امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


29/04/2016

روشني بدن تنهنجو، دلڪشي بدن تنهنجو




غزل

امداد سولنگي

روشني بدن تنهنجو،
دلڪشي بدن تنهنجو.

ساه پيو ڪويتا ۾
شاعري بدن تنهنجو.

پيار آهي اگني ۽
ساڪشي بدن تنهنجو.

تو پڇيو خدا آهي؟
ثابتي بدن تنهنجو.!

ٿو تڪي ڪارونجهر ،
مورڻي بدن تنهنجو.

رٿ آهي تارن جو،
پالڪي بدن تنهنجو،

خودڪشي جي آڏو آ،
زندگي بدن تنهنجو.

گھر آ چڪورن جو،
چاندني بدن تنهنجو .

سون ، جان سريکو آ،
قيمتي بدن تنهنجو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

نفرتن جو آهي هُل، چاهتن جي ديس ۾

وائي

وفا گولو

نفرتن جو آهي هُل
چاهتن جي ديس ۾

خوشبوءِ روئي پئي
شاخ تان ڪريو جو گُل
چاهتن جي ديس ۾

هڪ چمي سان ڊاهجي
بيرخين جو هي جبل
چاهتن جي ديس ۾

نرگسي احساس ٿا
تلخ لهجا ڪن قتل
چاهتن جي ديس ۾

دل صحيفو پاڪ ٿي
روح تنهن جو ٿي رحل
چاهتن جي ديس ۾

درد تنهنجي جو وفا
ڪير ڳولهي يار هل
چاهتن جي ديس ۾


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/04/2016

ﻫﻲ ﺳﭵﻮ ﺧﺎﻟﻲ ﻧﮕﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻪ ڏﻱ



ﻏﺰﻝ

غوث ﭘﻴﺮﺯﺍﺩﻭ

ﻫﻲ ﺳﭵﻮ ﺧﺎﻟﻲ ﻧﮕﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻪ ڏﻱ
ﻫﺎﺀِ الڪن ﺟﻮ ﺳﻔﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻪ ڏﻱ

ﺷﺎم ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺁ ﭔﺴﻲ ﺑﻴﻮﻫﻪ ﺟﻴﺎﻥ
هيڪلاين ﺟﻮ ﺯﻫﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ نه ڏﻱ

ﺳﺎﻧﺖ ﺗﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﻣﭥﺎﻥ ﭰﻬڪي ڪري
ﭼﻨڊ ﻫﻲ ڪارو ﺍﺑﺮﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻪ ڏﻱ

ﻫﺮ گهٽي ۽ ﮔﺎﻡ ﺗﻨﻬﻨﺠﻮ ﭤﻲ ﭘﮁﻲ
سڏڪندڙ ﺳﺎﺭﻭ ﻫﻲ ﮔﻬﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻪ ڏﻱ

ﻣﻮﺕ ﺟﻲ راڪاس ﺟﻬڙﻭ ﻳﺎ ﺧﺪﺍ
ﭜڙﭜﺎﻧﮓ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻫﻲ ﺑﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻪ ڏﻱ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/04/2016

منهنجا پرين! او بانورا! او سانورا!

شيخ اياز

منهنجا پرين!
او بانورا! او سانورا!
گھر ۾ گھرين،
چوري ڪرين، کلندو ورين،
مان لک چوان، پيرين پوان،
پر جو مڙين، او شل جڙين!
منهنجا پرين!
او بانورا! او سانورا!


سورج ويو جئن ڍرڪندو،
۽ شام لهرايون چڳون،
آئين نظر تون مرڪندو.....
ڪيڏيون نہ گھرايون هيون،
منهن ۾ سندءِ اي آشنا!
سو سو سنيها جن ڏنا!


جئن ڪنگ اڏريا واءُ ۾،
ڦرنديون ڪريون، کنڀڙيون کٿيون،
ٿي ويا ڇلا ڦهلاءُ ۾،
جئن ڍنڍ ۾ لهريون اٿيون،
تھ ۾ نظر آئين پئي
وھ تي بہ لهرائين پئي...
پر رات ڦهلايا جڏهن،
تارا ٿيا تارا سندءِ،
وڻ سانت ۾ آيا جڏهن،
آيا نظر چارا سندءِ،
گذري ائين ئي رات وئي،
تن مان نہ تنهنجي تات وئي...


