امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


21/12/2017

لوڪ ساري ٿَي ڏٺو، هي دِيد جو دوکو نه هو


غزل

مقصُود گُل 

لوڪ ساري ٿَي ڏٺو، هي دِيد جو دوکو نه هو
باهه ڏيندڙ باغ کي پنهنجو ته هو، ٻيو ڪو نه هو

مطلبي انسان جا سڀ رُوپ ظاهر ٿي پيا
جڳ ڏٺو هو جابجا، خود غرض ٿيو ڪنهن جو نه هو

هُن چيو ”مذهب“ هُجي ۽ مُون چيو ”انسانيت“
سمجهَه جو ڦيرو هُيو، بس ٻيو ته ڪو جھڳڙو نه هو

چنڊ تي پهتو وڃي، جھنڊو هڻي ڌرتيءَ لٿو
عرش وارن ڀي ڏٺو، ”انسان“ هو، ٻيو ڪو نه هو

هورڙيان پيرن منجھان ڌرتي وڃي پئِي کِسڪندِي
پر اسان جي دوستن کي ڪو اڃا اُلڪو نه هو

مُلڪ جو نئين سر بڻايو آهه نقشو سازشن
مُون ڏٺو جاچي ته اُن ۾ سنڌ جو نقشو نه هو

هيٽرن تي بند ڪمرن ۾ سُتا، ڪنهن جا ڪُتا
ڪنهن جي ٻچڙي کي لُرِيءَ ۾ جسم تي چولو نه هو

ڪاغذي ”گُلَ“ کوڙَ گڏُ گُلدان ۾ مهڪن پيا
پر ڪٿي ڪمري اندر سُرهاڻ جو سونچو نه هو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/11/2017

تون پاڻ اچين يا خواب اچن، من مست ڪري احساس نچن

غزل 

سرمد چانڊيو

تون پاڻ اچين يا خواب اچن، من مست ڪري احساس نچن
هن ڌرتيءَ جا من ورتيءَ جا، سڀ رنگ پرين رچنا ۾ رچن

مان کيت خزان ۾ کيڙيان ٿو، ۽ سپنو سپنو ميڙيان ٿو
هيءَ ننڊ اکين مان ڦيڙيان ٿو، تون پاڙين شال وصال وچن

اڄ دم دم دلڙي ڌڙڪي ٿي، ۽ کاٻي اک به ڦڙڪي ٿي
وشواس پيا در کڙڪائن، ٿا پُور نوان پل پل ۾ پچن

تون آءُ هلي تون آءُ هلي، مون نيڻ وڇايا آڳر تي
پَرُ سال جيان ڪي هيل وري، ڀرپور نوان ميلا ته مچن

هِي پيار ته آهي کير ندي، چاندي کان چٽي، ڪڏهين نه ڦٽي
هن دير سوير جي دنيا ۾، سرمد نه ٿيو ڪو سور سچن.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/10/2017

تنهنـجي نيڻن ۾ پل ٽـڪــِي ڏسجي


غزل

عجب شيخ

تنهنـجي نيڻن ۾ پل ٽـڪــِي ڏسجي
جـڳ سـڄي کـان پــري رهِــي ڏسـجي

پَــرَ نه آهــن مـگـر ڪــري ڪـوشــش
آســمـانــن طرف ـ اُڏي ڏســــجـي

دوستيءَ جــي درياههَ گـهــري ۾ 
ڪجهه تَرِي يار ! ڪجهه ٻُڏِي ڏسجي

ڪيرُ جوڙي ٿو يا نه جوڙي ٿو
هڪڙو ڀيــرو کڻـي ڊهِــي ڏسجي

عـيــد گـذري پـئـي شـهــر ۾ ، پـــــــر 
ڳــوٺ جـهـڙي نه ٿـي خـوشـي ڏسـجي

ڇـا ٿي قـيـمت لـڳي اسـان جـي هِــتِ 
سِــرُ تــِرِيءَ تي عـجـبَ ! رکِـي ڏسـجي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

12/10/2017

گهاءُ ڪنهن جي ياد جو ڪُرندو رهيو


 غزل 

بيوس سجاد گاڏهي

گهاءُ ڪنهن جي ياد جو ڪُرندو رهيو
نـانءُ هڪـڙو هـانءُ ۾ هُـرنـدو رهيو

بـيـمـاري جي بـستـري تـي ڪـو مريض
پئـي خـدا کـان زنـدگـي گُـهـرنـدو رهـيو

جـُهـور پـوڙهـو ٿـي ويــو آخـر ڪَوِي!
پـر قـلم هـٿ ۾ سـنـدس چُرندو رهـيو

سنڌ تـنـهـنجي سينـڌ شل مـيري نه ٿيَ
سـوچ اِن ۾ جِـيءُ آ جُـهـرنـدو رهــيو

غـيـر سـان تـوکـي ڏِسي بـيـوس تڏهـن
مـوت جيَ آڙاھ ڏي سُرنــدو رهـيـو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اکين ۾ جاڳ او جانان سمهڻ جي آس ڏاڍي آ

