امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


31/07/2014

پرانهين پار مان نظرون پکين وانگر اُڏيون هونديون

محبوب دوست پياري شاعر سائين علي بخش منصور سميت سڀني پرديسن جي نانءِ 

جميل سومرو

پرانهين پار مان نظرون پکين وانگر اُڏيون هونديون ،
دليون پرديس وارن جون ٻچن لئه رت رُنيون هونديون .

اباڻا ڪَک جڏهن ويٺي اچانڪ ياد پِيا هوندا ،
پَرائِي سر زمين تي ساهه کي هڏڪيون لڳيون هونديون .

چوڻ سوکو ڪَٽڻ اوکو آهي پرديس او پيارا !
انهن کان پُڇ پرينَ کان جن پري راتيون ڪَٽيون هونديون .

ڀريل نيڻن جي نيسر سان مُنجهائي ساهه کي سڪ ۾ ،
ويچارن حسرتون پنهنجون هٿن سان خود وڍيون هونديون .

ڏهاڙا عيد جا ٽيئي ٽنگيل هوندا ٽياسن تي ،
وڇوڙن بيوسن جون ڪيئن چَڪي ٻوٽيون پَٽيون هونديون .

۽ مائٽن جا دُکِي هينئڙا دکيا هوندا رُنا هوندا ،
نديءَ وانگر ڀريل دلڙيون اڃا ويتر ڇُليون هونديون .

— with Irshad Ali
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دشمنن سان ته منهُن ڏجي "سرڪش"، دوستن ۾ ڪو آسرو ناهي

غزل

سرڪش سنڌي

جاڪون توساڻ رابطو ناهي
ڪوئي اکڙين تي ضابطو ناهي

ٿيون وسن جيئن مينهن سياري جو
درد ۽ دل ۾ فاصلو ناهي

زندگي ۾ رڳو رهيو توسان
ٻئي ته ڪنهن سان به واسطو ناهي

راههَ مشڪل وري پري منزل
هاءِ افسوس قافلو ناهي

ٻيو ته سڀ ڪجهه مگر مزو ڪهڙو
جيسيتائين هُو آجپو ناهي

دشمنن سان ته منهُن ڏجي "سرڪش"
دوستن ۾ ڪو آسرو ناهي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

30/07/2014

سڏڪا آيا سارون آيون ، عيد نه آئي

پنجڪڙو

جميل سومرو

سڏڪا آيا سارون آيون ، عيد نه آئي .
ڏينهن سڄو ئي تنهائين ۾ گذري وِيو .
روح سمورن پاتارن کي اُڪري وِيو .
لُڙڪن جون اڄ لارون آيون ، عيد نه آئي .
سڏڪا آيا سارون آيون ، عيد نه آئي .




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دروازي ۾ ديد آ سائين، تو بن ڪهڙي عيد آ سائين

سجاد مهر

دروازي ۾ ديد آ سائين، 
تو بن ڪهڙي عيد آ سائين


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

آلي آلي ديد اسان جي، عيد به ڪهڙي عيد اسان جي

مٺل سولنگي

آلي آلي ديد اسان جي، 
عيد به ڪهڙي عيد اسان جي 



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

25/07/2014

برسات وسي وئي آ

رخسانه پريت

برسات وسي وئي آ
بس پياس پُسي ڪانهي
هر چيز پُسي وئي آ


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

01/07/2014

درد پنهجائپ جو هو نه بخشي اڄ وري

غزل

اندرا شبنم پوناوالا

درد پنهجائپ جو هو نه بخشي اڄ وري،
دل ۾ اهڙي ڀوَ کي ڪو اڀاري ٿو پيو.

منهنجو غائب ٿي وڃي ٿو سارو اهم و وجود،
ڇا ته ڄاڻوءَ جي نگاھ سان هو نهاري ٿو وڃي.

هڪ پرولي آن، هُئينءَ ٿي پرولي رهندينءَ تون،
الجھنن جي وچ ۾ هو موکي بيهاري ٿو وڃي.

ڇا سلڻ کان بهتر آ ”شبنم“ الڻ يا ڪي سلڻ،
هو ڪجھ اهڙن ئي سوالن کي اڀاري ٿو وڃي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>