امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


27/06/2015

ڪنهنجا سڏڙا ۽ سڏڪا


گلشن لغاري

ڪنهنجا سڏڙا ۽ سڏڪا
ڪير سڻي ۽ ڪير سڻائي
هرجائي کي ڪير ٻڌائي

اکڙين کان جو اوجهل آهي، 
هجر انهي جو جان جلائي
هرجائي کي ڪير ٻڌائي

هانءُ اندر آ ڪهڙي هر کر
ڪيئن ڀلا ڪو پنڌ پڄائي
هرجائي کي ڪير ٻڌائي

سپنا سارا ڌنڌ ۾ ويڙهيل
ڌنڌ تان بادل ڪير هٽائي
هرجائي کي ڪير ٻڌائي

سار انهيءَ جي نيڻ ڀڄايا،
ساجن کي ڪوئي سمجهائي
هرجائي کي ڪير ٻڌائي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/06/2015

ڪنهن سان اوريان، دل جون ڳالهيون

غزل

احمد خان مدهوش

ڪنهن سان اوريان، دل جون ڳالهيون،
چوريان پوريان، دل جون ڳالهيون.

پنهنجي ليکي پنهنجي منهن سان،
ڏوريو ڏوريان، دل جون ڳالهيون.

تنهنجن نازن ۽ نخرن تان،
گهوريو گهوريان، دل جون ڳالهيون.

نيٺ ته تون ڀي سمجهي ويندين،
هوريان هوريان، دل جون ڳالهيون.

سوچون پنهنجي من مان ميڙي،
سوريو سوريان، دل جون ڳالهيون.

”مدهوش“، تن جي تارازيءَ ۾،
توريو توريان، دل جون ڳالهيون.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

شاعر هُجي ته پيار جو پيغامبر هجي

غزل

احمد خان مدهوش

شاعر هُجي ته پيار جو پيغامبر هجي،
پيشِ نظر نه جنهن جي اگر ۽ مگر هجي.

مُرشد هجي ته فيض ڀريو فيضورَ هجي،
جنهن جو ڪرم ڪثير، ڪريمي ڪثر هجي.

عالم هجي ته اُن ۾ عمل جو اکر هجي،
سهڻي صلاحيت جو وِهايل وکر هجي.

رهبر هجي ته رُوحِ روان راهبر هجي،
منزل جو آشنا هجي، خضرِ سفر هجي.

افسر هجي ته سَهوَ ڪندو درگذر هجي،
جنهن جي عنايتن جو کُليل خاص در هجي.

قاضي هجي ته داد سندو دادگر هجي،
انصاف جو امين، امانت جو گهر هجي.

ليڊر هجي ته ملڪ جو ڪو معتبر هجي،
جنهن جو عمل عظيم هجي، پُر اثر هجي.

حاڪم هجي ته اهڙو مڪمل بشر هجي،
خوش خُلق، نيڪ نام هجي، ناموَر هجي.

قاصد هجي ته گفتگو جو ڪارگر هجي،
جنهن جي زبان صاف سڌي سربسر هجي.

پورهيت هجي ته ماهرِ فن، باهُنر هجي،
مشغُول پنهنجي هاجَ ۾ شام و سحر هجي.


سائل هجي ته، سائلِ دولت نه زر هجي،
پنهنجي خدا جي در جو گداگر مگر هجي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سامهون سڄڻ هجي ۽ نظر ۾ نظر هجي

غزل

احمد خان مدهوش

سامهون سڄڻ هجي ۽ نظر ۾ نظر هجي،
پنهجي خبر هجي، نڪي ٻئي جي خبر هجي.

چاهيان اهو نٿو ته ڪو جنت ۾ گهر هجي،
دلبر جو در هجي ۽ سندس در تي سر هجي.

هاريو کٽيو نه آهه محبت ۾ ساربو،
مون کي لڳي ڀلي ڪَس توڏي ڪثر هجي.

هرگز نٿي ڪڏهن به محبت لڪي سگهي،
ڪيڏو کڻي حجاب هجي يا حَذر هجي.

ٻيو ڪجهه هُجي هُجي، نه هجي راهه عشق ۾،
پر جي هجي، فقط غمِ دلبر ثمر هجي.

ڪوئي بغير عشق جي پهچي نٿو سگهي،
توڙي مفاصلو ئي کڻي مختصر هجي.

ساقي نگاهِ مست هجي، رند ڀي هُجن،
محفل ۾ مئي ڪشي جو مزو رات ڀر هجي.

بيشڪ ڏجي انهيءَ کي ”مدهوش“ دل کڻي،
جنهن جي نگاهِ ناز ۾ ڪوئي اثر هجي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

وڻي ويئي اهڙي ادا دلربا جي

غزل

احمد خان مدهوش

وڻي ويئي اهڙي ادا دلربا جي،
جفا کي به سمجهي عطا دلربا جي.

سندس ناز نخري جو ڪاٿو ئي ڪونهي،
ڪريان سو ڪريان ڳالهه ڇا دلربا جي.

حجابي نگاهن جي معصوم شوخي،
تهه دل سان آهي بجا دلربا جي.

