امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


30/03/2013

شوق تنهنجو شئي ئي ٻي بنجي ويو

غزل

استاد بخاري

شوق تنهنجو شئي ئي ٻي بنجي ويو
دل لڳي مان ، زندگي بنجي ويو

چنڊ تارا ، گل سهي سودا نه ڏين
حسن تنهنجو هڪ هٽي بنجي ويو

چؤطرف چمڪار تنهنجي سونهن جا
چاھه منهنجو چؤدڳي بنجي ويو

سونهن سان جيڪو جڙيو سو جنتي
جو ٿڙيو سو دوزخي بنجي ويو

قرب ۾ ڪؤڙو ، ڪسارو هي سمو
شاھه جي وائي مٺي بنجي ويو

منهنجو سينو آ سدوري سنڌڙي
تنهنجو سِرُ سنڌو ندي بنجي ويو

عاشقن آڏو وڏو هيڏو پهاڙ
ڌوڙ جي آ خر دڙي بنجي ويو

جنهن کي تون”استاد“ووڙيندو وتين
سو ته تنهنجي شاعري بنجي ويو




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

29/03/2013

وئي عمر گذري خوب عطائون ڪندي ڪندي



مخدوم طالب المولا 


وئي عمر گذري خوب عطائون ڪندي ڪندي 
ماڻهن گھٽايو ڪونه دغائون ڪندي ڪندي

راضي رکڻ ۾ ان کي مان ناڪام ئي رهيس
تسليم ان جون روز رضائون ڪندي ڪندي

هيء ڳالھ سمجھ ۾ ته اڃان ئي نه ٿي اچي
وڻندو وڃي ڇو جاني جفائون ڪندي ڪندي

مان دل ڏيڻ ۾ واقعي محتاط آهيان 
ليڪن هو دل کسي ويو ادائون ڪندي



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

28/03/2013

توکي ساري زيب هليو ويو، جيون گهاري زيب هليو ويو



غزل

زيب سنڌي

توکي ساري زيب هليو ويو
جيون گهاري زيب هليو ويو

توکي ننڊ کڻي وئي هوندي
آڌيءَ ڌاري زيب هليو ويو

ڏينهن اڃا هئا جيئڻ جا پر
تن کي ٽاري زيب هليو ويو

ڪين وساڻي طوفانن سان
باه جا ٻاري زيب هليو ويو

شهر سڄي ۾ توکي ڳولي
سمنڊ ڪناري زيب هليو ويو

دير ڪئي تو ڏاڍي اچڻ ۾
راه نهاري زيب هليو ويو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اي خدا تون هيٺ لهي آ ، آئو گھڙي کن هيٺ لهي آ



اي خدا تون هيٺ لهي آ

آسي زميني

آئو گھڙي کن هيٺ لهي آ ، پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ
مون کان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ، منهنجي هڪڙي ڳاله ٻڌي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي آ ، آئو گھڙي کن هيٺ لهي آ

هڪڙا ماڻهو ننڍڙا ماڻهو، هڪڙا ماڻهو وڏڙا ماڻهو
ڪهڙا ماڻهو تنهنجا ماڻهو ، پنهنجن تي نشان هڻي وڃ
مون کان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ، منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي آ ، آئو گھڙي کن هيٺ لهي آ

پيرين اگھاڙو پيٽ بکايل، نٽهڻ اُس ۾ هر هلائي
ڪاري ڳڙ سين سُڪل ڀورا تون به هڪڙو ويلو چکي وڃ
مون کان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ، منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي آ ، آئو گھڙي کن هيٺ لهي آ

پيرين اگھاڙي ڇنل چولو، روئيندڙ روئيندڙ ڪنهن جي ڄائي
ڌارين آڏو جھول جھلي ٿي پنهنجيءَ کي خيرات ڏيئي وڃ
مون کان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ، منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي آ ، آئو گھڙي کن هيٺ لهي آ

آسيءَ کي جا ڏات ڏني تو، سا ئي لُڇي ٿي سا ئي پُڇي ٿي
پوء ڇو ڪافر دَهريو سڏجان مون کان پنهنجي ڏات کسي وڃ
مون کان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ، منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي آ ، آئو گھڙي کن هيٺ لهي آ



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هٿ ڏئي منهن تي، هوءَ شرمائي ٿي، چوڙيون کڙڪن ٿيون



وائي

رضوان گُل

هٿ ڏئي منهن تي
هوءَ شرمائي ٿي
چوڙيون کڙڪن ٿيون

نيڻ کڻي هر هر
ڪنڌ جھڪائي ٿي
چوڙيون کڙڪن ٿيون

ناري ڪمري ۾
ويس مٽائي ٿي
چوڙيون کڙڪن ٿيون

بارش ۾ پُسندي
دل هرکائي ٿي
چوڙيون کڙڪن ٿيون

هٿ اشارن سان
ڳالهه ٻڌائي ٿي
چوڙيون کڙڪن ٿيون



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري



غزل

رضوان گُل

اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري،
جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري.

هو مرڪي پئِي، ٿو صفا ايئن لڳي،
ته معصوم آهي گھڻي ڇوڪري.

اسان جون وفائون نه ٺُڪراءِ تون،
اٿئي ڪوئي سائين ڌڻي ڇوڪري.

سڄو ڄامشورو ويو واسجي،
گھمي ٿي ائين گل هڻي ڇوڪري.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>