امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


24/12/2014

دل جي حقيقت ڪو به نه ڄاڻي

غزل 

علي محمد مجروح

دل جي حقيقت ڪو به نه ڄــــــــــاڻي
ڇاهي محبت ڪو به نه ڄاڻــــــــــــــي

حسن جي فطرت ڪو به نه سمجهي
عشق جي قسمت ڪو به نه ڄــــــــاڻي

هر ڪو اکين جي آس پڄــــــــائـــــــي
روح جي راحت ڪو به نه ڄـــــاڻـــــــي

”مجروح“ سخــــــــن ۾ آهي لــــــــکيل
سونهن جي صورت ڪو به نه ڄــــاڻي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

01/12/2014

هڪ شخص هليو هڪ شهر گهمڻ، گمنام گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويو

غزل

سرڪش سنڌي


هڪ شخص هليو هڪ شهر گهمڻ، گمنام گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويو
وئي ڳوٺ سڄي ۾ ڳالهه هلي، گهرام گهٽيءَ ۾ گُم ٿي ويو

ها، جلدي ۾ واپس ٿو اچان، هڪ بس ٿو وڃان ٻي بس ٿو اچان
ڳوٺاڻيءَ سان ٿيو جيڪو سو، انجام گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويو

جيئن کلندو ڄار ويو اکڙين جو، ٿي جوان شڪار ويو اکڙين جو
ڪنهن سونهن سنواريا اوڄاڳا، آرام گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويو

ڪو پيار ڪري به ته ڪيئن ڪري، ڪنهن لاءِ مري به ته ڪيئن مري
جيڪو به اماڻيو ويو ان ڏي، پيغام گھٽيءَ ۾ گم ٿي ويو

هو پاڻ کڻي ته مڃي نه مڃي، ٿو لوڪ ته سارو ايئن چوي
هن سنڌ جي پوئتان ”سرڪش“ جو اسلام گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/11/2014

نيٺ ايندو آس ۾ آھيون اسين

غزل

رخسانه پريت

نيٺ ايندو آس ۾ آھيون اسين،
ڪنھن وڏي وشواس ۾ آھيون اسين.

لوڇ سڏڪا درد پيڙا نيٺ ڇا،
عشق جي اڀياس ۾ آھيون اسين.

پيار جي احساس اينئن اوچو ڪيو،
ڄڻ اڏيا آڪاش ۾ آھيون اسين.

ڇا سندءِ من ۾ ٻه موھ آ ساڳيو،
انھيءَ ٻڏتر قياس ۾ آھيون اسين.

نيٺ اوسيئڙا به ماڳ ماڻيندا،
بس انھيءَ احساس ۾ آھيون اسين.

ايترو اوتيوسين پوءِ ڀي ڄڻ اڃيا،
پريت“ ڪھڙيءَ پياس ۾ آھيون اسين.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/11/2014

سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!