غزل 

ديوانو ديدار گاڏهي

اکين ۾ جاڳ او جانان سمهڻ جي آس ڏاڍي آ
رسي ويا ڀاڳ او جانان سمهڻ جي آس ڏاڍي آ

اکـين ۾ ننڊ جا ديرا اڏي آخر اڏيان ڪهڙا
پري آ مـاڳ او جانان سمـهـڻ جي آس ڏاڍي آ

لکيو ويو ڀاڳ منهنجي کي انڌيري رات ۾ آھي
ڪچي ڄڻ واڳ اوجانان سمهڻ جي آس ڏاڍي آ

اسان ڳوليو سکيو جيون ملي ويا درد ڀاڳن ۾
رڙين جو راڳ او جانان سمهڻ جي آس ڏاڍي آ


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/10/2017

هُن حنا سان هو هٿيليءَ تي لکيو


غزل 

ساحر راهو

هُن حنا سان هو هٿيليءَ تي لکيو
نانءَ ڪنهنجو دل حويليءَ تي لکيو.

ڪنهن ڏُکويل ڏيک جو هو مرثيو.
نوڪ خنجر سان ڦُليليءَ تي لکيو.

ريت جي درياهه ۾ ٻيڙي ٻُڏي.
پاتڻيءَ نوحو سهيليءَ تي لکيو.

پياس جي صحرا ۾ رولي پاڻ کي.
گيتُ مون هڪڙي ٿريليءَ تي لکيو.

هار تي يا جيت تي کُٽندو سفرُ.
وقت انڌيءَ آ پهيليءَ تي لکيو.

باوضُو ٿي هڪ ستاري سانوري.
چنڊ جي مرضي چنبيليءَ تي لکيو.

زندگيءَ جي رات مون عُنوان سان.
هڪ فسانو دل اڪيليءَ تي لکيو.

پوش چهرن جا پُڳا پيغام ڇو.
داستان ساحر ڳهيليءَ تي لکيو.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

04/10/2017

دلـيـن جـي يـار ڌرتيَ تـي سـويـن احـسـاس جـاڳـن ٿـا



غزل

عاطف خاصخيلي

دلـيـن جـي يـار ڌرتيَ تـي سـويـن احـسـاس جـاڳـن ٿـا 
اڄـاتـا خــوف جـا مـن ۾ ڪـيـئـي راڪـاس جــاڳـن ٿـا

کـليــل ٻـانـهـون ڏسي تـنـهـنـجون سـتارا ڀي سُتا ناهن 
صـديـن جـا ٿـڪ هـونـدي ڀـي نـوان وشواس جاڳن ٿا

ٿيـا هن پـهـر ڪي هُن کي لنگـهـي وئي هوء هتان آهي 
ويـا ٿــي پـيـچـرا روشـن گـهــٽـيــن ۾ واس جـاڳـن ٿـا

اســان جـــو جــســم مــٽــي آ اهــو مــٽـيء ۾ لاهـيــو 
رڳـو اي وقــت تــو وٽ ڇـو صــدا انــگـاس جـاڳـن ٿـا

نه مون ۾ ڪو رهي مـجـنـون نه منهنـجو روح سيلاني 
الايـٔي پـوء بــه ڇـو مـن ۾ سـويـن بـنــواس جـاڳـن ٿـا

اسان جي روح جي رڻ تي نه ٿي ڪا ٻاجهه جي بارش 
ڪـيئـي عـاطـف جـيـان دل ۾ سـنـڀـال تـاس جـاڳـن ٿا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/10/2017

الائـــي ڪــيــر آ مـــون ۾، الائــي ڪــيــر آهــيــان مـــان؟

غزل

علي زاهد

الائـــي ڪــيــر آ مـــون ۾، الائــي ڪــيــر آهــيــان مـــان؟
مٽـيءَ تي ايئـن پـيـو آھـيان، مـٽـيءَ جـو ڍيـر آھيـان مان!

بــقــا جـي بــات نــاهــي ڪــا، فــنــا جـو فـلـسفـو آھـيـان،
ٽـڪـي پـيـو وقـت آ مـون ۾، جـڳـن جـو ڦـيـر آھـيـان مان،

اکين جي ساهميءَ تنهنجيءَ عجب هي تور ڪئي منهنجي!
رتي مـنـهـنـجو وزن نڪـتو! مون سمجهيو سير آھيان مان!

اوهــان جــي مــاڳ جـا مــنــظــر مـٺــي ڌنــڌلائـبـا هونـدا،
اگـهو بـس آرسـي پـنـهـنـجـي، گـهـڙيءَ جو مـير آھيان مان.

اهـي سج، چنڊ ،تـارن جون سـموريـون روشـنـيـون اڪري،
وڌيـو هـو بـيـخـوديءَ مان جـو عدم ڏي، پـيـر آهيان مـان.

