امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


13/12/2016

سکي جون رهن ٿيون سنڀارون اسانکي

غزل

مرتضى ڦل

سکي جون رهن ٿيون سنڀارون اسانکي 
پري کان سڏن ٿيون پڪارون اسانکي

ٻه ٽي لڙڪ آڇي وري هي کلن ٿيون 
جتي راھ اٽڪيون نهارون اسانکي

اسان ٻانهن تو ۾ شھادت قبولي
ڇنڻ جون نه ڏي تون ميارون اسانکي

اوهان ويس ڳاڙھو ڪيو آھي شايد
تڏھن هي وڻن ٿيون بهارون اسانکي

حجابن ۾ ويڙھي رکو ٿا بدن ڇو
چون ٿيون ته گج جون ستارون اسانکي

اهي وار پڃرا ڪري تو ته آندا 
وري ياد آيون اڏارون اسانکي

اڃان ڀٽڪندا ٿا رهون مرتضي جو
اڪيلو ڪري ويون قطارون اسانکي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تون ڳالھه ڪرين ٿو زلفن جي، مان اڻڀن اڻڀن وارن جي

تون ڳالھه ڪرين ٿو زلفن جي، مان اڻڀن اڻڀن وارن جي،
تون ڪُوڪ سُڻين ٿو ڪوئل جي، مان پيٽ بکايل ٻارن جي،
غير ته آخر غير ئي رھندو، غير تي ناھي ڪائي ميار،
جا ماري ٿي سا ڳالھه ٿي ماري، پنھنجي ديس جي 'يارن' جي.

(عمر ملاح)
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/12/2016

متان ڪا رات رُلائي، قضا جي رستي ۾

غزل

احمد سولنگي

متان ڪا رات رُلائي، قضا جي رستي ۾،
ڇڏياسين ديپ جلائي، هوا جي رستي ۾.

رکيو آ روح تي پٿـر ۽ گُل نگاهن ۾،
وقار دل جو وڌي ويو وفا جي رستي ۾.

نيون ڪي ڏند ڪٿائون پيون جُڙن ڪيڏيون،
لٿا خدا جا مخالف، خدا جي رستي ۾.

ضعيف ديس جو جوڳي لباس گيڙوءَ ۾،
هڻي پيو سينَ سِرن جي، صدا جي رستي ۾.

نه ڊوڙ ڪا به رهي آ پياس کان خالي،
دُڪي ٿي زندگي تنها، صفا جي رستي ۾.

قديم درد جا وارث صليب تي احمد!
يروشلم آ صدين کان، فنا جي رستي ۾.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

بي خوف صليبن تي، آ وقت جي چريائي

غزل

احمد سولنگي

بي خوف صليبن تي، آ وقت جي چريائي ،
منصور قبولي ڪيئن، هن دور جي دانائي.

هن دل جي ٽُٽڻ تي آ، شيشن به ڪيو ماتم ،
پٿر جي خدائن وٽ آ، مُرڪ جي مهنگائي.

جلاد سِسي ۽ ڌڙُ، هٿ، پيرَ ڪپيا هُن جا،
هن رسمِ شهادت تي، تاريخ به شرمائي.

روميءَ جي رقاصا جو، ڪنهن پيرُ ڪڇيو آهي ؟
هي رقص عبادت آ ۽ روح جي اُجــرائي.

هن چنڊَ چڪوري جو، ڪو انت نه اچڻو آ ،
چانڊاڻ ۽ چاهت کي، آ مات ڪڏهن آئي.

منصور ڪري پردو، جڳ ۾ تو جيئي تنها،
شبليءَ کي سزا گُل جي، ڀوڳائي اڪيلائي.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪا شام وڃائي رستن ۾

احمد سولنگي

ڪا شام وڃائي رستن ۾
جنهن وقت اويرو موٽيس مان
تو ڇو نه سمهاريو سپنن ۾
۽ دل جي رنگ رتولن ۾

تو ڇو نه ٻُهاريو ٻوٽن مان
جنهن وقت ڇڙيس مان پَن پَن ٿي
جنهن وقت کڙيس مان تاري جان
تو ڇو نه نهاريو پيار منجهان؟

جنهن وقت اکين کي ڌوڙ لَتيو
تو ڇو نه ڇَنڊي سڀ خواب کنيا
تو پاند سان پنهنجي ڇو نه اُگهيو
هر سپنو منهنجي اکڙين جو؟

تو درد نه ڪو محسوس ڪيو
ڪنهن وقت نه تنهنجا نيڻ ڀنا
ڪنهن سُور_سڳي ۾ مون لئه تو
ڪو لُڙڪ نه موتي جان پويو!

ڪو چهرو واقفڪار نه هو
ٿي پاڇن پويان ڊوڙيس مان
ڪو آوازن جو جهنگ هئو
تو ڪو نه پُڪاريو، ٿي پنهنجو!

هر سٽ ۾ ڏک جو ڏيک هئو
تو لفظ پڙهيا احساس بنا،
هن بي ترتيب جوانيءَ جو
تو ڇو نه پڙهيو دل ساڻ پنو!

هي پيار چڪورن جهڙو هو
ٻئي پنهنجي پَر ۾ اُڏرياسين
جنهن وقت هوا سان چنڊ گٺو
تنهن وقت نه ان تي ڪو به لٿو!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هڪڙي ڌرتي، خوابَ هزارين

نظم

احمد سولنگي

(سبتو سپنو)

هڪڙي ڌرتي، خوابَ هزارين 
کيڙيا آھن، پوکيا آھن 
چيٽَ، ڪتيءَ جا ڏينهن ڏُکيرا
ڀيري، ڀيري ڀوڳيا آھن.

پنهنجيءَ پوکَ پَچڻ جا ڪيئي 
لمحا ، لمحا پاليا آھن 
ڪُڙمين، ڏُٻرن ڏاندن، ڪانوَن 
ٻنيون، ٻارا ڪاهيا آھن 
اهڙا ڏينهن به جاليا آھن.

جيون کانڀاڻيءَ جو ڳوڙھو
وقت ڪئي آ ڪار به ڪهڙي
مون مان، مون کي درد چُڳي ٿو
هڪليان آخر جهار به ڪهڙي.

ڌرتيءَ تي هي پيرَ پَڌاري
سُبتي سپني ڏي اڀ- ڪپرو 
ابتي پير وڃان ڪئين آخر
ڏانوڻ جو به ڇِنائي ڌاڳو
ڍڪڻي ڪا به ڀَڃان ڪئين آخر.

ڌرتيءَ ساڻ ٽُٽي ڪئين ٽاڪو
جيڪا سورَ سِبي ويندي آ 
پنهنجي هٿ- ڪنول سان، اک جا
ڪيئي لڙڪ اُگهي ويندي آ 
تنهائيءَ جو زهر نچوڙي
امرت، امرت ٿِي ويندي آ 
اونداهيءَ ۾ اُرھ اگهاڙي 
جاڙا چنڊَ ڏئي ويندي آ.

ان جي سونهن، سَروپَ جو ماٽو
گَھرو، گَھرو، گهاٽو، گهاٽو
جنهن، جنهن پيتو، جنهن، جنهن ماڻيو
ڪاشيءَ جو، سو پيالو ٿِي پيو 
چانڊوڪيءَ جي رمجهم هيٺان 
مست اهو متوالو ٿِي پيو.

