امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


31/05/2016

خوف ڀلجي آجپي سان پيار ڪر

غزل

ايوب کوسو

خوف ڀلجي آجپي سان پيار ڪر،
ڇڏ اداسي حوصلي سان پيار ڪر.

سنڌ چاهي ٿي گلابي عاشقي،
تون بلاول روپلي سان پيار ڪر.

چنڊ ناهي ڇا ٿيو اي دل چري،
هاڻِ پنهنجي سوجهري سان پيار ڪر.

ڇڏ شرابن جي خمارن جي ثنا،
سانورائي جي نشي سان پيار ڪر.

ڇو ثقافت کي وساري ٿو ڇڏين،
گهاگري اجرڪ گهگهي سان پيار ڪر.

تنهنجي نيڻن ۾ رهي تاريخ آ،
تون وڃايل ماڻھپي سان پيار ڪر.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

25/05/2016

رات ڄاڻي، چنڊ ڄاڻي پاڻ وينداسين هليا

غزل

ايوب گُل

رات ڄاڻي، چنڊ ڄاڻي پاڻ وينداسين هليا
پرھ جو چانگو پلاڻي پاڻ وينداسين هليا

هراکر تنهنجو اکين تي ٿي رکيو آيت جيان
هاڻ وٺجان پيار ناڻي پاڻ وينداسين هليا

ڌار جو ليڪو ڇڪي تو پاڻ کان پرتي ڌڪيو
هاڻ ڇا دل خاڪ ڇاڻي؟ پاڻ وينداسين هليا

گلبدن پنهنجي بدن جي باک ۾ ٽڙندڙ سڀئي
ڇو ڇڏيا تو ڦول ڇاڻي پاڻ وينداسين هليا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/05/2016

سرمئي ڪنهن سار جون ڳالهيون نه ڪر

غزل

علي زاهد

سرمئي ڪنهن سار جون ڳالهيون نه ڪر،
اڄ وري سي پيار جون ڳالهيون نه ڪر.

تو جتي مون کي ڇڏيو هو هيکلو،
تنهن ڀريءَ بازار جون ڳالهيون نه ڪر.

ٿي شڪسته ناوَ چئي پاتار کي!
عشقَ جي آزار جون ڳالهيون نه ڪر.

چاهتن جي ڪنهن سفر کان اڳ، پرين،
ماڳ جي اظهار جون ڳالهيون نه ڪر.

تڙپ کان وڌ ڪا به ٻي سُولِي نه آ،
تون اڃان ڪنهن دار جون ڳالهيون نه ڪر.

تنهنجي نيڻن جا سمندر ٿا چون،
'او چريا! پاتار جون ڳالهيون نه ڪر.'

عشق جو ڌاڳو ٻڌي سهڻي وئي،
هاڻ تِک ۽ تار جون ڳالهيون نه ڪر.

ڪو چوي درويش، ڪو زاهد چريو،
رمز ۽ اسرار جون ڳالهيون نه ڪر.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/05/2016

ھن رند محبت تی، ویساھ ڏکي پوندو

وائی

فرزانه شاهين

ھن رند محبت تی،
ویساھ ڏکي پوندو،
من! ساھ ڏکي پوندو.

ڇو قلب پیو ٽوڙین؟
اللہ ڏکي پوندو،
من! ساھ ڏکي پوندو.

ڪر سنڌ نہ تون ڀڱا،
ڀٽ شاھ ڏکی پوندو،
من! ساھ ڏکي پوندو.

ھي دیس سڪائیندو،
دریاھ ڏکی پوندو،
من! ساھ ڏکي پوندو.

شاھین ھلي دم سان،
ھمراھ ڏکی پوندو،
من! ساھ ڏکي پوندو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

10/05/2016

مُنهنجا دلبر دل دُکي ٿي اَڄُ گَھڻي توکانسواءِ



غزل

ڪي ٽي دادلاڻي

مُنهنجا دلبر دل دُکي ٿي اَڄُ گَھڻي توکانسواءِ
اَڄُ خوشي ڀي غم جو ريگستان بَڻي توکانسواءِ

ياد تُنهنجي آهي مُنهجي زندگيءَ جي همسفر
توُن ئي چئُه ڪيڏانهن وَڃان هيءَ دل کڻي توکانسواءِ

باغ دل جو ٿيو اُجڙ ۽ ٿي خزان اَڄُ مُند بَهار
ٽار مان سَڀُ گُل ڇڻي پَٽَ تي پيا توکانسواءِ

نيڻ مُنهنجا اَڄُ وَسائِن بي مُندي برسات ٿا
جيءَ جُھريل کي ڳالهه ڪائي نا وَڻي توکانسواءِ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/05/2016

دلدار وڏي شيءِ آ, ها پيار وڏي شيءِ آ

غزل

سجاد ميراڻي

دلدار وڏي شيءِ آ
ها پيار وڏي شيءِ آ

ماڻهو ته مٽي جو آ
ڪردار وڏي شيءِ آ

ڀل آءُ نه آءُ پرين
اقرار وڏي شيءِ آ

تون ٿورو مرڪي ڏس
اظهار وڏي شيءِ آ

جت تنهنجا پيرا هِنِ
سو پار وڏي شيءِ آ

هي سونهن ۽ سوڀيا جو
سنسار وڏي شيءِ آ

ديدار جو دَانُ ڏي بس
ديدار وڏي شيءِ آ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ويهي ڪيئن ڏکان اديون؟

وائي

فرزانه شاهين

ويهي ڪيئن ڏکان اديون؟
پيرو مان ووڙيان،
مونکي هوت ڇڏي ويو.

پنڌن سين هي پيرڙا،
جيڏيون! مان جوڙيان،
مونکي هوت ڇڏي ويو.

ڪاتب گوندر ارپيا،
ليک لکيو لوڙيان،
مونکي هوت ڇڏي ويو.

هوت رهي هن ساهه ۾،
ڪنهن پر منهن موڙيان؟
مونکي هوت ڇڏي ويو.

دانهون دل جي درد جون،
ڏونگر پئي ٽوڙيان،
مونکي هوت ڇڏي ويو.

ڳوڙهن ۾ شاهين مان،
جيون ٿي ٻوڙيان،
مونکي هوت ڇڏي ويو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

04/05/2016

هَر پَل دِل جا ناز نوان، ڪون مِلن ٿا ماڳ سَوان

غزل

ڪي ٽي دادلاڻي

هَر پَل دِل جا ناز نوان
ڪون مِلن ٿا ماڳ سَوان

عِشق مُنجهايو آهي گهڻو
الجَهن ۾ ٿو اٽِڪي پوان

گهُورُن سان دِل گهائي ٿو
اکرُ زبان سان ڪِين چوان

رَت جي آ رَفتارَ تکي
۽ دِل جا ارمانَ جوان

ماڻِيان مان نِت نِينهنُ نِجو
آتِيون اکڙيون ٿِئن رَوان

مُحبَت مَنَ کي ماري ٿي
فقط پرينئن جي لاتَِ لوان
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>