پـڇــو ٿــا ڪـيـر آ زاهــد! ڪـٿــان آيـو، ڪـٿـي ويــنــدو؟
الائــي ڇــو نــٿــا ســمــجـهـو! الائــي ڪـيـر آھـيـان مـان.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

19/09/2017

ڪنهن به شيءَ کي اجائي، قبوليان ته ڪيئن

غزل

رحمت سومرو

ڪنهن به شيءَ کي اجائي، قبوليان ته ڪيئن
تـو بنــا هـيءَ خـدائي، قبـولـيـان تـه ڪيـئــن

هـڪ گـهـڙي جـي وڇـوڙي تـي لرزيو وجــود
هـڪ جـنمـ جـي جـدائي، قبـوليان ته ڪيـئن

دل کي پنـهـنـجـي اجـهـاـمــڻ تـي ئـي ناز هـو
روشـنــي ڪـا پرائـي، قـبـوليــان تــه ڪـيـئـن

آخـــري ســـاه کـــي هـــن تـــي ايــمـــان هــو.
هــوءَ نه آئــي، نــه آئــي! قـبـوليـان تـه ڪيئن

تنـهـنـجـي قـدمـن سـان ڌڙڪـن جي ترتيـب آ
هـاڻ ٻــي رهـنـمــائـي، قـبـولـياـن تـه ڪـيـئـن



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/09/2017

پيار جي درياھ ۾ ٻوڙڻـو ٿئـي ٻوڙ تون!

غزل

احمد گل

پيار جي درياھ ۾ ٻوڙڻـو ٿئـي ٻوڙ تون!
مان ٽُٽل ڪا آرسي جوڙڻو ٿئي جوڙ تون!

مس ڇڏائي جند آ زندگي جي ڏيھ کان!
ير ڀري ڀاڪيون هڻي لوڙڻو ٿئي لوڙ تون!

منهنجي جيون جو سبيل ڪو نئون چولو ڪٿي؟
عمر پنهنجي جو وڳو چوڙڻو ٿئي چوڙ تون!

مان حياتي کان ڊنل ڪئن اچان ويجهو ڀلا!
خوف جي ديوار کي ٽوڙڻو ٿئي ٽوڙ تون!

ريت جي آھي زبان خشڪ ساري ٿي وئي!
سمنڊ جو رُخ زندگي موڙڻو ٿئي موڙ تون!!

توکي ارپي مون ڇڏيو پنهنجي خوابن جو بدن!
ماس تنهن جو، اي زمان! روڙڻو ٿئي روڙ تون!!

سڀ خسارا تون ڇڏي کوجنا جي بر اندر!!
هاڻ احمد پاڻ کي ووڙڻو ٿئي ووڙ تون!!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/07/2017

شھر ڪراچيءَ کي وھنجارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي


بارش

امداد حسيني


شھر ڪراچيءَ کي وھنجارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي
منھنجي من ۾ ٻارڻ ٻارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

پنھنجون ، منھنجون ھنجون ھارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي
دل تان دُک جي ڌوڙ ڌئارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

پَرِ تہ وسندي مينھن ڀِناسين تون مان سِنڌو ساگر تي
وسريل ڪائي سارَ ڏيارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

بادل ڀرجي ڀرجي گرجي برسيا ، تِر بہ نہ سي ترسيا
ويدن جا اشلوڪ اچارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

مورُ ٽَھُوڪيو ، ڪويَل ڪُوڪيو ، تاڙي تاڙو تاڙَ ڪئي
ٺاري ٻارڻ ٻاري ٺارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

پاڻ بہ رؤنشي ڪوڏي ٻارن ساڻ ملي ٿي ٻارُ ٿئي
ڪاغذ جي ڏس ٻيڙيءَ تارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي..
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/07/2017

تو ۾ ٿوري جاءِ ملي ها، ايڏو ڇو رولاڪ هجان هان؟



ايوب گل

تو ۾  ٿوري جاءِ ملي ها،
ايڏو ڇو رولاڪ هجان هان؟

مون ته گُهريو هو سانجهي ٽاڻي
تنهنجي اُڀ جو تارو ٿيان هان

يا مان تنهنجي پيرن هيٺيان،
چانڊوڪي جو چارو ٿيان هان

مون ته گُهريو هو ٽاڪ منجهند جو
گهاٽي بڙ جي ڇانؤ ٿيان هان

ماڻهن کي مون منجھ ملين ها،
اهڙو تنهنجي نانءُ ٿيان هان

مون ته گُهريو هو رات لڙي جو،
تنهنجي ٻُڪ ۾ جُگنو ٿيان هان

توکي جيڪر ننڊ اچي ها،
نيڻ چُمان ها، سپنو ٿيان هان

تو ۾ ٿوري جاءِ ملي ها
ڌرتيءَ تي افلاڪ هجان هان

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/07/2017

ڌيري دم کڻ ڌيري هل



غزل

نارائڻ شيام

ڌيري دم کڻ ڌيري هل
آھ مجاز جو شيش محل

حُسن نظر جي ڇانوَ هئي
راه عمل ۽ ڏينهن تتل

لهر لهر ۾ لهر اُٿي 
هاڻ ته هڪ طوفان اجهل

رات جو راهي اچڻو آھ 
جل جل مشعل جل جل جل

شيام حيات جي حُسن مٿان
آھ ازل کان چريو اجل.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

27/06/2017

مهڪن تنهنجا واسطا مرڪي تنهنجي ديد

وسيم سومرو

مهڪن تنهنجا واسطا، مرڪي تنهنجي ديد
لمحو لمحو عيد، گذري تنهنجي زندگي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

11/06/2017

ڀروسو نه رک !



ڀروسو نه رک ! 