ڌرتي منهنجي پٿراڻي ۽ 
ڌرتي منهنجو آھ وهاڻو 
ڌرتي رنگُ رِليءَ جو کنهبو
ڌرتي منهنجي لاءِ وڇاڻو 
ڌرتي ٽانڊاڻي جو ٽاڻو
ڌرتي پرھَ ڦُٽيءَ جو جِھرڻو 
سج جي اوگهڙ جو هر پاسو
ڌرتيءَ جو ڇاتيءَ تي ڇاپو
ڌرتيءَ لئي هي تن، من تاسو.

ڀاڪر منجھ ڀريان ٿو ڌرتي
سارو هي سنسار به گهرجي
اتر، ڏکڻ، اوڀر، اولھ 
پرکنڊ ۽ ھر پارُ به گهرجي 
هومر، هيلن،
فردوسي يا حافظ، پُشڪن 
اشرف شاھ، عنايت، ڀٽائي 
ڏاهو هر ڏاتار به گهرجي
پنهنجي ٻوليءَ ۽ لوليءَ لئي
شبدن جو ڀنڊار به گهرجي
پنهنجي ڏوهيڙن جي ڌاران
گيتن جي گُونجار به گهرجي 
تمراڻين جا هٿ به گهرجن
طنبوري ۾ تار به گهرجي
ڌرتيءَ ۽ دنيا جي ساري
پريت به گهرجي، پيار به گهرجي.

منهنجي ڌرتي عشق، محبت
منهنجي ڌرتي، منهنجي شھرت

وکريل ڪير ڏسي ٿو اڀ کي 
ڌرتيءَ موتين - مالهائن سان
جوڙ ڳچيءَ جا جوڙيا آھن
روز ڪَتين جا تارا چونڊي 
نيڻ انهيءَ ۾ ٻوڙيا آھن.

مون پڻ پنهنجيءَ ڌرتيءَ ڪارڻ 
سانگ سمورا سوچيا آھن 
اک ۾ پُوئي، اک جا داڻا 
ڌرتيءَ کي ئي ارپيا آھن.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اوھان جو نھاريو وري جِي وياسين

غزل

سائينداد ساند

اوھان جو نھاريو وري جِي وياسين، 
حياتيء پڪاريو وري جِي وياسين.

تصور مٍ تصوير ايندي اوھان جي، 
غمن ھو گذاريو وري جِي وياسين.

نگاھن نوازيو ادائن اُڀاريو، 
دلاسن ڌتاريو وري جِي وياسين.

اوھان جي ھٿن جي حرارت ملي جا،
بدن ھي بھاريو وري جي وياسين.

اسان کي تہ ماري چڪو ھو زمانو، 
اوھان جو جياريو وري جِي وياسين.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

رستا سارا ڪارا ڪارا

غزل

سائينداد ساند

رستا سارا ڪارا ڪارا 
يادون تنھنجون ڏيئا ڏيئا.

پاڻ تہ پيارا ملنداسين پيا 
جڳ کان جذبا ڏاڍا ڏاڍا.

منھنجو جِيئڻ جاري رکندا
تنھنجون مرڪون ماڻاماڻا

تحفن جو تفصيل ڏيان ڇا
ڪنڊا ڪنڊا ڪاوا ڪاوا.

مون مان سارو ھٺُ ھليو ويو
نيڻ جو تنھنجا نھٺا نھٺا.

ڪٿِ بہ ھجين تون ڪِٿِ بہ لڪين تون
نيڻ تہ منھنجا پھتا پھتا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/11/2016

رَسِي سگھيون نه صدائون، ته نيڻ ڀَرجي وِيا

غزل

سعيد ميمڻ

رَسِي سگھيون نه صدائون، ته نيڻ ڀَرجي وِيا
ڀَريُون نه دل جون خلائون، ته نيڻ ڀرجي وِيا

لکُون ھا گيت گلن جي حسين باغن ۾
رُلڻ لئه روڊ ڏنائون، ته نيڻ ڀَرجي وِيا

کڻي نگاھ اُڃارِي، ڏٺوسين صحرا مان
مٿان وَسيُون نه گھٽائون، ته نيڻ ڀرجي ويا

جَنين تي دِيدَ پَوَڻ سان ئي لُونء ڪانڊارِي
کڻي نه نيڻ ڏٺائون، ته نيڻ ڀرجي ويا

ملي سگھياسين نه ھُن سان ئي ڄامشوري ۾
مليون اُھي ئي ھوائون، ته نيڻ ڀرجي وِيا

اسان ته ننڊ ڪرڻ لاء نيڻ ٻُوٽيا ھا
اوھان جو خواب لڌائون ته نيڻ ڀرجي وِيا

ھا چار پيرَ، ڪنارو ۽ سُرمئي سانجھي
ڪُنن ۾ ڪين ڏٺائون، ته نيڻ ڀرجي وِيا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/11/2016

پاڻ منجھ پرواز وانگر ٿو لڳي

غزل

امر اقبال

پاڻ منجھ پرواز وانگر ٿو لڳي
عشق، الاھي راز وانگر ٿو لڳي

ھن سفر جا مرحلا ڪيڏا عجيب
انت ڀي آغاز وانگر ٿو لڳي

آرسي ڪيئي پڙاڏا ٿيو وڃي
چهرو ڄڻ آواز وانگر ٿو لڳي

مون ۾ آھي، پر نـ ٿو ڪنھن تي کلي
درد دل ھمراز وانگر ٿو لڳي

ڌڙڪنون ڄڻ ماترائون شعر جون
ساھ ڀي ڪنھن ساز وانگر ٿو لڳي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

عشق جي منزل هميشـﮧ چنڊ تارن کان مٿي

غزل

سيد احسن الهاشمي

عشق جي منزل هميشـﮧ چنڊ تارن کان مٿي،
عشق جي بيهوش ٿيو ته به عقل وارن کان مٿي.

آسمانن کان مٿي ۽ چنڊ تارن کان مٿي،
منهنجو سهڻو ڪل جهان جي حسن وارن کان مٿي.

تو سوا بادِ بهاري، ڄڻ جهنم جي هوا،
تنهنجي قدمن ۾ خزان جو خط بهارن کان مٿي.

رات گذري جاڳندي رئندي تڪيندي راه رند،
هوت هرگز ٿي نه سگهندو انتظارن کان مٿي.

آءٌ نه تنهنجي در اچان سو ڪيئن ٿئي ممڪن سڄڻ،
تون اچين مون وٽ اهو ٿيو اعتبارن کان مٿي.

تون نظر ڦيرين سڄي دنيا نظر ڦيريو ڇڏي،
گل به اندم ٿا اذيّت ڏين خارَن کان مٿي.

زندگي ٿي خوگرِ طوفان طلاطم آشنا،
مطمئن گرداب ۾ آهيان ڪنارن کان مٿي.

بس الائجي ڇو ذري پرزي تي دل ڀرجيو اچي،
ٿي وئي پنهنجي طبيعت آهي پارن کان مٿي.

ائين نه ٿئي جو بي رخي جا سور سهندي ٿي وڃي،
قوتِ برداشت غم جي اقتدارن کان مٿي.

دوست هاڻي دم دلاسي جي ضرورت ناهي ڪا،
بيڪسي منهنجي وڃي پهتي سهارن کان مٿي .

ڪيم ڇڏ دروازه آلِ محمد جو سندن،
سايهء دامانِ رحمت عيبدارن کان مٿي.

ٻيا لکين عاشق سڏائن ۽ چوائن سرفروش،
ڪير ٿيندو ”احسنِ“ آشفته پارن کان مٿي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ٿي ھوريان ھوريان ڪنگ لٿا ھو ساز ھوا ۾ ٻيجل جو

غزل

منورملاح

ٿي ھوريان ھوريان ڪنگ لٿا ھو ساز ھوا ۾ ٻيجل جو،
ڪنھن سک وڍيو آ سڏڪن جو ڪنھن دار سجايو مقتل جو.

