امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


17/03/2017

جي پنهنجو پنهنجو نور نچائي ويا، ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا

شيخ اياز

جي پنهنجو پنهنجو نور نچائي ويا، ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا
سي لُڙڪ مٽيءَ ۾ لـــــوئــــي ويا، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا
سي وڻ وڻ لوڏي واءُ ٿيا ، سي پَن پَن ۾ پرلاءُ ٿيا
جي بَن بَن بِينَ وڄائي ويا ، جي تن من واري ڳائي ويا

مون ڌرتي تُنهنجا ڌِڱ ڏٺا ، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا
جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني ، سي وارا وير وڄائي ويا
اڄ ڪو به ڳچيءَ ۾ ڳٽ نه آ ، ڪو مُڙس انهن جو مٽ نه آ
جي سارا ڪوٽ اَڏائي ويا ، سي گھوٽ اسان کي گھائي ويا

مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا ، مون سوريءَ تي سو مان ڏٺا
اي ڌرتي! ڇا ڇا ڪونڌر ها ، جي پنهنجا ڪنڌ ڪَپائي ويا
مون ويندي تن جا پير ڏٺا ، مون ڇا ڇا مُڙس مٿير ڏٺا
جي ڪيئي سِج اڀاري ويا ، جي ڪيئي سِج سمائي ويا

مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏِٺا ، مون ساڻا ساڻا سَنڌَ ڏٺا
مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا ، جي لوئيءَ لڄ بچائي ويا
سي جيءَ جيارا ماڻهو ها ، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها
جن ساهه ڏئي ، ويساهه ڏنو ، جي دل ۾ درد دُکائي ويا

هو بادل بادل آيا ها ، جن جَل ٿَل ڀال ڀَلايا ها
اي کيت کِڙو ، او شال ٽِڙو ! هُو پنهنجا مينهن وسائي ويا
ويا پريت ڏئي هُو پاڻيارا ، اڄ ڪينجھر تن جا ڪاڻيارا
ڇا راڱا تن سان رُڃ ڪيا ، جي تنهنجي اڃ اجھائي ويا

هُو پيار پتنگا کامي ويا ، ۽ ڪيڏو دُور اڏامي ويا
پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾ ، هُو پنهنجي جوت سمائي ويا
ڪلهه رات مسافر آيا ها ، جن پنهنجا جيءَ جلايا ها
ٿي ڇا ڇا ڄرڪا ڄاڻَ ڪري ، هُو ڪيڏا مَچ مچائي ويا

ڇا ڇا نه وسيِهَر ـــــــــــــــ وَنگَ هُيا ! پر نانگا يار نسنگ هُيا
ڪي تُنهنجو رُوپ نِکاري ويا ، جي تنهنجي سينڌ سَجائي ويا
ڇا نعرا ها ڇا نينهن هُيا ! هئه مڙس هُيا يا شينهن هُيا
جي ڏونگر ــ ڏيل ڏڪائي ويا ، گجگوڙ ڪري گرمائي ويا

آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا ، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا
جي سارو جڳُ جرڪائي ويا ، پر پنهنجو پاڻ ملهائي ويا
جِن پاسو ورتو ڪُوڙ ڪنان ، هي مُڙس نه ويندا مُور مَنان
جن واڪي واڪي وَس ڪيا ، جي سارو سچ ٻُڌائي ويا

اڄ ڇوهَه انهن جا ڇوليءَ ۾ ، اڄ ٻولَ انهن جا ٻوليءَ ۾
اي ڌرتي! تُنهنجيءَ جھوليءَ ۾ ، جي سُورهيه سِيس ڇُپائي ويا
هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل ، هي جھوليءَ جھوليءَ ۾ گُل ڦُل
ويا سانول ڇا ڇا سَڳ ڇڏي! ڇا جَندڙيءَ کي جَرڪائي ويا 

ڇا سمجهي تن کي جيءَ جَڏي ، آ تِن جي ڳاڙهي ڳالهه وڏي
ها ڇا ڇا ارڏا ڪَنڌ اَڏي ! جي تو کي مَيندي لائي ويا
هي بِرهه به ڪوئي بَڙُ آهي! ڇا جانٺي اُن جي جَڙَ آهي
مون اُن ۾ ڪيڏا ڏار ڏٺا ، جي ڇانو ڪري ، مَن ڀائي ويا

اي آري! تنهنجي آڍَ هُئي ، پر ڏونگر ڏاڍا ڏاڍ ڪيا
هِي تُنهنجا پيارا پيرا ها ، جي پنهنجو پنڌ پُڄائي ويا
ڪِئن تو کي ڪاري ٻاٽَ مڃان ، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃا
آ ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم لاٽ اڃا ، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا

هيءَ جان ته اچڻي وڃڻي آ ، پر مرندي مات نه مڃڻي آ
مون اهڙا سو ساونت ڏٺا ، جي پنهنجو هَٺ هلائي ويا
ڏسُ! باک ڀليري آئي آ ، ڏِسُ! سَنڌُ مٿان سَرهائي آ
ڇو تن جي لاءِ ”اياز“ رُنين ، جي مارُو ماڳُ مَٽائي ويا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>