دادن فقير

جواني جي جوش تي، پرائي غوش ٿي
نشئي جي ياري تي نالي، واري ناري تي
اڪ جي سوٽي تي، پاڻي جي ڦوٽي تي
ڪچي سٽ جي تار تي، رنگيلي جي ٻار تي 
 ڀروسو نه رک

رنڊيءَ جي انجام تي، ڪميڻي غلام تي
رشوتي امين تي، اُٺي جي زمين تي
پاڻي جي ڇر تي، پرائي زر تي
سانوڻ جي مينهن تي، سياري جي ڏينهن تي
حاڪم جي چاهه تي، چور جي ويساهه تي
سدائين ساهه تي، ڪنوالي جي گاهه تي 
ڀروسو نه رک

پرائي مال تي، زناني ڳالهه تي
نوڪري نيچ تي، ڪچي جي پيچ تي
خيراتي خوراڪ تي، سُڃي جي اوطاق تي
اُڌاري سؤ تي، ڀت جي  ڍَو تي
شيشي جي گلاس تي، پرديسي جي پياس تي
ننڍن ٻارن تي، ڪارن وارن تي
 ڀروسو نه رک

گُلن جي هار تي، جواري يار تي
درياهه جي عار تي، کڏ نڙي جي شڪار تي
گهڙي جي چٽ تي، واپاري مِٽ تي
ڪاڇي جي دڳ تي، اڪاري جي پڳ تي
يار کوٽي تي، ٺڪر جي لوٽي تي
جهُڙ جي ڇانوَ تي، چيني جي ٿانوَ تي
”دادن“ ادا دم تي، ڪوڙي دنيا جي ڪم تي
ڀروسو نه رک

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/06/2017

اکين سان حال دل جا يار توسان اورڻا پوندا

غزل

عطا محمد حامي

اکين سان حال دل جا يار توسان اورڻا پوندا
زبان خاموش رھندي چپ نه ھرگز چورڻا پوندا

محبت ۽ مصيبت جا ڪيئي مرحلا ايندا
ڪشالا ڪاٽبا ڏونگر ڏکن جا ڪيئي ڏورڻا پوندا

جڏهن تشريف فرما حسن جي سرڪارھت ٿيندي
قيامت خيز قدمن جي مٿان سر گھورڻا پوندا

سکائون باسبيون پيرن تي پڙ وجھبا چلا ڪڍبا
سوين سڪ جا سڳا تنھنجي ملڻ لاء سورڻا پوندا

پچڻ پڄرڻ جلڻ کامڻ جا مزا وٺبا ڪيئي 
جدائي ۾ جگر دل جان ۽ تن من جھورڻا پوندا

مٺن ماڻھن اڳيان حامي مٺو ڳالھائڻو پوندو
زبان کولڻ کان اڳ۾ حرف سارا تورڻا پوندا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

20/04/2017

هيو وڇڙڻو جي ملياسين اسان ڇو؟

غزل

امتياز دانش

هيو وڇڙڻو جي ملياسين اسان ڇو؟
ٽڙي ڦول وانگي ڇڻياسين اسان ڇو؟

وري پاڻ کي جي هيو ايئن ٽٽڻو
ٽٽي هڪڙو ڀيرو جڙياسين اسان ڇو؟

هيو پاڻ کي روئڻو عمر ساري 
گهڙي هڪ به ڇا لئه کلياسين اسان ڇو؟

اڃا ڪيترو وقت هو پاڻ کي پر 
اڳي وقت کان ئي ٿڪاسين اسان ڇو؟

جڏهن هاڻ تعلق رهيو ناهه تو سان !
ڪري ياد توکي رناسين اسان ڇو؟

ڪيو ڪنهن نه ڪڏهين اسان کي مڪمل
” اڌورا اڌورا رهياسين“ اسان ڇو ؟

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مُحبتن جي نکارن لئہ سينگارن ۽ سَنوارڻ لاءِ

گيت

عبد الغفار تبسم

مُحبتن جي نکارن لئہ سينگارن ۽ سَنوارڻ لاءِ،
چڪيل چاڪن سان چؤنڪن تي به چيچلائڻ ضروري آ،
ضروري آ ته ڪَکَ پَنَ تي وَفا جا واعده لِکجن،
ها پوءِ تن کي پاڪائين سان پَڙهي پاڙڻ ضَروري آ.

ڊِسَمِبَرَ، جَنوريءَ کان پو مُوسَمَ جي گَردشن موجب،
مان سَيهٽيو هو مون لاءِ هاڻي سَڙيو سانوڻُ ضروري آ،
وَصُلَ جي راحَتُنَ جا ڪيف ماڻي ڍئوَ ڪَيمِ جَڏهن،
انهيءَ کان پوءِ لازم ٿئي ٿو هِجرُ ڀوڳڻُ ضَروري آ.

چَنبيلين، رابيلن، مُوتِين، وَلين وَلهارين وانگي،
تُنهنجي مُحَبَتَ جون سُرهاڻيون اوتيون مان خُوشبوئن وانگي،
تنهنجي سونهن جي سُڳنڌن کي جڏهن سانڀيو ساهَنِ وانگي،
تڏهن پِڻُ فرضُ ٿيو مُون تي تُوکان وِڇِڙَڻُ ضَروري آ.