نماڻو سنڌي

سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!
خواب منهنجا چچريل تعبير تائين پڄائجانءِ!
سوچ تي گوليون اۡٺيون، هر رات گذري راڙ ۾،
جلاد هن ستا وڃي اونچ جي ست ماڙ ۾،
بيرڪون جلي ويون بارود جي بوڇار ۾،
جذبن جو قيدي آهيان، ٿو مارجان ڪنهن آرڙ ۾،
پر هيئنـ منهنجي موت تي اڄ تون نـ ڳوڙها ڳاڙجانءِ!
سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!
آواز ٿا گھٽيا وڃن ۽ ڀونءِ سڄي ٿي چوء کنڀي،
ڏاڍ جي هٿن ۾ ڪنهن ڏات جي ڳچي ڏني،
سر مٿان سنگين آ ۽ تون بـ ٿي اکيون ڇنڀين،
مان بـ قيد ۾ پکي ۽ تون بـ قيد ۾ سڙين،
چپ سبين متان چَري، گيت ۾ گھرائجانءِ!
سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!
آڪاش ۾ بَٺِيون ٻَريون تارا نچي سمهي پيا،
ڏٺئي تـ اۡڀ سڄيءَ منجهان وري وري وڄون ڪِريون،
ڏسي اتر ڏکڻ منجهان ارمان جا ڪڪر وسيا،
رات ٿڌڙي جي هجي ۽ سوڳ ۾ خوشيون هجن،
هانوَ تي تري اچان تـ چنڊ ۾ چتائجانءِ!
سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!
ياد ٿي اچي جيئن گھاءُ ٿو تيئن ڪۡري،
جاڳ جو خواب ٿو ڀتر جيان اکئين ڀۡري،
ٻول تنهنجو ذهن جي ٿو ڪۡنڊ ڪۡنڊ مان ٻۡري،
ڀونءِ ماءُ گھور ٿي سرن سندي پئي گھۡري،
ڪفن منهنجو وٽيون ڪري ڏيئا لهوءَ مان ٻارجانءِ!
سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!
راڳ جي جٽاءَ مان باک جي ڦٽي پوي،
آزاد سنڌ ٿئي جڏهن ءُ رات هيءَ کٽي پوي،
تنهنجا بـ پير ناچ ۾ ڇير ئي ڇني ڇڏن،
خوشيءَ ۾ سڀ وڄي، وڄي تنبورو ئي ٽٽي پوي،
ساز ماٺ ٿئي متان ، چڳون ورائي چاڙهجانءِ!
سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!
قافلا ڪنڌيءَ چڙهن ڪاڪ جي ڪٺور آ،
ڇا ڪجي او مينڌرا دل تـ ڀور ڀور آ،
سڪ لڳي آ ساهـ پنهنجي کي! پرين ٻيهر نئين،
پريم جي سرحد مٿان اوپرن آ اک کنئين،
ڪۡڻڪ ٿئين متان ڪٿان ڪنڌيءَ ۾ ڪنائجانءِ!
سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!
پڙاڏا پيار جا ڦۡٽي پون ڀٽن مٿي مۡهاڙ تي،
چنڊ جڏهن چڙهي اچي سج لٿي ڪراڙ تي،
بندش نـ ڪا هجي جڏهن راڳ جي اڏام تي،
تنهنجا بـ ڪۡٺل اچي وڃن سونهن جي سلام تي،
پيگ ڪي پياڪ پيئن تنهنجي نام تي،
”نماڻي“ کي بـ نيڻ مان انهن سندي نهارجانءِ!
سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!
خواب منهنجا چچريل تعبير تائين پڄائجانءِ !

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/11/2014

نگاھ کي اڄ قرار آهي

وفا گل محمد جمالي 

سَتيٽو


نگاھ کي اڄ قرار آهي،
سکي ڏٺو آ بهار وانگي،
اکين چميو آ نهار وانگي،
رڳون وڄن پيون سِتار وانگي،
ٿي مُند مهڪي ملهار وانگي ،
هِيءَ دل سجي آ ڪنوار وانگي ،
انهيءَ کي چئبو ته پيار آهي،
نگاھ کي اڄ قرار آهي.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

27/10/2014

گهٽا گُنگنايو ته تون ياد آئين

غزل

منصور سيتائي

گهٽا گُنگنايو ته تون ياد آئين ،
گُلن مُسڪرايو ته تون ياد آئين .

اڪيلو ڪري سڀ ائين سور ڏيندا ،
زماني ستايو ته تون ياد آئين .

وريا سڀ واهيرن ڏي پنڇي به پنهنجي ،
موٽي مالُ آيو ته تون ياد آئين .

تنهنجي نانءَ نالي سان مون کي او سانول ،
رقيبن رنجايو ته تون ياد آئين .

ڪنوارن چپن ۽ ڳلن پاڻ ۾ پئي ،
نئون نينهن لايو ته تون ياد آئين .

تنهنجو گيت منصور دردن ڀريو ڪنهن ،
اَسُر ويل ڳايو ته تون ياد آئين .


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

پرينءَ جو پُور ۽ سوچون، نگاهون چور ۽ سوچون

غزل

منصور سيتائي


پرينءَ جو پُور ۽ سوچون،
نگاهون چور ۽ سوچون.

ڪري ڪوئل پئي ڪو ڪو،
انبن جو ٻُور ۽ سوچون.

وڇوڙي جون ڊگهيون راتيون،
دليون رنجُور ۽ سوچون.

غلاميءَ ۾ ٿيو گدلو،
وطن جو سُور ۽ سوچون.

ويٺي ويٺي اڇا ٿي ويا،
جواني جهُور ۽ سوچون.