سنڌ وارن جا رنگ صوفي ۾ تو کوڙ نياپا آندا ھا،
ڪنھن جاڳايو رنگ نيري کي ڪنھن خواب ڪسايو منزل جو.

تون ڏور ھليو وئين لھرن سان خاموش ڪنارو سوچي ٿو،
ڪي نيڻ نظارا ناسي ھا ھر شام ته پاڇو ساحل جو.

ھا پير لڪايا نيڻن ۾ ھر واٽ چڀي ٿي نوڪ جيان،
پر ڪان ٿڪاوٽ مون ۾ ھئي ھر پار پٿر آ پنھل جو

ڪير ستارا جانچي ٿو اڀ جي راھ مٿي ھن ٻيڙي ۾،
ڪنھن لوڀ پرائي قيدي ڪيو ھر سال لڳي ٿو پل پل جو.

ڪو مون ۾ صحرا تڙپي ٿو ٿيو ٽوھ سمورو جيون آ،
آ پيار اسان کان ايئن رٺل ھو باغي پاڇو بادل جو.

ڪو سار لھي ھر سورٺ جي ٿو چين ڦرائي جيون جو،
ٿو چنگ ٻري تنھن کي جھليو ڪنھن ساز وڄايو قاتل جو.

پرواز ھئي شھباز جيان ھي رقص اجايو ناھي ير،
ڪو اڀ آھي اڄ پيرن ۾ ڪنھن راز پرايو محفل جو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/10/2016

خوابَ جي شهر ۾ رُلي ويا هن

غزل

مخمور رضا

خوابَ جي شهر ۾ رُلي ويا هن
نيڻ رستا وري ڀُلي ويا هن

مان اُڏامان ٿو وقت! ڏِسُ ٻيهر
پَرَ منهنجا ٻڌل کُلي ويا هن

آهي سارو چمن ٻُسو ٿي ويو
گلَ مرجهائجي ڪُلي ويا هن

ڏِسُ! ڪکاوان جهڳا جُهري ويا سڀ،
تيز طوفان ڪي گُهلي ويا هن

تنهنجو! چهرو حسين پسي پوپٽ
پيچرا باغ جا ڀُلي ويا هن

عشق مخمور کي ڪيو مئڪش
چرچا چوڌار هي هُلي ويا هن


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/10/2016

پنهنجي دل جو پار نہ وسري سگهندو آ

غزل

وسيم سومرو

پنهنجي دل جو پار نہ وسري سگهندو آ
وسري جڳُ ڀل يار نہ وسري سگهندو آ

سُھڻي ترندڙَ ياد اچي ويندي آهي
اک کان دريا تار نہ وسري سگهندو آ

آهن گذري ويندا سال هوائن جيئن
ڪن ماڻھن جو پيار نہ وسري سگهندو آ

ٻُڪ ٻہ ٽي پيئندڙُ ناريءَ جي گهاگهر مان
پياسو ڪوئي سُوار نہ وسري سگهندو آ

اڀ جو نيرو خيمو ڀل ٿي سُرخ وڃي
ساٿُ ڪو سايا دار نہ وسري سگهندو آ

نڪري هڪڙيءَ کڏ مان ٻيءَ ۾ پوندو آ
جيجل کان پر ٻار نہ وسري سگهندو آ

پينگھ ٻڌي خوابن جي جنهن ۾ لُڏندو آ
ٻالڪ کان سو ڏار نہ وسري سگهندو آ

سنڌوءَ جي بيدار اُٻهرين لهرن تي
ٻيڙيءَ جو سنسار نہ وسري سگهندو آ

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

محبتن مان مزو آهي نڪري ويو

غزل

سعيد نواز سومرو

محبتن مان مزو آهي نڪري ويو 
مئڪشين مان مزو آهي نڪري ويو

ساٿ هڪڙو قدم ڪو هلي ڪونه ٿو
قربتن مان مزو آهي نڪري ويو

هر ڏسا ۾ انڌيرن جو واسو گهڻو 
روشنين مان مزو آهي نڪري ويو

هر جواني روئي ٿي پيئي رت ڦڙا
خواهشن مان مزو آهي نڪري ويو

جنهن سمي کان سکي ڄامشورو ڇڏيو
فئڪلٽين مان مزو آهي نڪري ويو

تو ڇا جانان اسان کان مَٽيو مُنهڙو 
سڀ خوشين مان مزو آهي نڪري ويو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

يادن ڪيا حملا هاڻ ھلي آءُ

غزل 

سرويچ ھاشم راهمون

يادن ڪيا حملا هاڻ ھلي آءُ 
ھر پاسي واويلاءُ هاڻ ھلي آءُ

توبن منهنجو جي ٿو گهبرائي 
البيلاءُ او البيلاءُ ھاڻ ھلي آءُ

بهارون وري آيون ساجن سائين 
فضا جا ويا پن پيلا ھاڻ ھلي آءُ

برسات پئي آ ڌرتي پئي مهڪي 
پاڻ ڀانڪر پايون ٻٽاھاڻ ھلي آءُ

خدا ڪري خير توڏي منهنجا پرين 
تنهنجا ئي آھن الڪا هاڻ ھلي آءُ

محبت ۾ ايڏا ناهن ڪبا اي هاشم
ڇو ٿو ڪرين ليکا هاڻ ھلي آءُ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

چري دل چاھَ تي پهتي

غزل

عبدالرحيم عبد ڪنڀر

چري دل چاھَ تي پهتي
وڏي آڙاھَ تي پهتي

سُڪائي تار تي ڪپڙا
وري هوءَ گاھَ تي پهتي

پَلي جي ڳالھ تي دلڙي
وڃي درياھَ تي پهتي

ٻُڌي منهنجو غزل جانان
اچي ساراھَ تي پهتي

سزا هئي آسمانن کان
لهي ڪنهن آھَ تي پهتي

کڻي دل کيپَ يادن جا
صنم جي راھَ تي پهتي

جهانۡ کي ”عبد“ ٺُڪرايَئين
جڏھن ساڃاھَ تي پهتي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

او موذن! ٿوروآهستي

موذن!

آسي زميني

او موذن! ٿوروآهستي
هن مسجد جي ڀر پاسي ۾
ڪنهن پورهيت جا ڪي پيٽ بکيا
مس هاڻي آهن ٻار ستا
او موذن! ٿوروآهستي
ڏس ٻار متان ڪو پئي جاڳي
۽ پنهنجي ٺريل چلهه ڏسي
ڪنهن جيجل جو پئي جيءُ جهري
او موذن! ٿوروآهستي
ڏس دور ڪٿي ڪنهن مل منجهان
آواز اچي پيو ٿو گهنڊ جو
۽ دونهن ڀري چمني جو
پيو مونکي پنهنجي طرف ڇڪي
او موذن! ٿوروآهستي
هي گهنڊ مقدس آ مون لئه
جو منهنجي بک مٽائي ٿو
۽ پنهنجي چله جي ٻارڻ لئه
مان چڻنگ وٺان ٿو چمنيء کان
تون پاليل من سلوا جو
هي ڳالهه ڪٿي ٿو تون سمجهين
آنڊن جي هن شوروغل ۾
آواز آذان آ بي معنيٰ.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

چھرو سندر ھو نيڻن ۾

غزل

منورملاح

چھرو سندر ھو نيڻن ۾،
ڄڻ ڪو مندر ھو نيڻن ۾.