مُنهنجي بي لوثُ چاهڻَ کي جَڏهن عِشِقَ غَرضُ پئي ڄاتو،
مُنهنجي اڻکٽُ وَفائُنِ کي فَقَطِ مُنهنجو فرضُ پئي ڄاتو،
تنهنجين مَغرورين جَڏهن تُوکي ان موڙ تي آندو،
تڏهن ”تبسم“ کي سوچ آئي جدائي ٿيڻ ضروري آ.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/04/2017

رھبري هڪڙي طرح جي، قافلا ٻي طرح جا

غزل

ج ع منگهاڻي

رھبري هڪڙي طرح جي، قافلا ٻي طرح جا
رھزنی ھڪڙي طرح جي، رهنما ٻي طرح جا

مقتلن جي افتتاحن تي ڏسائون ڇرڪيون
ڪربلا هڪڙي طرح جي، زلزلا ٻي طرح جا

بیوسيء جي حد آهي هاڻ وستيء ۾ ابور
استدعا هڪڙي طرح جي، واقعا ٻي طرح جا

حق تي آهن سموريون مچ واريون محفلون
ثابتي هڪڙي طرح جي، رابطا ٻي طرح جا

حسن جي ڀي آرزو آهي تہ خوداریون کپن
عاشقي هڪڙي طرح جي، آشنا ٻي طرح جا

تاس جي هر آس کي موکيءَ ڏنو مرڪي جواب
تشنگي هڪڙي طرح جي، ميڪدا ٻي طرح جا

تخت ڀي ٽڪرا لڳي ٿو، ڪرسيون ڀي چچريون
ثالثي هڪڙي طرح جي، فيصلا ٻي طرح جا

جاڳ جي رت ۾ منگهاڻي ساب اوجاڳا پيا
شاعري هڪڙي طرح جي، معجزا ٻي طرح جا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

لڙڪن جو پڙلاءُ نہ ڪر، ايڏو ڀي ڏيکاءُ نہ ڪر


غزل

ج ع منگهاڻي

لڙڪن جو پڙلاءُ نہ ڪر
ايڏو ڀي ڏيکاءُ نہ ڪر

صدين تائين وکري ويندين
سوچن جو ٽڪراءُ نہ ڪر

ڪونهي ڪو ڀي ويڄ طبیب
گهرو ايڏو گهاءُ نہ ڪر

لڀجي سگهندين ڪين ڪٿي
سورن سان سرچاءُ نہ ڪر

ماٺ مٺيءَ ۾ وينديس آنءُ
مونسان ڪوئي داءُ نہ ڪر

ميڻ جيان مان وگهري وينديس
باھ جيان ڪو تاءُ نہ ڪر

ڪاوي جهڙو من اسان جو
لفظن جو پٿراءُ نہ ڪر

جيون اڳ ئي کارو ٻاڙو
ويتر ڪۇڙو ساءُ نہ ڪر

ڪين منگهاڻي لاهي سگهندي
ٿورن جو ورجاءُ نہ ڪر

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/04/2017

دل به وئي دلبر به ويو، آئون ڪيئن سهان اهي سور ٻئي

دل ۽ دلبر

حاجي احمد ملاح

دل به وئي دلبر به ويو، آئون ڪيئن سهان اهي سور ٻئي،
خواه ميڙين، خواه مارين، مون ڪيون منظور ٻئي.

خاص خدمت ۾ رهيو ٿي، چنڊ چوڏهين ماه سج،
در تي دربانيون ڏٺم پلپل، پري ۽ حور ٻئي.

اڄ سڄڻ سرمون وجهي، سهسين ڪيا سينگار هار،
گرز گز گهائين ڀلين، گهوڙا ! نه مٽ هڪ گهور ٻئي.

پيچ پائي منجه پسه، قابو وڌم ڪاڪل قريب،
من مڙهيم محبوب سان، جيئن مينهن ڪنڍي جا پور ٻئي.

پهلوانن جون پتيون، لاهيو لڙائي ۾ وجهن،
جنگ ۾ جاڙا ڀرون، ڀالا هڻن ڀرپور ٻئي.

پنبڻيون ڪنهن پر نه پوريون، ڳاله هڪ هر گز هلن.
دم ڇڪينم، دل تڪينم، دم ڌڪينم، دور ٻئي.

جان جليم جوش ۾، جلوو پسي جانب جمال،
جوت جاڳي ات، جتي گڏجن تجلي طور ٻئي.

عشق ”احمد“ ساري، نت رواڙيم رت ڦڙا،
محب ۽ محبت گڏيم ، ميثاق کان مغرور ٻئي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هٿن کان اسانجي هو پري هو گُلاب

غزل

مور ساگر

هٿن کان اسانجي هو پري هو گُلاب،
تنھن کي نه ماڻين سگهيو ڪوئي خواب.

عجب آ تون ئي نه سمجهي سگهيو آن،
ورنه هي چھرو ته کُليل هو ڪتاب.

شِيشا نه رستن تي پکيڙيو او لوگو!
گُناهن کان پو آ گُذرندو ثواب.

مان پياڪ ناهيان پر پيئڻ ٿو چاهيان،
پيارين جي پنھنجي جوڀن جو شراب.