هي چانڊوڪي، اڪيلائي،
تنهنجو منصُور ۽ سوچون.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

19/10/2014

ڪجھ ان طرح سان سوچي لکان جو نئون لڳي

غزل

اندرا شبنم پونا والا

ڪجھ ان طرح سان سوچي لکان جو نئون لڳي 
۽ اهڙي ڍنگ سان سو چوان جو نئون لڳي 

سک جي تلاش ۾ حياتي تمام ٿي 
هر ڏک جو ائين بيان ڪيان جو نئون لڳي 

هر سوچ ۾ نواڻ جي ٿي کوج ۾ رهان
غم يا خوشي ڪجه اهڙو لهان جو نئون لڳي 

پاروٿو نظام ۽ راهون پٺيان ڪٽيل 
مان اهڙو دڳ ماڳ ڪڍان جو نئون لڳي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ستارا پکيڙي سنجها ٿي وڃي ٿي



غزل

ايوب کوسو

ستارا پکيڙي سنجها ٿي وڃي ٿي
سموري خدائي صدا ٿي وڃي ٿي

ذهن يادگيرين جي رڻ ۾ رلي ٿو
سڄي رات اڪثر سزا ٿي وڃي ٿي

نئين موسمن ۾ نياپا اچن ٿا
اکين جي عبادت ادا ٿي وڃي ٿي

سڄو پيار هُن جو نظر ۾ گهمي ٿو
سکي آرسي جان صفا ٿي وڃي ٿي

اکين سان گلابي اکيون هي ملن ٿيون
محبت اُٺي جي هوا ٿي وڃي ٿي

حياتي ستارن جو سڏڪو لڳي ٿي
جڏهن دلربا بي وفا ٿي وڃي ٿي

اسان لاءِ جدائي جي موسم پرين
موهن جي دڙي جي ڪٿا ٿي وڃي ٿي



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/10/2014

پن پن جو پڙلاءُ چوي ٿو آءُ

غزل

منصور سيتائي

پن پن جو پڙلاءُ چوي ٿو آءُ ،
ڪونجن جو ڪُرلاءُ چوي ٿو آءُ .

منهنجي ديس جي آزادي تون ڪاٿي آن ؟
هيءُ غلاميءَ گهاءُ چوي ٿو آءُ .

دل جا دُوار کليل هِن تولئه جاني ،
اکڙين آدرڀاءُ چوي ٿو آءُ .

سياري راتيون تڙپائن ٿيون توبن ،
يار اُتر جو واءُ چوي ٿو آءُ .

راڻا ريت رُسڻ جي ڇڏ پرچي پَئـُ ،
سومل جو سوداءُ چوي ٿو آءُ .

اڄ ڪلهه تون منصور ڪِٿي ٿو برسين ،
جوڀن رُت جو تاءُ چوي ٿو آءُ.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

11/10/2014

وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي.

وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي

مسرور پيرزادو

ڇڏي اڄ شور شهرن جو، 
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي. 

فجر جو ماڪ جِت اُٿندي،
پَنن جي بستري تان آ،
اُنھيءَ پل مَينھن ڏُُڀندي آ،
چَڙين جو ساز هُو سُهڻو،
سُريلي ڳالھه چوندو آ. 

امان جي چانھه جي چُسڪي،
طعامن کان گھڻي مٺڙي.
جتي جا وڻَ به منهنجي لئه،
اِئين آهن جئن ڳوٺائي،
ڏِسي مون کي اُهي ئي وَڻَ،
کِلي ڄڻ اِيئن چوندا ِهن: 
"مسين آن يار تون آيو!" 

ٿين ٿيون وِيھه منهنجي لئه
جتي جون ميرڙيون واٽون،
ٻڌائن بيت سھڻيءَ جا
جتي درياھ جون دانھون. 

ڪُراڙين عورتن کان مان، 
پُراڻا ڪي ٻُڌان سهرا،
۽ پوڙهن کان پُڇان آئون
قِصا ڪي لوڪ ڏاهپ جا.

مُهين جي اوٽ ۾ لهندڙ، 
ڏسان سورج وڃي اڄ مان، 
ڏسان هو چنڊ چوڏهينءَ جو،
مٿان سنڌوءَ جي اڄ مان.

جتي جهولا اونهاري ۾،
جتي پارا سياري ۾،
مگر مَن پو به خوش آهي
"وليم شيڪسپيئر" وانگي،
جو وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي،
هيو چوندو: "اچو هيڏي! 
اچو هيڏي! اچو هيڏي!
هتي بس سخت موسم کان، 
سوا ويري نه ڪو آهي!" 