شھر وري ڏس اڏجي ويو آ،
جو اڳ کنڊر ھو نيڻن ۾.

روز نوان گھاوَ پيو ٻاري،
لھجو خنجر ھو نيڻن ۾.

ٿي ننڊاکي نيڻ ٻڌايو،
ڪنھنجو تصور ھو نيڻن ۾.

ڄڻ ڪو جوڀن سار ڇڏي ويو،
رھيل منظر ھو نيڻن ۾.

لوڪ جلائي ڏيئا پيو ٿو،
ھڪڙو قلندر ھو نيڻن ۾.

ھر ڪو ڌڪ بي معنا ٿي ويو،
منھنجي منور ھو نيڻن ۾.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هي جيون ڄڻ وڻ سورن جو، اک سانوڻ سانوڻ سورن جو

گيت

شبانه عالماڻي

هي جيون ڄڻ وڻ سورن جو،
اک سانوڻ سانوڻ سورن جو.

دم سمجهي ويو هو سور ڏسي،
ٿڪ ڀڃندا من جي ڇانو پسي،
ڇوهو ٿو اچي، ڌڻ سورن جو!

ميزان حياتيءَ جو تولو،
۽ ٻوجهه ڏکن جو آ ڳورو،
دل هيڻيءَ تي، مڻ سورن جو!

تون شعر چوين ٿو شاعر جا،
پر توکي سچ جي ڄاڻ نه ڪا،
سٽ سٽ ۾، سرجڻ سورن جو!

تون ڄاڻين ٿو ڇا جذبن کي؟
تون سمجهين ٿو ڇا سڏڪن کي؟
دل دل ۾ سڏڪڻ سورن جو!

پيا سور ”شبانه“ ساڻ رهن،
ٿي ڳوڙها اکڙين مان جو وهن،
ڀل پيرو تون، کڻ سورن جو.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

واٽ تي مايوس منهنجي زندگي بيٺي رهي

غزل

نويد ناز ڀٽي

واٽ تي مايوس منهنجي زندگي بيٺي رهي،
چو طرف اوندهه ۾ ڄڻ هئي روشني بيٺي رهي

مان وڃڻ جي ڳالهه جئن هئي اوچتو هُن سان ڪئي،
ٿورڙو پرتي ٿي مونکان هوءَ رُسي بيٺي رهي.

الوداع جا لفظ سڀ وسري ويا ها هُن کان ڄڻ، 
ڪجھ چيائين ڪين ٿي خاموش ئي بيٺي رهي.

جيئن قدم وڌندا ويا ٿي روڊ جي هُن پار تئن، 
ڪنڌ ورائي مون ڏٺو هوءَ بُت بڻي بيٺي رهي.

ناز ڪهڙي منهن سان مان الوداع هُن کي چوان، 
در جي پردي ۾ لڪائي منهن چري بيٺي رهي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/10/2016

ڪڏهن ته برهه جو بيتاب باب اورِيندو

غزل

ياسرقاضي

ڪڏهن ته برهه جو بيتاب باب اورِيندو
وصال رُت جو ڏٺل خواب خواب اورِيندو

ڪڏهن سُڪُوت به ٽُٽندو ستم جي صاحب جو
ڪڏهن ته پيار جي ٻولي جناب اورِيندو

وفا جِي مُندَ ۾ بي باڪ ٿي ڪڏهن مِلندو
ڪڏهن نگاهه سان مُنهنجي حجاب اورِيندو

سڄِي زمين جو ايندو جڏهن طواف ڪري
سڄي جهان جو غم آفتاب اورِيندو

هجر ـ اُماس کان ماههِ تمام جو ميلو
سفر جِي پِيڙَ سڄي ماهتاب اورِيندو

مُون سال سال گرهه ساڻ لُڙڪ لُڙڪ ٻَڌو
ڪڏهن ته وصل، وڇوڙو حساب اورِيندو

ورق ورق تي مُهانڊو نظر سندءِ ايندُوَ!
اوهان کي پاڻ اوهان سان ڪتاب اورِيندو

دلين جي ديد سان جي هم ـ زمين ڏي گهُوري
ته هر ڪو جِيءُ ازل جو عتاب اورِيندو

جا جِيءَ جِيءَ ۾ آهي عذاب جِي هلچل
ته نيٺ لوڪ سڄو انقلاب اورِيندو

نگاهه يار جي جيڪر ڇُهي وئي ”ياسر“
ته ساهه ساهه اسان جو گُلاب اورِيندو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

14/10/2016

اوهان جي ياد پنڇي آ

غزل

شيخ نديم

اوهان جي ياد پنڇي آ
کُليل آزاد پنڇي آ

شڪارين امن جو يارو
ڪيو برباد پنڇي آ

اڏامي چوٽ کائي ٿو
اندرُ فولاد پنڇي آ

لٿو آ ماڳ گلڙن جي
گلن سان شاد پنڇي آ

پره جي شاخ تان اڏريو
اوهان کان بعد پنڇي آ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اي چنڊ پرينءَ کان آءُ پڇي ، ڇا توکي ننڊ به ايندي آ

ايوب گاد

اي چنڊ پرينءَ کان آءُ پڇي ، ڇا توکي ننڊ به ايندي آ
جنهن ڏينهن رُٺي هوءَ مون کان آ ، تنهن ڏينهن کان دلڙي ماندي آ

هر رات جي سانت ۾ سڏڪن سان ٿو نيڻين نير وهايان مان
ڇا هوء به راتين جون راتيون مون وانگي ويهي روئيندي آ


ڪالھ رات به مون توکان هو پڇيو پر توکي ڪوئي قياس نه پيو
اي چنڊ ڏوراپا مون وانگي ڇا هوء به توکي ڏيندي آ

ڪنهن ياد کي ڪوري ڪپي ڪڍڻ ڪو ايڏو سولو ڪم ناهي
ايوب جي نانء ٻڌڻ تي هوء ، ڇا ويٺي ڇرڪ ڀريندي آ



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/10/2016

درد جي ديس ۾ ھر خوشي اوپري

غزل

فرهاد جروار 

درد جي ديس ۾ ھر خوشي اوپري، 
تو سواء ٿي لڳي زندگي اوپري.

ساٿ تنهنجو هيو ڏيھ پنهنجو هيو،
تو پڄاڻا ٿي دنيا وئي اوپري. 

درد تو وٽ اگر جي نه آھي ڪوي،
بي بقا پو سڄي شاعري اوپري.

جئين دل ۾ لٿي مون به محسوس ڪئي، 
هٿ تنهنجا هئا هئي ڇري اوپري. 

مائٽن جو ڀرم جنهن رکيو ماٺ ۾، 
ان کي ور جي لڳي هر چمي اوپري. 

کولي البم پراڻا جو ڦوٽو ڏٺئين،
پاڻ کي پاڻ ئي هوءَ لڳي اوپري. 

دوستن جا دلاسا لڳا عارضي، 
هيڪلو ٿي ڏٺم دوستي اوپري.

ڪالھ فرهاد کي جيڪا ڏسندي رهي،
هونئن ته پنهنجي هئي پر لڳي اوپري.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جواني ڦوھ ۾ جانان نه تون ڇڙواڳ گهمندي ڪر

غزل 

 فرهاد جروار 

جواني ڦوھ ۾ جانان نه تون ڇڙواڳ گهمندي ڪر، 
زماني جا ذھن زنگيل مٺي محتاط رهندي ڪر. 