ڪڏهن ته خوشين جو سبب ٿي پئه تون،
ٿي اکين ۾ سدائين رهيو آهين آب.

’ساگر‘ تو سواءِ اڪيلو رهيو هان،
توڻي جو اڪيلائي وڏو آ عذاب.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪير آھي، جنھن کي ويھي سارجي؟

غزل

اميد خيرپوري


ڪير آھي، جنھن کي ويھي سارجي؟ 
ڪنھن جي خاطر زندگاني ڳارجي؟

ڪيترو مايوس بڻجي گھارجي؟ 
ڪيستائين جان کي آزارجي؟

ڏينھن جو ھرگز نـ ڏيئو ٻارجي
نانگ کي جيئرو نـ ڇڏجي، مارجي

پيٽ سان پٿر ٻڌي، مھراڻ مان
پاڻ کي جي تارڻو آ، تارجي

پر ھڻي، ٿو ڏند ڏيکاري ڇڏي
دل نـ ٿي چاھي تـ چمڙو ڌارجي

اڄ جي يارن سان رکي ياري ”اميد! “
ڄڻ تـ ڊنگھرن تي اٽو ٿو ھارجي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اسان جي عمر ئي ڳاري، پڇو ٿا: ڪيئن پئي گذري؟

غزل

امراقبال

اسان جي عمر ئي ڳاري، پڇو ٿا: ڪيئن پئي گذري؟ 
ھٿن سان پاڻ ئي ماري، پڇو ٿا: ڪيئن پئي گذري؟

ڏسو ٿا پرڀرو بيھي، اکيون مرڪن اوھان جون ٿيون
ھوا ۾ ديپ جيان ٻاري، پڇو ٿا: ڪيئن پئي گذري؟

سموريون تلخيون سائين!،اسان جي ئي طرف سوري 
اڌيڪي جام جيان ھاري، پڇو ٿا: ڪيئن پئي گذري؟

ڏسو! ڪي گھاو گلڙن جيان، ٽڙيا ھن دل جي ڌرتيءَ تي
گھنگھر ۾ جيءُ پيو گهاري، پڇو ٿا: ڪيئن پئي گذري؟
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

پيار وارا پيچرا تاريو اچان

غزل

وسيم سومرو

پيار وارا پيچرا تاريو اچان
واءَ ۾ خوشبوءِ ٿو هاريو اچان

اڄ بہ اونداهي تکي طوفان ۾
مان اميدن جو ڏيئو ٻاريو اچان

موسمن جا رنگ سڀ مُٺ ۾ کڻي
تو طرف ٿو وقت کي واريو اچان

آخري ڀيرو جتي وڇڙيو ھُئيين
مان انهيءَ ٿو موڙ کي ساريو اچان

ڪين مان گھٻرائيان ڪنهن ڪُن کان
ڪاش سُھڻيءَ جئن گهڙو تاريو اچان

ڇو شهر آهي ويو پٿرائجي
زندگيءَ توکي ٿو جھُونگاريو اچان

مان سٽن ۾ جوت نيڻن جي ڀري
نقش جيون جا ٿو سينگاريو اچان

سج جيئن احساس جي گرمي ڏئي
ٿو بتن جي برف کي ڳاريو اچان

آئون پنهنجي پيار جون هڪ هڪ ڪري
پاڻ سان ڳالهيون ٿو ويچاريو اچان

ٿي اکين ۾ خواب ساحل جو وسيم
سمنڊ مان ٻيڙي ٿو هاڪاريو اچان

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

روز تارن ۾ اوجاڳا، اٽڪي پون

وائي

عبد الغفار تبسم

روز تارن ۾ اوجاڳا، اٽڪي پون
ننڊ ڪيئن آئون ڪريان.

لمحا ڪوڪا ۽ ڪنڊا ٿي، ٽُنبجي پون
ننڊ ڪيئن آئون ڪريان.

سمونڊ ويرون ساروڻيون، لهن ۽ چڙهن
ننڊ ڪيئن آئون ڪريان.

ڀورا ڀورا ٿي، شيشا اکين ۾ ڀُرن
ننڊ ڪيئن آئون ڪريان.

تنهنجي تاڃي پيٽي مان، نه نڪري سگهن
ننڊ ڪيئن آئون ڪريان.

يادون ديويءَ جي جُڳهٽي جين جهَپُ هڻن
ننڊ ڪيئن آئون ڪريان.

مون کي بولائيو هو، ازل کان پرين
ننڊ ڪيئن آئون ڪريان.
 ..

