غزل
هدايت بلوچ
ويا سي وقت پيار جا، نه هو غلط نه مان غلط،
رهي ٿو هو خفا خفا،نه هو غلط نه مان غلط.
اسان کي عشق ٿيو هيو ۽ هن به پيار هو ڏنو،
هينئر نه ڳالھ آ اها، نه هو غلط نه مان غلط
نه چاهتون اهي رهيون،نه حجتون اهي رهيون،
نه ٿا پڇون ڪا ڇو ۽ ڇا،نه هو غلط نه مان غلط.
نه هو تجربو عشق جو،الهڙ هياسين ٻئي اسين،
زماني آ ڏني سکيا،نه هو غلط نه مان غلط
نه ٿو ڪري سگھي وفا ته ان کي ڇو چوان جفا؟
نه ٿو چوان جفا جفا، نه هو غلط نه مان غلط.
ثبوت ڪونه ٿا گھرون،سبب به ڪونه ٿا پڇون،
ڪبي نه پيار ۾ پڇا،نه هو غلط نه مان غلط.
شراب جا نشا به ڇا،جو صبح ٿئي لهي وڃن،
ڪياسون نينهن جا نشا،نه هو غلط نه مان غلط.
جنون ڀي غلط نه هو،نه هوش آ غلط هينئر،
سڀن جو پنهنجو وقت آ، نه هو غلط نه مان غلط
نصيحتون،هدايتون،اسان کي ڪون ڪو ڪري،
سڀن جا پنهنجا پيچرا،نه هو غلط نه مان غلط