امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


25/10/2018

اصول پيار جا ڪنهن کان سڄڻ سکيو آھين

زاهد شيخ

اصول پيار جا ڪنهن کان سڄڻ سکيو آھين 
عجيب ڳالھ آ هاڻي ھٽڻ سکيو آھين 

اسان جي آڏو اجايو هڪو ٻڪو ڇو آن 
چوڻ جي ڳالھ ڇو دل ۾ رکڻ سکيو آھين 

رسڻ ۾ آھي مزو جيڪو سو بہ پرچڻ سان
تون هيل اڳوپو يار رسڻ سکيو آھين 

جواب ڪهڙا خطن جا لکان ٻڌاء کڻي 
سوال ابتا ئي ابتا پڇڻ سکيو آھين 

ڏسي تون راھ ۾ زاهد کي منهن مٽائين ٿو 
مان ڪهڙي منهن سان ڏسان منهن ڍڪڻ سکيو آھين.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/08/2018

عيد آئي هر ڪنهن گهر عيد ڪئي



عيد آئي هر ڪنهن گهر عيد ڪئي
ڪنهن نہ چاهيندي بہ آخر عيد ڪئي

صبح جو ڏيئي صدا گهر گهر پني،
گودڙيء ۾ آ گداگر عيد ڪئي

آسري امداد جي راهون تڪي،
ٿوهرن جي ٿاڪ ۾ ٿر عيد ڪئي

آجپو ڍل کان مهاڻن کي مليو،
ڪوڏ مان ڪيڏي تہ ڪينجهر عيد ڪئي

سر ڏئي سجدا ڪري ڌرتي چمي،
ڪات هيٺان آهہ ڪونڌر عيد ڪئي

خون سان اڇا جهنڊا ڳاڙها ڪري،
آ شڪاگو ۾ بہ ناصر عيد ڪئي

حق وٺڻ جي واٽ پورهيت کي ڏسي،
مرڪندي مزدور ليڊر عيد ڪئي

ماڻهپي جي منهن مٿي دانگي ملي،
آ اڊمبر ساڻ آمر عيد ڪئي

ڪنهن ڪئي ٰ گل ٰ مرڪندي ڪنهن سڏڪندي،
هر ڪنهن آ حال آهر عيد ڪئي

 (مقصود گل )



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڀانئيان هرڪو ڏينهن ڄڻ ته هجي هت عيد جو

چاهيان هر پل ديس ۾ نئون نپجي نينهن 
ڀانئيان هرڪو ڏينهن ڄڻ ته هجي هت عيد جو

رخسانا پريت
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/05/2018

موت کي ۽ حيات کي روڪي


غزل

 اختر درگاهي

موت کي ۽ حيات کي روڪي 
اچ ملون ڪائنات کي روڪي

ڏانءُ اھڙو ڪٿان کڻي آئين 
جنھن ڇڏيو منھنجي ڏات کي روڪي

صبح ٿيندو تہ ھوءَ ھلي ويندي
ڪير آھي جو رات کي روڪي

ھڪڙو محبوب ويھاري من ۾ 
مون ڇڏيو خواھشات کي روڪي

عشق انسان ساڻ ٿيندو آ 
عشق ٿو ذات پات کي روڪي

باک جھڙي پرينءَ اڳيان شاعر 
ڇڏ انھي فاعلات کي روڪي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

20/02/2018

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو

گيت

سوز هالائي

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو،
ياد جا گل گلاب کڻي وڃ،
پرينءَ کي پهچائي ڏج،
چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

اجرا اجرا ۽ تو جهڙا،
سارا منهنجا خواب کڻي وڃ،
ساهن منجهه سمائي ڏج،
چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

خط هوائن ڪونه پڄايا،
هاڻي هٿ جواب کڻي وڃ،
لوڪ سڄي کان لڪائي ڏج،
چنڊ پرين جي پار وڃين ٿو.

منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي ڇڏ،
نيڻڻ منجهه حجاب کڻي وڃ،
وڃ مگر شرمائي ڏج،
چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

نينهن سنيهن جا ”سوز“ سنيها،
بي حد بي حساب کڻي وڃ،
جهوليءَ کي ڦهلائي ڏجل،
چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>