هُجان آءٌ جيتر به جيئرو جڳت ۾،
سُڻان صبح سانجهي ثنا دلبر جي.

خطا ڪار ٿي مون خطا جيتري ڪئي،
مٿم اوتري ٿي عطا دلربا جي.

ويهاري، ڌڪاري، جياري يا ماري،
اي ”مدهوش“ جيڪا رضا دلربا جي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دوست ڪنهن کان جدا خدا نه ڪري

غزل

احمد خان مدهوش

دوست ڪنهن کان جدا خدا نه ڪري،
ڪنهن کي هي غم عطا خدا نه ڪري.

منهنجي تصور ۾ تون هجين هر دم،
هڪڙي ساعت قضا خدا نه ڪري.


تنهنجي در جو بڻيو ته آهيان فقير،
ٻئي جي در جو گدا خدا نه ڪري.

منهنجو سينو ڳڀا ڳڀا ٿي وڃي،
تير تنهنجو خطا خدا نه ڪري.

روزِ محشر سواءِ تنهنجي، ٻي،
ڪائي مون کان پُڇا خدا نه ڪري.

توکي ويهاري سامهون ”مدهوش“
ڇا ڪري؟ جي، خدا خدا نه ڪري.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪيا ناز مون سان سڄڻ ڪهڙا ڪهڙا

غزل

احمد خان مدهوش

ڪيا ناز مون سان سڄڻ ڪهڙا ڪهڙا،
ڪريان ياد پرچڻ رُسڻ ڪهڙا ڪهڙا.

محبت ۾ ڇا ڇا ڏنوسين وتوسين،
سنڀاليان کٽڻ، هارجڻ ڪهڙا ڪهڙا.

پرين جايون جوڙيون اکين ۾ ۽ دل ۾،
اُجاريان سنواريان اڱڻ ڪهڙا ڪهڙا.

محبت جي مچ کي دُکائي دُکائي،
پگهاري ڇڏياسين پهڻ ڪهڙا ڪهڙا.

وڻي خوب مصرع هي ناظم جي مون کي،
”حياتي لنگهي وئي پتڻ ڪهڙا ڪهڙا.“

جين ٿا جهان ۾ ڪي ”مدهوش“ جهڙا،
مٺا مور ماڻهو مکڻ ڪهڙا ڪهڙا.

خبر و حشتِ دل جي ”مدهوش“ کان پُڇ،
ڏنا ڇال دل جي هَرڻ ڪهڙا ڪهڙا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اگر جڳ ۾ ڪائي وڏي ڳالهه آهي، ته واعده وفائي وڏي ڳالهه آهي


غزل

احمد خان مدهوش

اگر جڳ ۾ ڪائي وڏي ڳالهه آهي،
ته واعده وفائي وڏي ڳالهه آهي.

ڀلن سان ڀلايون ته هر ڪو ڪري ٿو،
بـَـّرن سان ڀلائي وڏي ڳالهه آهي.

سڄڻ تون ته تون آن، مگر تنهنجي در جو،
گداگر گدائي وڏي ڳالهه آهي.

سکن جا ته ساٿي سوين پر ڏکن ۾،
ٿيڻ حال ڀائي وڏي ڳالهه آهي.

نظر کي نظر سان ملائڻ آ سولو،
مگر آشنائي وڏي ڳالهه آهي.

اڱڻ تي اچي پير پائي نه پائي،
رُڳو هن جي ”ها“ ئي وڏي ڳالهه آهي.

اي "مدهوش" ڪنهن سان سلڻ جهڙي ناهي،
پرينءَ جا ٻڌائي وڏي ڳالهه آهي.​
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/06/2015

ڀِٽَ تي سارنگ لکان، برسات پئي



غزل

علي زاهد

ڀِٽَ تي سارنگ لکان، برسات پئي،
ڪُونڀٽن سان گڏ نچان، برسات پئي.

مسڪرائي ٿر سڄو، امبر سڄو،
مور جي کنڀن مٿان برسات پئي.

بادلو، هڪڙو ڪڪر ترسائجو،
هُوءَ نڪري جئن گهَران، برسات پئي.

عشق ۾ هوءَ راڳڻي، مان تانسين،
نانءُ هُن جو جي وٺان، برسات پئي.

مور چونري تان ڏئي ڀڙڪو چيو،
ڪو ڪڪر ڳولي اچان، برسات پئي.

ڪو ته ڪارونڀار کي ريڙهي اچي،
رُڃ کي ويڙهي رکان، برسات پئي.