ڪيئي ڀيرا تنهنجي ڀر مان گذر ٿيو تون نه ليکين ٿي، 
رڳو رک پير ڌرتي تي ڀلي آڪاس چمندي ڪر. 

چڙھن ٿا کيپ سورج تي وڃي ٿو وقت ئي رڪجي، 
صبح جي ويل ڪر موڙي ائين ننڊ مان نه اٿندي ڪر. 

صحن ۾ تون ستي پئي آن چتائي چنڊ ٿو توکي، 
نظرجي پئين نه او ڇوري لڪي ڪمري ۾ سمهندي ڪر. 

ڏسي چؤ ڦير خاموشي پهر ڪنهن رات جي پوئين، 
پٻن تي پيرڙا کڻندي اچي سيني سان لڳندي ڪر. 

فدا ” فرهاد “ آ توتي چئي سگهندو ن شرميلو، 
ڪتابن مان ڪڍي ڪجھ منهن ڪڏهن چهرا به پڙھندي ڪر.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/10/2016

سمجهان ٿو تنهنجو ذڪر، عبادت خدا گواهه !

غزل

عطا محمد حامي

سمجهان ٿو تنهنجو ذڪر، عبادت خدا گواهه !
جنهن سان اچي ٿي روح کي راحت، خدا گواهه !

ڪنهن وٽ وڃڻ جي ناهي ضرورت، خدا گواهه !
ڪافي ٿا سمجهون تنهنجي عنايت، خدا گواهه !

جنهن ڏي ڏسين ٿو تنهن کي ماري ڪرين مطيع
تنهنجي نظر ۾ آهي ڪرامت، خدا گواهه !

تنهنجي قدم قدم تي ٿو محشر مچي وڃي
تنهنجو ملڻ به آهي قيامت، خدا گواهه !

ڪنهن سان به ڪائنات ۾ ڪُلفت نٿا رکون
مذهب اسان جو آهي محبت، خدا گواهه !

جنهن ۾ ضمير کي ڪا ضرورت ضرر وجهي
ان زندگيءَ جي ناهي ضرورت، خدا گواهه !

جنهن ساڻ ڪائنات کي قائم رکيو ويو
سا آهي تنهنجي عشق جي طاقت، خدا گواهه !

دشمن به ڪو اڱڻ تي لڙي ٿو اچي ته پوءِ
”حامي“ ڪيون ٿا ان جي به عزت خدا گواهه !






مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ٿورو سوچين ته ها ڪجه لڪائڻ مهل

غزل

مختيار ملڪ

ٿورو سوچين ته ها ڪجه لڪائڻ مهل،
راز رهندو نه آ نينهن لائڻ مهل.

ڄڻ وڇوڙي ۾ ڪائي خوشي آ لڪل،
مُرڪَ چهرن مٿان، موڪلائڻ مهل.

ذهن تان ياد تنهنجي نه مِٽجي سگهي،
پنهنجي ماضيءَ جو سڀ ڪجه ڀُلائڻ مهل.

هڪ رڳو تنهنجي اڻ هوند ڀاسي اٿم،
پنهنجي ڪمري کي پورو سجائڻ مهل.

ٻي ملاقات جي دل ۾ اُڻ تڻ وري،
مُرڪندي مُرڪندي موڪلائڻ مهل،

پاڻي کي پڻ وساري مون آهي ڇڏيو،
زندگي ! توکي مشڪل سان پائڻ مهل.

هونئن ته مختيارُ جڳ ۾ هيو اجنبي،
ٿي ويو آشنا توکي پائڻ مهل.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/10/2016

آئون ويس تو مان اڏامي ڪونه پئي توکي خبر

غزل

ايوب گل

آئون ويس تو مان اڏامي ڪونه پئي توکي خبر
يا ستاري جيئن اجهامي ڪونه پئي توکي خبر

مون جڏهن پئي ديس ووڙيا گيت جوڙيا
تون هئين ڪنهن سان آرامي ڪونه پئي توکي خبر

مون گلابن جي پتين سان نانءَ تنهنجي کي اڪيريو
تون الئه ڪنهن سان آجامي ڪونه پئي توکي خبر

تو وڻن جا ڏار لوڏيا واءَ سان ياري رکي
وٽ ڪنهنجي ٿي وسامي ڪونه پئي توکي خبر

مون ڇڻڻ جي موسمن ۾ ڦول تنهنجي لئه ڦٽايا
مون ڏٺيون واٽون مدامي ڪونه پئي توکي خبر
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

نڀائڻ تو اچي ڪاٿي، نڀائڻ جي نہ ڪر دعوا


غزل

شميم مري

نڀائڻ تو اچي ڪاٿي، نڀائڻ جي نہ ڪر دعوا،
ڊٺو توکان ٺھيو ڪڏھن ؟ بنائڻ جي نہ ڪر دعوا.

صفا تون ڪو اناڙي آن، اُڊيڙڻ ئي اچي توکي،
اُڊيڙيل دل ڪٿي سبجي، سبائڻ جي نہ ڪر دعوا.
.
پرين جيڏي ڏني ھوندءِ، انھيءَ کان وڌ ڏني ھُوندم،
محبت۾ مٺا مونکي، جتائڻ جي نہ ڪر دعوا.

محبت ۾ سوين نسلين، اسان ھاري پرين تنھنجا،
جُھڪائيندين ، نہ جھڪنداسين، جھڪائڻ جي نہ ڪر دعوا.

اکيون تنھنجون اسان ڄاڻون، سڃاڻون دل جي چرپر کي،
اسان تنھنجو اندر ڄاڻون ، لڪائڻ جي نہ ڪر دعوا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اسان ۾ حوصلا آھن، اسان ۾ دل لڳي ناھي

غزل

شميم مري

اسان ۾ حوصلا آھن، اسان ۾ دل لڳي ناھي،
اسان ۾ کوڙ ارڏايون، اسان ۾ پر ٺڳي ناھي.

ڪرين ٿو پيار جي دعوا، ملڻ لئہ وقت ناھي ڪو،
ننڍي ڪا ٻار ناھيان مان، سراسر ھي مڳي ناھي.

نہ ڪي دوکا اچن ھن کي، نہ ئي دوکا ڪرڻ ڄاڻي،
سھي سگھندي نہ دوکن کي، اڃا ايڏي سگھي ناھي.

اڃا ڪجھ دير رھ مون سان، اڃا ڪجھ پيار ڏي مونکي،
اڃا ڪجھ رات آ باقي، پرھ تائين پڳي ناھي.

چري ٿي نينگري آھي، جدائي لئہ پئي سوچي،
وڇوڙا ھن ڏٺا ناھن، ڀُري ناھي، ڀڳي ناھي .
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمون ڪنهن سار وانگي هو

غزل

حسن درس

اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمون ڪنهن سار وانگي هو، 
لڙيو پئي لاڙ تان سورج، مهاڻي ٻاروانگي هو.

ڳچي ۾ مون هيو پاتو ۽ سيني ساڻ هيو لاتو، 
منهنجو محبوب ڪله مونکي، هٿن ۾ هار وانگي هو.

هجُومن ۽ هُشامن هيڪلائي کي جڏهن جنميو، 
ڏٺو مون روح پنهنجي کي، انڌاري غار وانگي هو.

وڻن تي ڪانگ ها ويٺل ڳليءَ مان ڳئون پئي آيون، 
پرائو ڳوٺ هو ليڪن، پرينءَ جي پار وانگي هو.

جڏهن جهمپير ۾ منهنجي جواني موٽ کائيندي، 
کلي چوندين کجيءَ کي تون، تکو تلوار وانگي هو.

