه،
ٿڌڙو ڪو ڏسي پاڇو، بيگانا هليا ايندا.

مون کان نه پُڇي ڏس ڪو، تون حال زماني جو،
تعذير ڏيڻ جي لئه، ڪي دانا هليا ايندا.

جن پاڻ سڃاتو آهه، سي راند رچائي ويا،
هي راز زماني ۾، رندانا هليا ايندا.

تون ويهه اچي مون سان، ڳڻ ڳالهه نه ٻي ڪائي،
گڏ توکي ڏسي مون سان، پيمانا هليا ايندا.

’بزمي‘ تون قلم کڻ اُٿ، ڪاغذ به کڻي وٺ ڪو،
جنبش ۾ ڏسي توکي، افسانا هليا ايندا.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

چمن ۾ ٿا چتون چهڪن، بهار آيو، بهار آيو!


’نثار‘ بزمي
بهار آيو

چمن ۾ ٿا چتون چهڪن، بهار آيو، بهار آيو!
لَڙي ٿا لامَ تي لَڙڪن، بهار آيو، بهار آيو!

پَٽن پوشاڪ پاتي آ، کڻي پنهنجي مٿان سائي،
وهي اڄ واهه ٿا وهسن، بهار آيو، بهار آيو!

سکيا سڀ ٿي ويا سانگي، هليا ويا ڏول ڏولاوا،
ڏکيا سي ڪين ٿا ڏسجن، بهار آيو، بهار آيو!

مُئن کي ڀي جيارن ٿا، سهانا ڏينهن سانوڻ جا،
ٻڍا ۽ ٻار ٿا ٻهڪن، بهار آيو، بهار آيو!

ٿڌيون ٿر جون هوائون’ڀيروين‘ مان گيت ٿيون ڳائن،
گهُلڻ کان ڪين ٿيون گهٽجن، بهار آيو، بهار آيو!

نچي ٿي رات جي راڻي، ستارن جو رَئو پائي،
نظارا ٿا نوان نڪرن، بهار آيو، بهار آيو!

وڄائي بنسري هُن پار، ڪوئي دل جلائي ٿو،
سڄڻ جا سور ٿا سرڪن، بهار آيو، بهار آيو!

چنبيلي، موتيو، نرگس، گلابي گل ٽڙيا آهن،
اکيون تن ۾ وڃي اٽڪن، بهار آيو، بهار آيو!

پيهو ٻول ٿو ٻولي، ۽ ڪوئل ٿي ڪري ’ڪوڪو‘،
ڀنؤر ڏس ڌار ٿا ڀُڻڪن، بهار آيو، بهار آيو:

مٺي ميلاپ جي موسوم آئي آهيه واري سان،
اڱڻتي ڪانگ ٿا ڪَرڪن، بهار آيو، بهار آيو!

چٺيون هٿ ۾ جهلي، قاصد روانا ٿيا وٺي راهون،
اکيون ٿيون اوچتو ڦڙڪن، بهار آيو، بهار آيو!

گهٽائون ڪَرَ کڻي پنهنجا، نهارن ٿيون زماني ڏي،
هٿن ۾ جام ٿا ڇلڪن، بهار آيو، بهار آيو!

سنباهي هَرَ هليا هاري، خوشيءَ مان پنهنجي کيٽن ڏي،
سنهري سَنگ ٿا سٽجن، بهار آيو، بهار آيو!

ترايون تار ٿيون آهن، نه ’بزمي‘ غم رهيو آهي،
مُهاڻا مِير ٿا مُرڪن، بهار آيو، بهار آيو!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>