ڄڻ پٿرجي هِن ويون زاهد اکيون،
سال گذري ويا منجهان برسات پئي.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

واحد وسائينس، آھون عالم جون سڻي

مصري شاه​

واحد وسائينس، آھون عالم جون سڻي.
موڪل ٿئي مينهن کي تل مَ ترسائينس.
وسائي واٽن تي اوڀڙ اڀائينس.
صاحب ساري سنڌ تي بادل برسائينس.
برڪت وجهي بحر ۾ هرجا هلائينس.
هو جي سر سڪي ويا سي واري وهائينس.
پکا پکن سامهان اوري اڏائينس.
هون سدائين هِتهين رب تون رهائينس.
"مصري" ملائينس، کنڊ وانگر کير ۾.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

20/06/2015

ڪاريون ڪٽاريون هن اکيون

غزل

ياسر منگي

ڪاريون ڪٽاريون هن اکيون
ڪيڏيون ته پياريون هن اکيون

تشبيهه تن کي ڪيئن ڏجي
جڳ کان نياريون هن آکيون

موهي وجهن هڪ ديد ۾
ڪيڏيون سگهاريون هن اکيون

دنيا تپايو آ وڏو
تو ئي ته ٺاريون هن اکيون

خاموش ٿيو اي حسرتون!
مس مس سمهاريون هن اکيون

تنهنجي اچڻ تي ديپ جان
رستي ۾ ٻاريون هن اکيون


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سج اڀري ، تاءُ ڪو جاڳي پوي

غزل

ڊاڪٽر خادم منگي 

سج اڀري ، تاءُ ڪو جاڳي پوي ،
برف مان درياءُ ڪو جاڳي پوي .

هِي ٺلهي دانشوري گهرجي نه ٿي ،
ڏِس ! متان داناءُ ڪو جاڳي پوي .

رات جي سيني ۾ ڪو نيزو هڻي ،
سج جهڙو گهاءُ ڪو جاڳي پوي .

تون ته لوليون ڏئِي سمهاريندين وتين ،
مان چوان ٿو ماءُ ! ڪو جاڳي پوي .

هيسيل هن ٻاگهِيون هن دور جون ،
ڇو نه دودو ڀاءُ ڪو جاڳي پوي .

ڪا چمِي گلنار جان ٽڙندي ضرور ،
چاهتن جو واءُ ڪو جاڳي پوي .


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/06/2015

گيتُ مڌر ڪو ڇيڙي ويٺو


غزل


منير پنهيار

گيتُ مڌر ڪو ڇيڙي ويٺو
دل جا زخم اُڊيڙي ويٺو

پنهنجون خوشيون ارپي ٻين کي
دردَ جهان جا ميڙي ويٺو

هو ڏس تنها تنها ماڻهو
جيون سان جنگ جهيڙي ويٺو

دل ۾ درد هزارين, پوءِ ڀي,
مکَ تي مُرڪَ پکيڙي ويٺو

ٽٽل دل جا ذرڙا ذرڙا
روئندي پاڻ سهيڙي ويٺو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

14/06/2015

مون ۾ مند لٿي هئي رات انڌاريءَ ۾

غزل

روبينه ابڙو

مون ۾ مند لٿي هئي رات انڌاريءَ ۾،
سهسين گل ٽڙي پيا منهنجي ٽاريءَ ۾.

آرائينءَ جي ساروڻين تي سوچيندي
مالهڻ جا سڀ گل سُڪي ويا کاريءَ ۾.

ٻُوڙي ۾ ها ماڪ ڦُڙا هن جي مُک تي،
رنگ سوين ڄڻ جرڪي پيا ها ڪاريءَ ۾.

جوت اکين ۾ جرڪِي جگنو جاڳي پيا،
ٻارن چنڊ ڏٺو ٿي رات تغاريءَ ۾.

عشق جو سارو تاڪيو ٿي ويو بي ڪارج،
تنهنجي بي ڌيانيءَ جي هڪڙي گهاريءَ ۾.

پيار سدائين دوکي جي آ دار چڙهيو،
ٻاجهارو مون روپ ڏٺو هو ماريءَ ۾.

نينهن جي مينهن ڀِڄائي آ هيءَ ڀونءِ وري.
ڦول ڦٽي پيا اوسيئڙي جي ٻاريءَ ۾.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/06/2015

تـــو ســـوا ٻـيـو جنم دل مڃي ئي نه ٿي،


غزل

علي زاهد

تـــو ســـوا ٻـيـو جنم دل مڃي ئي نه ٿي،
دلبــريءَ جـو قسـم دل مـڃـي ئـي نه ٿـي.

گـفـتـگـوءَ تـي پـئـي بــرف آ مــاٺ جــي،
ڪـو ڀــُريــو آ ڀــرم دل مڃـي ئــي نه ٿــي.

هـي اسان جون اکيون ۽ وکون تنهنجي لئه،
ٻـي ڪـا راھ و رسـم دل مــڃـي ئي نه ٿي.

دل جـلي مـون پَـلِـي پـر پـليـان ڪيتري؟
آ وڇــوڙو وهــم دل مــڃــي ئــي نه ٿــي.

ڪيئن چوان سوچ جون آڱريون هِنِ وڍيون،
سِـر قـلـم ٿـيـو قــلـم دل مـڃـي ئـي نه ٿي.

ڪـائــنــاتــون ســڄــون پــرتوو يار جو،
بُـتـڪـدي ۾ صـنـم! دل مـڃـي ئـي نه ٿـي.

يـار زاهــد! ڦِـريـو در پـريـنءَ جي پُڄين!
ٻِـي ڏِسـا ڏي قدم دل مڃـي ئي نـه ٿــي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>