هوائن تي هليس آئون نظر ڪجه ڪون ٿي آيو، 
سڄڻ رستو سڄو تنهنجو، سنهي ڪنهن تار وانگي هو.

صفا سنسان مندر ۾ جڏهن سانجهي ملي مونسان، 
اُتي آواز سنهڙو عشق جو، ڪنهن آر وانگي هو.

مڇي جي اک مان ويٺي ڏٺو مون هر ڏهاڙي کي، 
لُڙاٽيل وقت ۾ لمحو لڳل ڪنهن ڄار وانگي هو.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

25/09/2016

جو رم جهم سانوڻ برسي ٿو

غزل

نسيم منگي

جو رم جهم سانوڻ برسي ٿو
ڄڻ لوڻ ڦٽن تي ٻرڪي ٿو

مون سمجهو تون آيو هوندين
پر تاڪ هوا تي کڙڪي ٿو

هي ٿڌڙي ٿڌڙي هير الا 
من جهومي جهومي ٻهڪي ٿو

منزل جو پوڄاري ماڻهو
ڇو وچ رستي تي سهڪي ٿو

جي خواب اسان ماري به ڇڏيا
ڇو ساه اسان جو سرڪي ٿو

هي سورن جي سڪرات الا
ڪو روئي روئي سڏڪي ٿو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

رهن ٿا عرش جا آرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا

 شاعري : حليم باغي 

رهن ٿا عرش جا آرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا، 
اهي مقتل اهي مارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

 هلو پرڀات جا پياڪئو! جو مئخاني جو در کوليون، 
اڃارا سانگ هن سارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

 اسان زندان واسين جو، نه رنگ بدليو نه رُتِ بدلي، 
ڪراين ۾ ڪلف ڪارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.  

هينيان! ايڏو نه هارج ڪجهه ڪليجا! تون به هڏڪيون جهل، 
اجهي ڳڻتيون ويا ڳارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

 سڀاڻي جي به سورين کي، پيا منصور منهن ڏيندا، 
اسان پنهنجا وتا وارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

 اڙانگين عشق جي راهن، لڦون ڀريون ڌڌڙ آڇي، 
اکين ۾ لڙڪ هي کارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

ڇڙي تنهنجي ڪٿا ۽ رات، تنهنجيءَ تات ۾ ويئي، 
اکيون جليون، ٻريا چارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

 _____ 

سانگ: ناز، نٽ، تماشا 
چارا: واٽون، رستا  
 شاعري : حليم باغي 
ڪتاب : اڙي شهر جانان
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/07/2016

ساهَه ۾ پيو ساهُه تُنهنجي گود ۾

غزل 

واسديو موهي

ساهَه ۾ پيو ساهُه تُنهنجي گود ۾
سانت ٿيو ڀٽڪاءُ تنُهنجي گود ۾

وَڻَ جو پَنُ پَنُ، گُلَ جي هِڪَ هِڪَ پنکڙي 
مُرڪَ، آدرڀاءُ تُنهنجي گود ۾

وڻ جي هيٺان کَٽَ، لَڪُڻُ پايي اَڳيان 
نِنڊ مُرڪي ماءُ، تُنهنجي گود ۾ 

پينگھَـ جي هي لوڏ سان کِل کِل وڄي 
سوُنهَن جو پڙلاءُ، تُنهنجي گود ۾

ڀُڻڪَندو چَپَ ۾ وڃي پيو مالَ سان 
ڪو ڦُري ويو گاهُـ، تُنهنجي گود ۾

سومرو، جويو، رَکيل، اِمداد، گُلُ 
هرڪو ڀانيم ڀاءُ، تُنهنجي گود ۾

جھوُر هَڏَڙَن تي پَسيني جي چَمَڪَ 
ڪوهِرَن جو پاءُ، تُنهنجي گود ۾ 

نِم جي ٽارين کي ملايو پئي هَوا 
نيِنهَـن جو مَهِڪاءُ تُنهنجي گود ۾

ڪيترا يُگ گُذري ويا اَڄُ ٿو اَچين 
ڪنهن ڪيو ورجاءُ ، تُنهنجي گود ۾
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جڏھن کان اوهان آ اکين سان پئاريو

غزل

ڪرشن راهي 

جڏھن کان اوهان آ اکين سان پئاريو
مُڙي ڀي نه مَئِه ڏي اسان آ نهاريو

اُتي ئي اُتي ئي اڃان تائين آھيون
اوهان جت اشارو ڪري آ بِهاريو

اکين ۾ دلين ۾ ته ٻين جي به هوندءُُ
گهڙي ڪا اسان سان به گڏجي گُزاريو

اوهان ڪين ڀُلجي به ساريو اسانکي
اسان ڪين ڪڏهين اوهان کي وساريو

جتان ڀي ڏسون ٿا ته آ خوبصورت
اوهان ڇا ته آ زندگيءَ کي سوانريو⁠⁠
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اکين جي اکين سان گذارش وَڻي ٿي


غزل

ڪئلاش شاداب

اکين جي اکين سان گذارش وَڻي ٿي
ڀلي آھي سازش، هيءَ سازش وڻي ٿي

هتي حال اورڻ جي ڪوشش اڌوري
هُتي سڀ ٻُڌڻ جي هي خواهش وڻي ٿي

ڏسي وقت کي ٿا وٺن ڪَروٽون ڪجھه
ھي جذبن جي جُٺ، آزمائش وڻي ٿي

ڪري ضدُ ڪڏھن فاصلو ھي مِٺائي
ڪٿي ھاڻي تنهنجي پرستِش وڻي ٿي

وري گهر اسانجو تَڪي ٿي تَباهي
وري حوصلن جي هيءَ ڪوشش وڻي ٿي

ڪِٿي لفظ ۾ آھي ايذاءُ ساڳيو
ڪٿي تنهنجي “شاداب“ لرزش وڻي ٿي⁠⁠
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اکيون هي انوکيون ڪٿان يار پاتيون

غزل

ناري لڇواڻي 

اکيون هي انوکيون ڪٿان يار پاتيون
ڪڏهن مُسڪرائن، ڪڏهن ڄڻ تہ ڪاتيون

ڪٿان هي سکيون تيز تيرن سان چيرڻ ؟
نہ تيرن ۾ ڄايون، نہ تيرن ئي تاتيون !

لڳي ٿو هي مونسان سلڻ سڀ ٿيون چاهن
نہ سمجهان ٿو ٻولي، هُجن جئن ڪي ٻاتيون

ڦرڻ سان هنن جي ڦري سڀ وڃي ٿو،
هي صُبحن کي ڇا ٿيو، ويا بڻجي راتيون؟

ڪري ٿيون ڇڏن روُح سُرهو سدائين،
پکيءَ لات وانگر لڳن اک جون باتيون

جڏهن ٻن ڏٺو، ٻن ٻيُن کي بہ سامهون
هُيون هڪ ٻئي ۾ سمائڻ لاءِ آتيون

ٻُڏي ڪئن ويون دل جي اوُنهي سمُنڊ ۾
پري کان ئي بيٺي ٿي پاتائون جهاتيون

الائي ڇو مقبوُل ڏاڍيون ٿين ٿيون؟
ڪي نظمون اکيُن تي جڏهن ڀي مون ڳاتيون
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ياد ۾ مَن کي لڇائي ٿو الائي ڇو