کن ۾ کسي دلڙي وئين،
زورآوري پنهنجي بہ ڏس!
مهنا ٿيا جو منهن پئين،
ڏيساوري پنهنجي بہ ڏس!
لنءُ لائجي، پرڀائجي،
پوءِ ڇو ائين گھٻرائجي!
منهنجا پرين!
او بانورا! او سانورا!


کن ۾ ڦرين،
ويندو رهين، لک ٿو لهين،
مان پئي چوان، پيرين پوان،
پر جو مڙين، او شل جڙين!
منهنجاپرين!
او بانورا! او سانورا!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

21/04/2016

هڪ ته سمجهيو نه مون ٻيو ٻڌايو نه تو،

استاد بخاريءَ جي ڪافي

هڪ ته سمجهيو نه مون ٻيو ٻڌايو نه تو،
دل پڪي وئين ڪري، دير سان پيو پتو.

تنهنجي پاسي منجهان مان نه اٿندس مٺا،
ھي پهاڪو ڪڏھن ڪو نه مڃندس مٺا،
راند ڇڏجي رتي ميلو ڇڏجي متو،
دل پڪي وئين ڪري دير سان پيو پتو.

وار پنهنجا وکيري ڪڪر ڇانوَ ڪر،
چار بوسا وسائي ٿڌا ساھَ ڪر،
پياس ڏاڍي لڳي ڏينهن ڏاڍو تتو،
دل پڪي وئين ڪري دير سان پيو پتو.

ڪو جي ٻيڙو ڪُنن ۾ اچي ٿو ڏسو،
تيز اوٿر ۾ ٻُوڙو لُڇي ٿو ڏسو،
اھڙو مونکي بُخاري وڇوڙي وتو،
دل پڪي وئين ڪري دير سان پيو پتو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

06/04/2016

موت اچڻ ۾ دير ڪئي آ، يار ملڻ ۾ دير ڪئي آ


قطعا 

اسحاق راهي

موت اچڻ ۾ دير ڪئي آ،
يار ملڻ ۾ دير ڪئي آ،
ڏسجي، ڪير اچي ٿو اڳ ۾،
مون به مرڻ ۾ دير ڪئي آ.

*
هُو ماڻن سان ماري ته مان ڇا ڪريان،
جي مُرڪي نهاري ته مان ڇا ڪريان،
چريائي سان پنهنجو وڏو چاههُ آهي،
صنم جي سُڌاري ته مان ڇا ڪريان.

*
پيار جو نالو کڻي مون سان نه مِلُ،
بره جو ڀالو کڻي مون سان نه مِلُ،
منهنجي دل جو اي سڄڻ ڪرڪو خيال،
نيڻ ڪو آلو کڻي مون سان نه مِلُ،

*
توکي جيئن مان ڏسندو آهيان.
مرندي مرندي بچندو آهيان،
مون کان مُرڪ لڪائين ڇو ٿو،
مان ته انهيءَ لئه مرندو آهيان

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

گلشن تي لک، گلن تي ، نظارن تي ويهي لک

اسحاق راهي جي تخليق:


گلشن تي لک، گلن تي ، نظارن تي ويهي لک،
لکڻو اٿئي ته دل جي بهارن تي ويهي لک

هر دم، قدم ۽ راهگذارن تي ويهي لک
گھٽ گھيڙ تي ۽ چاهه جي چارن تي ويهي لک

نظرن کي آ فريب مليو سبزه زار کان
ويران شهر، صحرا، مزارن تي ويهي لک

ذڪر_ خزان فضول آ گلشن ۾ همنشين
دل ٿي چوي ته دل جي قرارن تي ويهي لک

گرهڻ لڳي ٿي جن کي انهن تي لکڻ ڇڏي
ٽيڙو ڪتبن فلڪ جي ستارن تي ويهي لک

گيسو ڇڏي ٿو يار ته ٻئي جڳ ٿا واسجن 
راهي لکين ته ان جي ئي وارن تي ويهي لک
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

02/04/2016

حسرتن سان نڀائڻو پوندو، وقت ائين ئي گذارڻو پوندو


غزل

ولي محمد ”وفا“

حسرتن سان نڀائڻو پوندو،
وقت ائين ئي گذارڻو پوندو.

ڪنھن کي ويجھو وھارڻو آھي،
وقت کي اڄ بيھارڻو پوندو.

اڳ نه معلوم ھو، پري پيڪر،
توکي پائي به ھارڻو پوندو.

دل ۾ ڪڏھن رھيا جي دل وانگي،
ھاڻي تن کي نھارڻو پوندو.

