امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


27/10/2014

گهٽا گُنگنايو ته تون ياد آئين

غزل

منصور سيتائي

گهٽا گُنگنايو ته تون ياد آئين ،
گُلن مُسڪرايو ته تون ياد آئين .

اڪيلو ڪري سڀ ائين سور ڏيندا ،
زماني ستايو ته تون ياد آئين .

وريا سڀ واهيرن ڏي پنڇي به پنهنجي ،
موٽي مالُ آيو ته تون ياد آئين .

تنهنجي نانءَ نالي سان مون کي او سانول ،
رقيبن رنجايو ته تون ياد آئين .

ڪنوارن چپن ۽ ڳلن پاڻ ۾ پئي ،
نئون نينهن لايو ته تون ياد آئين .

تنهنجو گيت منصور دردن ڀريو ڪنهن ،
اَسُر ويل ڳايو ته تون ياد آئين .


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

پرينءَ جو پُور ۽ سوچون، نگاهون چور ۽ سوچون

غزل

منصور سيتائي


پرينءَ جو پُور ۽ سوچون،
نگاهون چور ۽ سوچون.

ڪري ڪوئل پئي ڪو ڪو،
انبن جو ٻُور ۽ سوچون.

وڇوڙي جون ڊگهيون راتيون،
دليون رنجُور ۽ سوچون.

غلاميءَ ۾ ٿيو گدلو،
وطن جو سُور ۽ سوچون.

ويٺي ويٺي اڇا ٿي ويا،
جواني جهُور ۽ سوچون.

هي چانڊوڪي، اڪيلائي،
تنهنجو منصُور ۽ سوچون.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

19/10/2014

ڪجھ ان طرح سان سوچي لکان جو نئون لڳي

غزل

اندرا شبنم پونا والا

ڪجھ ان طرح سان سوچي لکان جو نئون لڳي 
۽ اهڙي ڍنگ سان سو چوان جو نئون لڳي 

سک جي تلاش ۾ حياتي تمام ٿي 
هر ڏک جو ائين بيان ڪيان جو نئون لڳي 

هر سوچ ۾ نواڻ جي ٿي کوج ۾ رهان
غم يا خوشي ڪجه اهڙو لهان جو نئون لڳي 

پاروٿو نظام ۽ راهون پٺيان ڪٽيل 
مان اهڙو دڳ ماڳ ڪڍان جو نئون لڳي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ستارا پکيڙي سنجها ٿي وڃي ٿي



غزل

ايوب کوسو

ستارا پکيڙي سنجها ٿي وڃي ٿي
سموري خدائي صدا ٿي وڃي ٿي

ذهن يادگيرين جي رڻ ۾ رلي ٿو
سڄي رات اڪثر سزا ٿي وڃي ٿي

نئين موسمن ۾ نياپا اچن ٿا
اکين جي عبادت ادا ٿي وڃي ٿي

سڄو پيار هُن جو نظر ۾ گهمي ٿو
سکي آرسي جان صفا ٿي وڃي ٿي

اکين سان گلابي اکيون هي ملن ٿيون
محبت اُٺي جي هوا ٿي وڃي ٿي

حياتي ستارن جو سڏڪو لڳي ٿي
جڏهن دلربا بي وفا ٿي وڃي ٿي

اسان لاءِ جدائي جي موسم پرين
موهن جي دڙي جي ڪٿا ٿي وڃي ٿي



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/10/2014

پن پن جو پڙلاءُ چوي ٿو آءُ

غزل

منصور سيتائي

پن پن جو پڙلاءُ چوي ٿو آءُ ،
ڪونجن جو ڪُرلاءُ چوي ٿو آءُ .

منهنجي ديس جي آزادي تون ڪاٿي آن ؟
هيءُ غلاميءَ گهاءُ چوي ٿو آءُ .

دل جا دُوار کليل هِن تولئه جاني ،
اکڙين آدرڀاءُ چوي ٿو آءُ .

سياري راتيون تڙپائن ٿيون توبن ،
يار اُتر جو واءُ چوي ٿو آءُ .

راڻا ريت رُسڻ جي ڇڏ پرچي پَئـُ ،
سومل جو سوداءُ چوي ٿو آءُ .

اڄ ڪلهه تون منصور ڪِٿي ٿو برسين ،
جوڀن رُت جو تاءُ چوي ٿو آءُ.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

11/10/2014

وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي.

وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي

مسرور پيرزادو

ڇڏي اڄ شور شهرن جو، 
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي. 

فجر جو ماڪ جِت اُٿندي،
پَنن جي بستري تان آ،
اُنھيءَ پل مَينھن ڏُُڀندي آ،
چَڙين جو ساز هُو سُهڻو،
سُريلي ڳالھه چوندو آ. 

امان جي چانھه جي چُسڪي،
طعامن کان گھڻي مٺڙي.
جتي جا وڻَ به منهنجي لئه،
اِئين آهن جئن ڳوٺائي،
ڏِسي مون کي اُهي ئي وَڻَ،
کِلي ڄڻ اِيئن چوندا ِهن: 
"مسين آن يار تون آيو!" 

ٿين ٿيون وِيھه منهنجي لئه
جتي جون ميرڙيون واٽون،
ٻڌائن بيت سھڻيءَ جا
جتي درياھ جون دانھون. 

ڪُراڙين عورتن کان مان، 
پُراڻا ڪي ٻُڌان سهرا،
۽ پوڙهن کان پُڇان آئون
قِصا ڪي لوڪ ڏاهپ جا.

مُهين جي اوٽ ۾ لهندڙ، 
ڏسان سورج وڃي اڄ مان، 
ڏسان هو چنڊ چوڏهينءَ جو،
مٿان سنڌوءَ جي اڄ مان.

جتي جهولا اونهاري ۾،
جتي پارا سياري ۾،
مگر مَن پو به خوش آهي
"وليم شيڪسپيئر" وانگي،
جو وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي،
هيو چوندو: "اچو هيڏي! 
اچو هيڏي! اچو هيڏي!
هتي بس سخت موسم کان، 
سوا ويري نه ڪو آهي!" 

ڇڏي اڄ شور شهرن جو،
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي۔


کجيون هي ڳوٺ منهنجي جون
کِلي ٿيون مون کي کيڪارين 
ٻنيون هي ڳوٺ منهنجي جون
اکيون منهنجيون پيو ٺارن
لهي سورج پيو جڏهين
وري ڌڻ مال جو تڏهين 
ڪوئي ميهار درديلي
وڄائي بنسري تڏهين،


لهن جت ڍنڍ تي تي ڪيڏا،
پکي پرديس جا پيارا،
سدائين ڪاش پيا ڏسجن،
هي منظر موهڻا سارا،


سياري سرد راتين ۾
ڪچهري مچ تي مچندي،
پلي-مانيءَ کان پوءِ جت،
ڪڙڪ آ چانهه ڪا ٿيندي،

جتي گرمين جي موسم ۾ 
پِپر جو وڻّ آ پيارو،
اڱڻ تي راند جو کٽ تي،
هُو چڏهينءَ چنڊ موچارو.
ملي جِت هم ڪلاسين سان،
ڪيان ٿو ياد مان ماضي،

اهو ٻالڪپڻو منهنجو، 
جڏهن هرڪو هيو راضي،
وڃي جِت ٻير مان ميڙيان
ڦَريون، ڦوٽا جتي کاوان،
مٽي ڳوهي وڃي جيڪر،
وري رانديڪڙا ٺاهيان.

ڇڏي اڄ شور شهرن جو،
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>