غزل

ڪي ٽي دادلاڻي

ياد ۾ مَن کي لڇائي ٿو الائي ڇو 
ڳالهہ دِل جي ڪا لِڪائي ٿو الائي ڇو

ڄاڻ اٿس ساري مگر اڻڄاڻُ ٿو بَڻجي
اکہ خِزان سان ئي مِلائي ٿو الائي ڇو

بَس اڪيلو ٿو وَڃين هَلندو پَري جَڳہ کان
سوز جا ئي گيت ڳائي ٿو الائي ڇو

نِنڊ ۾ ٿو بَڙبڙائي مادري ٻولي
خواهشون هڙئي لٽائي ٿو الائي ڇو

آس ڪهڙي اٿس اندر ۾ سا خدا ڄاڻي
نينهنَ جي چادر پُسائي ٿو الائي ڇو

ڇڪ اباڻي ڳوٺ  لئہ ڪيڏي اٿس مَن ۾
هند ۾ ئي سِنڌ وَسائي ٿو الائي ڇو

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڦِريا به ناهيون، ڦُريا به ناهيون

حافظ نظاماڻي 
_____

ڦِريا به ناهيون، ڦُريا به ناهيون
اڃان ڪنهن اگھ ۾ گُھريا به ناهيون

ڪڏهن نه وڪجڻ وڏي آ قيمت
انهي کان مُلھ ٻيو مٿي ئي ڪونهي
گهڻا ويا وڪجي گهڻا ويا لِکجي
اسان اڃان تائين تُريا به ناهيون

اسان جو ماضي اوهان جي اڳيان
اسان جو حال به اوهان جي سامهون
جِتي اوهان آ بيهاري ڇڏيو
چَڪاسي ڏس اُتان چُريا به ناهيون

اسان جو پورهيو اوهان تان گهوريو
اوهان جو گُهورڻ اسان لاء گنج آ
مگر اوهان جي هينئين تي ً حافظ ً
الاءِ اڃان ڇو هُريا به ناهيون.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

29/06/2016

منهنجي محبت تي تون ميارون نه ڏي

گيت

عبد الغفار تبسم

منهنجي محبت تي تون ميارون نه ڏي،
وڃي لوڪ کان پڇُ ته هو ڇا ٿو چوي..

ڏاڍا تنهنجا اندر ۾ ڏينهن اٿم،
جهڙيون راتيون اٿم، تهڙا ڏينهن اٿم،
مُٺيءَ محبت جا ، پاليا شينهن اٿم،
جيڪي دل ۾ گجن، گجگوڙ ڪري.

سڙي سانوڻ جا جيئن ڏينهن تپن،
اُلا باهِ بٺيءَ مان، جيئن نڪرن،
مٺا محبت جا ائين مچ ٿا ٻرن،
هڪوار ته آءُ منهنجو هانءُ ٺري.

ائين ڌاريو ڪري، تو ڀي ڌار ڪيو
مون سان هاءِ ڪيڏو آزار ڪيو،
طعنا لوڪ هڻي، تو ڀي خوار ڪيو،
تنهن کان تبسم تنهنجو، ڇو نه مري..

ڪتاب شفق وارا ڇانورا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/06/2016

خواب اڌورا ڏسندو آهيان


غزل

اسير ملاح

خواب اڌورا ڏسندو آهيان
جانب جي لئه جيئندو آهيان

نينهن لڳائڻ کان اڄ تائين
زهر جدائي پيئندو آهيان

سُڏڪي سُڏڪي تنهاين ۾
پاڻ مرادو رُئندو آهيان

ساروڻين جون شمعون ٻاري
پتنگ بڻجي پچندو آهيان

چنڊُ ته توکي ڏسندو هوندو
حالَ اُنهيءَ کان پڇندو آهيان
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/06/2016

مئڪدي جي ماٽَ ٿيندو ٿو وڃي

غزل

روبينه ابڙو

مئڪدي جي ماٽَ ٿيندو ٿو وڃي.
شور ۾ سُڙٻاٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

عاشقيءَ جو ٿو پتو پئي دير سان،
عشق پر اڳواٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

مان ترارن جي تکي تاريخ هان،
هُو به ڄڻ چمڪاٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

مان سڙان ٿي ڌرتتيءَ جو ڌوڙ جان،
هو ڇمر جي ڇاٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

هر ڏسا جنهن جو اجالو هو ڏٺو،
اڄ اهو ئي ٻاٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

ساڌٻيلي جي ستارن سان سجيل،
جهلملايل واٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

ڪيترو ننڍڙو هيو جگنو مگر،
روشنيءَ جي لاٽَ ٿيندو ٿو وڃي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مونکي تِرڇي نِگاهن سان َمِٺڙا

گيت 

عبد الغفار تبسم

مونکي تِرڇي نِگاهن سان َمِٺڙا،
تنهنجو هِر هَر ڏسڻ ٺيڪ ناهي،
عشق سمجهان ٿو ٿِي پوندو هاڻي،
توسان اڳتي مِلڻ ٺيڪ ناهي.

عشق آهي ايذائن جي دنيا،
سُور صدمن ۽ گهائن جي دنيا،
سُک تہ آهن صرف نالي ماتر،
نِينهن ناتو ڳنڍڻ ٺيڪ ناهي.

مون ڏي ڇو رَمز سان ٿو نهارين،
ڇو نہ ٿو تون ڀلا سمجھ َڌارين،
پيار ٿي پوندو آ اِن طرح سان،
پيار جو ٿي پوڻ ٺيڪ ناهي.

دل اَلائي ڇو ڌڙڪڻ لڳي ٿي،
توکي سامهون جڏهن بہ ڏسي ٿي،
سڪَ جي آهي اِها ئي سڃاڻپ،
تنهنجي سامهون اچڻ ٺيڪ ناهي.

مون کي پڪ آ تہ هڪ ڀيرو مُرڪي،
سَرسُ سِڪ واري ڏئي سُپرين سُرڪي،
پوءِ پرديس تي ويندين اُسري،
قرب تو سان ڪرڻ ٺيڪ ناهي.

تنهنجا انداز سڀ باز وارا،
ڏئين ٿو ”تَبَسُم“َ جي دل تي لامارا،
مان تہ سمجهان ٿو ويندين کَسي دل،
تو سان مِلڻ جُلڻ ٺيڪ ناهي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تُنهنجي شَهر جي ڳَلِيُن ۾ پَنهنجي زِندگي ٿو ڳولهيان


غزل

عبد الغفار تبسم

تُنهنجي شَهر جي ڳَلِيُن ۾ پَنهنجي زِندگي ٿو ڳولهيان
تُنهنجي عِشق جي قِصَن ۾ پَنهنجي عاشِقي ٿو ڳولهيان

جا عُمر لَئِه اَرِپبي هُئي جنهن ۾ جانِ آڇبي هُئي
جا نهَ جوڙي ٽوڙِبي هُئي سا مَان دوستي ٿو ڳولهيان

سَچَ سُونهن وَفا جي پِيڇَن پاڳل ڪري پَڇَاڙيو
سوچُن جي مان دَڳنِ تي دِيوانگي ٿو ڳولهيان

سي جُنون جي دورَ وارا آدابَ جَا زَمانا
اڄُ ڀي اُنهن ڏِينهنَ جي آوارگِي ٿو ڳولهيان

آئِيني کي چيُم آئِينا ”تبسم“ ۾ ڇا ٿو جَانِچين
چَيائِين وَهِيءَ جي پوڙها تو ۾ تازِگي ٿو ڳو لهيان
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