ھار سينگار ٿا ڪيو ڏاڍا،
سر به ڪنھن کي سنوارڻو پوندو.

جنھن کان وڇڙي سڪون نه پاتوسين،
ھاءِ تنھن کي وسارڻو پوندو.

ڪنھن ٿي ڄاتو ”وفا“ ڪو ايئن ٿيندو،
پاڻ کي پاڻ مارڻو پوندو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جدوجھد جي گود ۾ دل جو قرار ڳول

غزل

”محسن“ ڪڪڙائي

جدوجھد جي گود ۾ دل جو قرار ڳول،
انسانَ، منھنجا ڀاءُ، اکيون پٽِ، وقار ڳول.

عياشين ھٿان نه ڪٿي پيڙجي وڃين،
او مست، پنھنجي دَور جو مسڪين پيار ڳول.

ڏاھا، نه رو، روئڻ ته ڏکن جو علاج ناھه،
مجبورين جي ديس ۾ ڪجھه اختيار ڳول.

مخلص جنون، عظيم پريشانيون، اُمنگ،
ڪمبخت، ڪونه ڪو ته حسين يادگار ڳول.

ساقي گريءَ جو زعم بجا، ساقيا، مگر،
ڪٿ آھه ميڪشن جي اکين ۾ خمار ڳول!

”محسن“ متان لڀي به پوي غيرتن جو جوش،
وِک وِک تي پنھنجي وقت جي چيخ وپڪار ڳول.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

آءُ ته جيءَ ۾ جاءِ ڏيانءِ

ٽي شعر

”محسن“ ڪڪڙائي

آءُ ته جيءَ ۾ جاءِ ڏيانءِ،
اڻ ڳالھايل ڳالھين وانگي!

ماڻھو خواھه مِرون، سڀني لئه،
ڇانو ڏني سين ٽالھين وانگي!

خوشبوءِ پنھنجي پوکيل آھي،
”محسن“ پارن مالھين وانگي!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ھي اوسيئڙي ۾ پاڇولا لَڙي ويندا، تڏھن ايندين!


انتظار

پروانو ڀٽي


ھي اوسيئڙي ۾ پاڇولا لَڙي ويندا، تڏھن ايندين!
جڏھن ھي لُڙڪ اکين مان سُڪي ويندا، تڏھن اِيندين!

اڃا محفل مَتَل آھي، اڃا مستن کي ھوش آھي،
جڏھن سجدن ۾ ديوانا جھڪي ويندا، تڏھن ايندين!

مڃان ٿو اڳڀرو آھين، اڃان منھنجي نگاھن کان،
تڪي راھون منھنجا جذبامري ويندا، تڏھن ايندين!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

01/04/2016

سدائين رکي ٿئون هي ڇاتي وڏي


غزل

ايوب کوسو

سدائين رکي ٿئون هي ڇاتي وڏي
ڀلي آزمائي ڪو ڪاتي وڏي ..!

دريائن جي ويجهو رهياسين اڃايل
ڪئي وقت ويساهه گهاتي وڏي.!

اڃان هوءَ اندر جر شهر ۾ رهي ٿي
اڃان هن لئه دل آهي آتي وڏي.!

اُها آ اسان جي اُميدن جي خوشبو
وري جنهن سڳي آهي پاتي وڏي

پرين زرد موسم نهوڙي ڇڏيندي
ائين دير جيڪر تو لاتي وڏي.!

وڇوڙن کي آخر سنڀالي به وٺبو
رهي پيار جي شل حياتي وڏي.!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اسين ڪيئن جياسين اهو ڇڏ کڻي

غزل

سائينداد ساند 

اسين ڪيئن جياسين اهو ڇڏ کڻي
وڇوڙن وڍياسين ، اهو ڇڏ کڻي

اوهين هڪڙي محفل ۾ ويٺا هيا
اسين به هياسين اهو ڇڏ کڻي

اوهان جو ملڻ هو يقينن خوشي
اسان ڇو رناسين اهو ڇڏ کڻي

اوهان کان اٿياسين سڌو سمنڊ تي
اتي ڪيئن ٿياسين اهو ڇڏ کڻي

برهه باهه وانگي وڪوڙي وئي
ٻرياسين بچياسين اهو ڇڏ کڻي

اوهان ايترو خوش ڀلا ڇو هُيا
اسان ڇو لڇياسين اهو ڇڏ کڻي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>