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/03/2017

جي پنهنجو پنهنجو نور نچائي ويا، ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا

شيخ اياز

جي پنهنجو پنهنجو نور نچائي ويا، ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا
سي لُڙڪ مٽيءَ ۾ لـــــوئــــي ويا، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا
سي وڻ وڻ لوڏي واءُ ٿيا ، سي پَن پَن ۾ پرلاءُ ٿيا
جي بَن بَن بِينَ وڄائي ويا ، جي تن من واري ڳائي ويا

مون ڌرتي تُنهنجا ڌِڱ ڏٺا ، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا
جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني ، سي وارا وير وڄائي ويا
اڄ ڪو به ڳچيءَ ۾ ڳٽ نه آ ، ڪو مُڙس انهن جو مٽ نه آ
جي سارا ڪوٽ اَڏائي ويا ، سي گھوٽ اسان کي گھائي ويا

مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا ، مون سوريءَ تي سو مان ڏٺا
اي ڌرتي! ڇا ڇا ڪونڌر ها ، جي پنهنجا ڪنڌ ڪَپائي ويا
مون ويندي تن جا پير ڏٺا ، مون ڇا ڇا مُڙس مٿير ڏٺا
جي ڪيئي سِج اڀاري ويا ، جي ڪيئي سِج سمائي ويا

مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏِٺا ، مون ساڻا ساڻا سَنڌَ ڏٺا
مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا ، جي لوئيءَ لڄ بچائي ويا
سي جيءَ جيارا ماڻهو ها ، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها
جن ساهه ڏئي ، ويساهه ڏنو ، جي دل ۾ درد دُکائي ويا

هو بادل بادل آيا ها ، جن جَل ٿَل ڀال ڀَلايا ها
اي کيت کِڙو ، او شال ٽِڙو ! هُو پنهنجا مينهن وسائي ويا
ويا پريت ڏئي هُو پاڻيارا ، اڄ ڪينجھر تن جا ڪاڻيارا
ڇا راڱا تن سان رُڃ ڪيا ، جي تنهنجي اڃ اجھائي ويا

هُو پيار پتنگا کامي ويا ، ۽ ڪيڏو دُور اڏامي ويا
پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾ ، هُو پنهنجي جوت سمائي ويا
ڪلهه رات مسافر آيا ها ، جن پنهنجا جيءَ جلايا ها
ٿي ڇا ڇا ڄرڪا ڄاڻَ ڪري ، هُو ڪيڏا مَچ مچائي ويا

ڇا ڇا نه وسيِهَر ـــــــــــــــ وَنگَ هُيا ! پر نانگا يار نسنگ هُيا
ڪي تُنهنجو رُوپ نِکاري ويا ، جي تنهنجي سينڌ سَجائي ويا
ڇا نعرا ها ڇا نينهن هُيا ! هئه مڙس هُيا يا شينهن هُيا
جي ڏونگر ــ ڏيل ڏڪائي ويا ، گجگوڙ ڪري گرمائي ويا

آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا ، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا
جي سارو جڳُ جرڪائي ويا ، پر پنهنجو پاڻ ملهائي ويا
جِن پاسو ورتو ڪُوڙ ڪنان ، هي مُڙس نه ويندا مُور مَنان
جن واڪي واڪي وَس ڪيا ، جي سارو سچ ٻُڌائي ويا

اڄ ڇوهَه انهن جا ڇوليءَ ۾ ، اڄ ٻولَ انهن جا ٻوليءَ ۾
اي ڌرتي! تُنهنجيءَ جھوليءَ ۾ ، جي سُورهيه سِيس ڇُپائي ويا
هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل ، هي جھوليءَ جھوليءَ ۾ گُل ڦُل
ويا سانول ڇا ڇا سَڳ ڇڏي! ڇا جَندڙيءَ کي جَرڪائي ويا 

ڇا سمجهي تن کي جيءَ جَڏي ، آ تِن جي ڳاڙهي ڳالهه وڏي
ها ڇا ڇا ارڏا ڪَنڌ اَڏي ! جي تو کي مَيندي لائي ويا
هي بِرهه به ڪوئي بَڙُ آهي! ڇا جانٺي اُن جي جَڙَ آهي
مون اُن ۾ ڪيڏا ڏار ڏٺا ، جي ڇانو ڪري ، مَن ڀائي ويا

اي آري! تنهنجي آڍَ هُئي ، پر ڏونگر ڏاڍا ڏاڍ ڪيا
هِي تُنهنجا پيارا پيرا ها ، جي پنهنجو پنڌ پُڄائي ويا
ڪِئن تو کي ڪاري ٻاٽَ مڃان ، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃا
آ ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم لاٽ اڃا ، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا

هيءَ جان ته اچڻي وڃڻي آ ، پر مرندي مات نه مڃڻي آ
مون اهڙا سو ساونت ڏٺا ، جي پنهنجو هَٺ هلائي ويا
ڏسُ! باک ڀليري آئي آ ، ڏِسُ! سَنڌُ مٿان سَرهائي آ
ڇو تن جي لاءِ ”اياز“ رُنين ، جي مارُو ماڳُ مَٽائي ويا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

28/02/2017

بي خواب هوا آئي

بي خواب هوا آئي

احمد سولنگي

جنهن وقت کِلي مون تي، آ رات جي تنهائي،
اکڙيون نه اُگهيون ڪنهن ڀي، دل ڪنهن به نه پرچائي-
بي خواب هوا آئي،
بي خواب هوا آئي.

معصوم محبت جا، لمحا هي سَڙن ڇو ٿا؟
۽ دل جي قبيلي جا، خيما هي سَڙن ڇو ٿا؟
ڪنهن ڇو نه ڪئي دل جي، دل ساڻ مسيحائي-
بي خواب هوا آئي،
بي خواب هوا آئي.