پيارو پيارو اهو پَلُ ويو لکجي

غزل

ڊاڪٽر تنوير عباسي

پيارو پيارو اهو پَلُ ويو لکجي
تو نهاريو ته غَزلُ ويو لکجي

تنهنجي پوشاڪ جيان ئي سُرهو
جملو ڪو رنگ رَتَلُ ويو لکجي

ڍنڍ جي منهن تي سندءِ جيان
آهي ڪو نيل ڪَمَلُ ويو لکجي

رات جي اک ۾ ڪاتب کان
ڪارو ڪارو آ ڪَجَلُ ويو لکجي

ڪيئن تقدير لکڻ واري کان
عشق سان لفظ اَجَلُ ويو لکجي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

15/06/2016

پنهنجي رستن کي منزلون ڪونهن

غزل

رخسانه پريت

پنهنجي رستن کي منزلون ڪونهن
پوءِ به آسون اسان پليون ڪونهن

ٻڌي پياسن جي ڪا صدا وسنديون
ايڏيون ڪڪريون به بي وڙيون ڪونهن

سهڻي ساعت ڪا ياد بڻجڻ ڏي
گهڙيون جوڀن جون ڪي وريون ڪونهن

مليو هر ڪنهن لي جنهن جهلي جهولي
پنهنجون ئي پيار ۾ پتيون ڪونهن

آهيون وک وک تي ڄڻ ڪٺا ، سمجهو
پڇو عمريون ٿا ايئن کتيون ڪونهن

ڳالهه آ ٻي ڪا ، خواهشون پيارا
چنڊ چوڏهين تي ٿيون چريون ڪونهن

” پريت “ ڪيڏو نه خوش گذارن پيا
رکيون سيني ۾ جن دليون ڪونهن
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

11/06/2016

کيچلي او ڇوڪري وسرين نه ٿي

غزل

غوث پيرزادو

کيچلي او ڇوڪري وسرين نه ٿي
تصور جي پينگهه تان به لهين نه ٿي

ٻار ناهين هاڻ تون ٻاهر نه وڃ
ڪير ڀي توکي چئي سمجهين نه ٿي

واهه جي ڪڙ ڪالهه ويڳاڻي لڳي
مال ڪاهي ڇو هتان گذرين نه ٿي!؟

ڇو رٺي آن شاعريءَ جيان ڇيڳري!
ڏات جيان منهنجي اڱڻ اڀرين نه ٿي

چپ ڀڪوڙي ٿي هلين محفل ۾ تون
ڇو کلي دل سان هتي ٽهڪين نه ٿي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

09/06/2016

معمول حياتيءَ جو گذري ته غنيمت آ


غزل

اياز جاني

معمول حياتيءَ جو گذري ته غنيمت آ
روشن نه ڪري سورج، اڀري ته غنيمت آ

هڪ عمر وئي گذري اونداهه سان جهيڙيندي
هڪ پل به حياتيءَ جو اُجري ته غنيمت آ

ڪيڏو ته اُٻس آهي ويساهه جي اُڀ تائين
پر پو به پکي دل جو اڏري ته غنيمت آ

مون ڏانهن ٿئين مائل لازم ته مٺي! ناهي
احساس محتب جو اسري ته غنيمت آ

آڪاش منجهان تارا لاهي نه سگهيو "جاني"
هاڻي ته رڳو صحرا اڪري ته غنيمت آ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

04/06/2016

ڳالھائڻ وارن ڇا ڳالھايو ؟

ھڪ نظم !


( ھيءَ نظم گھڻو اڳ لکيل آھي ۽ اڻڇپيل آھي. سنڌ جي مجوعي صورتحال سُڌرڻ بدران ويتر اُڌري آھي. سنڌي ٻوليءٓ جو status ڇاھي؟ ادارن جي حالت ڇاھي؟؟ ان ڏس ۾ جن ڌرين جي ذميواري آھي، سي ڄُنڊاپٓٽٓ ۾ رُڌل آھن ! ڳڻتيءٓ جوڳي ڳالھہ اھا آھي تہ ان جو ڪنھن کي احساس بہ ناھي ! )


ڳالھائڻ وارن ڇا ڳالھايو ؟
ڇا ڳالھايو کي بہ ڇڏيو
پر ڇو ڳالھايو !
پاڻ سٓوال پُڇڻ وارا
ڪجھہ بہ ڪُڇڻ وارو
ڊينڊن جي قٓدٓ ڪٓڇڻ وارا
ڪير آھيون ؟!
ھي بورڊ ڦِٽائڻ وارا
دانگيءٓ جھڙين راتين کي آڻڻ لئہ
روشن ڏينھن کُٽائڻ وارا
ڇيڻ تي سيڻ مٓٽائڻ وارا
ٽڪي جھڙي عزت خاطر
ھي لکٓ لُٽائڻ وارا
جيڪي بہ وڻينِ تہ ڪن
جيڪي بہ وڻينِ چون
پنھنجو ڇاھي ؟
ڪجھہ بہ نہ آھي!
اسٽيج اُنھن جا
مائيڪ انھن جا!
پنھنجو ڇاھي؟
ڪجھہ بہ نہ آھي !
پنھنجا تہ رڳو ھٿ آھن
سو بہ رڳو تاڙين لئہ!
۽
مان سوچيان ٿو :
' تاڙيون تاڙ ٓ
ڪڏھن
ٿي
سگھنديون !'


- اِمداد حسيني.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/06/2016

پاڻ جيڪي وڻيس سو ٿي چيائين

غزل

سميع بلوچ

پاڻ جيڪي وڻيس سو ٿي چيائين
منهنجي ننڍڙي ڳاله ڀي دل ۾ ڪيائين

خواب ڀي پنهنجي بِستري جِيان،
صُبح ٿيڻ سان ويڙهي ڇڏيائين.

اڄ اجنبي جِيان ڀر مان گُذري!
ڪاله تائين پَئي پنهنجو سَڏِيائين.

ذڪر نه مُنهنجو ڪِٿي بي اچي!
اِها ڳاله آخري خط ۾ لِکيائين.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

01/06/2016

ڪيترو دردناڪ پل آهي

غزل

مئڪش سومرو

ڪيترو دردناڪ پل آهي 
آدمي پاڻَ کان ڊنل آهي 

پوپٽن جا پساھ پورا هِن 
۽ گلابن جي دل ٽٽل آهي 

هر ڳليءَ ۾ نچي نراسائي 
هر ڳليءَ ۾ اُٺو اجل آهي 

جنگ آهي مفاد جي جڳ ۾ 
مذهبن جو ڪٿي دخل آهي 

اچ ته تصوير امن جي جوڙيون 
امن تنهنجو اگر ڏٺل آهي 

ماڻهپي جو ڪوي اٿئي مئڪش 
ماڻهپو ئي سندس غزل آهي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دردَ جي دل نوازي سنڀالي اسان


غزل 

مئڪش سومرو 

دردَ جي دل نوازي سنڀالي اسان 
مرڪَ ۾ جعلسازي سنڀالي اسان 

بي ضميريءَ ۽ ڪوڙي انا کي ٿڏي 
بي خودي بي نيازي سنڀالي اسان 

عشق جي کيڏَ ۾ مالَ زرَ کان پري 
ساھَ جي يارَ بازي سنڀالي اسان 

جسم جو گهاءُ ڪو روحُ گهائي نه ٿو 
روحَ تي چوٽَ تازي سنڀالي اسان 

موھَ آڏو ئي مسجود ٿي دل رهي 
هي عبادتَ ، نمازي؛ سنڀالي اسان 

اي خدا هاڻِ مئڪش کِلي ٿو چوي 
بي سبب آهه آزي سنڀالي اسان
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>