جَهٽَ اک نه لڳي رڻ جي، رولاڪ پکين جي آ،
ڄڻ سانت سِبي سوڙهي، پوشاڪ پکين جي آ،
ڪنهن طرف ڪڏهن گُونجي، ڪا گُونجَ نه صحرائي-
بي خواب هوا آئي،
بي خواب هوا آئي.

آواز ويا وسري، نغما به ويا وسري،
واڪا نه وڻن ۾ ۽ جهؤنڪا به ويا وسري،
ماحول ڪيو ڪيڏو، سُرَ، سازَ کي سودائي-
بي خواب هوا آئي،
بي خواب هوا آئي.

چُپ چاپ سڄو صحرا، چُپ چاپ سمندر آ،
چُپ چاپ ڌمالون ۽ چُپ چاپ قلندر آ،
چُپ چاپ ٽُٽن تارا، چُپ چاپ اڪيلائي-
بي خواب هوا آئي،
بي خواب هوا آئي.

ڪو پَرُ به نه خوابن کي، اُڏرڻ جي رکان خواهش،
آڪاش، منڊل سارا، اڪرڻ جي رکان خواهش،
رفتار اُتم اهڙي، مان اُن جو تمّنائي-
بي خواب هوا آئي،
بي خواب هوا آئي.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

04/02/2017

ڪيئن هُٻڪار کان هٽي ماڻهو؟

غزل

اقبال رند

ڪيئن هُٻڪار کان هٽي ماڻهو؟
ڪيترو روح کي ڦٽي ماڻهو؟

منهن مٽي جو وَيو زمانا ٿيا
ڪاش! هن موڙ تان مٽي ماڻهو

ڪيئن چئجي ته پيار هارائي
پوءِ ڀي کوڙ ٿو کٽي ماڻهو

ڪو ته آڪاش جئن به هوندو آ
پر ته هرڪو نٿو پٽي ماڻهو

روز ٿو انت پاڻ تي آڻي
روز ٿو پاڻ کي لٽي ماڻهو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هڪ دفعو ڀاڪر ڀريو تو، سيءَ ۾

غزل

سعيد سومرو

هڪ دفعو ڀاڪر ڀريو تو، سيءَ ۾،
عمر مان ڏڪندو رهيس پو، سي ۾.


هير ٿڌڙيءَ سان گھٽيءَ مان حيدري،
ڪئن نه ’حق حق‘ ٿي ڪندو ويو، سيءَ ۾.

گرم تنهنجن قربتن جي مٽ نه آ،
ساٿ تنهنجين سارڻين جو، سيءَ ۾.

ڇا ٿيو، جي لاهي چادر پيرَ تان،
ساڌ ننگي تي وڌي تو، سيءَ ۾.

چاندنيءَ ۾ پيچرا ڪو پُور هن،
ماٺ کي آ تنهنجو لهجو، سيءَ ۾.

صبح ساجهر ريڙهي ڪڍندي روڊ تي،
ڪيڏو ٿڙڪي ٿو ڪراڙو، سيءَ ۾.

ڪير نڪري سڏ ورنائي ’سعيد!‘
ديش سارو، سانت - سوگھو، سيءَ ۾.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

02/02/2017

کيس چئجو هتان گذر نه ڪري

غزل

اقبال رند

کيس چئجو هتان گذر نه ڪري
شهر جو شهر دربدر نه ڪري

کيس چئجو نئي جواني آ
شام جي پهر تي قهر نه ڪري

کيس چئجو ته عارآ جوڀن جو
تيستائين ڀلا ڪڪر نه ڪري

کيس چئجو ته ايترو نکري
جو صنم نيڻ مختصر نه ڪري

کيس چئجو اکيون ٿڪي پونديون
منظرن جو ڊگهو سفر نه ڪري
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

19/01/2017

اَکِ اَکِ سان رکي ياري، دِل دِل سان ڳنڍيو ناتو

عبدالغفار تبسم

اَکِ اَکِ سان رکي ياري، دِل دِل سان ڳنڍيو ناتو، 
پرين پيار جو تو مان ڪو نئون پيچ ڪوئي پاتو.

شوق منجھ ڇڄي ڇاتي، تو پريت اھڙي پاتي، 
ٻَکَ بوسا، ڪوسا ڀاڪر، دل پوءِ بہ اڃان آتي، 
جيڏي تو سونھن سونپي، تيڏو اندر آتو، 
پرين پيار جو تو مان ڪو نئون پيچ ڪوئي پاتو.

اَکِ اَکِ سان جڏھن اَٽِڪي شوق شُعلا شُعلا ٿي پيو، 
دل دل سان ملي جڏھن عشق آگ اُلا ٿي پيو، 
مَنَ مچ ٿي ٻريو جڏھن تو ڇاتيءَ سان لاتو، 
پرين پيار جو تومان ڪو نئون پيچ ڪوئي پاتو.

تن تانگھ سڄو تبسم، سِڪَ سمنڊ آ من سارو، 
ڇر ڇوليون سينو منھنجو، تہ بہ ڄڻ ساڳو تاسارو، 
ڍَوَ سان ڀي نٿو ڍاپان، اھڙي اُڃ بڇي آ تو، 
پرين پيار جو تو مان ڪو نئون پيچ ڪوئي پاتو.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>