ڇڏي اڄ شور شهرن جو،
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي۔


کجيون هي ڳوٺ منهنجي جون
کِلي ٿيون مون کي کيڪارين 
ٻنيون هي ڳوٺ منهنجي جون
اکيون منهنجيون پيو ٺارن
لهي سورج پيو جڏهين
وري ڌڻ مال جو تڏهين 
ڪوئي ميهار درديلي
وڄائي بنسري تڏهين،


لهن جت ڍنڍ تي تي ڪيڏا،
پکي پرديس جا پيارا،
سدائين ڪاش پيا ڏسجن،
هي منظر موهڻا سارا،


سياري سرد راتين ۾
ڪچهري مچ تي مچندي،
پلي-مانيءَ کان پوءِ جت،
ڪڙڪ آ چانهه ڪا ٿيندي،

جتي گرمين جي موسم ۾ 
پِپر جو وڻّ آ پيارو،
اڱڻ تي راند جو کٽ تي،
هُو چڏهينءَ چنڊ موچارو.
ملي جِت هم ڪلاسين سان،
ڪيان ٿو ياد مان ماضي،

اهو ٻالڪپڻو منهنجو، 
جڏهن هرڪو هيو راضي،
وڃي جِت ٻير مان ميڙيان
ڦَريون، ڦوٽا جتي کاوان،
مٽي ڳوهي وڃي جيڪر،
وري رانديڪڙا ٺاهيان.

ڇڏي اڄ شور شهرن جو،
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/09/2014

هر گهاءُ ٿو ڀرجي وڃي، بس درد ٿو رهجي وڃي

غزل

امر پيرزادو

هر گهاءُ ٿو ڀرجي وڃي
بس درد ٿو رهجي وڃي

نقصان جو آهي پتو
پر سچ ٿو چئجي وڃي

ڪو موت کان ڇرڪي نٿو
ٿو حق تي اڙجي وڃي

بس عشق جو نالو کڻو
الزام ٿو ڌرجي وڃي

هو چنڊ ڇو آڪاش جو
ڪا سارَ ٿو بڻجي وڃي؟

توکان سوا ڀي وقت هي
ٿو عمر ۾ ڳڻجي وڃي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

پايل سان گڏ ڇا ته ادائون رقصان هِن


غزل

علي زاهد

پايل سان گڏ ڇا ته ادائون رقصان هِن،
تو تان ٿيڻ لئه گهور، هوائون رقصان هِن.

تنهنجي وک جو رُخ الائي ڇا هوندو؟
اوسيئڙي ۾ چار ڏِسائون رقصان هِن.

منهنجو عشق سدا لئه تنهنجو ٻيلي آ،
منهنجي من جون سڀ وفائون رقصان هِن.

ڪهڙي منهنجي نيڻن ساڻ اٿن نسبت؟
مون سان گڏ گهنگهور گهٽائون رقصان هن.

عشق ڪڏهن ڀي جهونو ٿيڻو ناهي پر،
حُسن حياتي ماڻ بقائون رقصان هن.

منهنجي آڳنڌ ڏي ڪا رات لڙي زاهد!
دروازي تي يار سنجهائون رقصان هِن.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/09/2014

اڃا اچن ٿا سڏِڙا ڀَورا ٿيل ڀنڀور مان ، جبلن جي شور مان

زاهده تاج ابڙو

اڃا اچن ٿا سڏِڙا 
ڀَورا ٿيل ڀنڀور مان ، جبلن جي شور مان
سسئي جي ساهن جا ، ويساه جا سُڏِڪا ، 
اڃا اندر اُڃ آ ، اڃا سسُئي گم آ ،
هئي اياڻي عُروسه عَبوديتَ عَجلت ۾ ، 
ساهه وڃائڻ سولو ناهي ،
پرينءَ جي پريت ۾ پاڻ مٽائڻ سولو ناهي ،
جانب لاءِ جبلن ۾ پاڻ جلائڻ سولو ناهي ،
رڳو سسئي ڪئي سُڌ ، سڪ مان ڪيائين پَنڌ ،
آ عشق جو ڪمال جنهن ڪيا ڪِيئي بيحال
ڳاڙهيون ڳاڙهيون ٺِڪِريُون جن ريٽو ڪيو ڀنڀور ،
اصل ۾ سسئيءَ جي خون جا ڇنڊا هِن 
جن خون ڪيو گڏجي ، سورمي سسئي جو 
ڪيچ جي رستن ، ڪنڊن ، پهڻن ، 
ڏونگر ۽ مِرن ڌاڌر ڌنارن ساه ڪڍيو سسئي جو قاتل آ ڀنڀور سڄو ، 
ڀنڀور جي مُنجهيل ڳلين ۾ 
ڪيئي ڪسابن کان سسئي اڄ بـه ڊوڙي ٿي 
پنهونءَ کي پئي ڳولهي ٿي .....!!!!!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/09/2014

ناهي توريءَ آسرو، آءُ، اڪيلي آهيان

وائي

درد هوش محمد

ناهي توريءَ آسرو،
آءُ، اڪيلي آهيان،

اندر ڪنهن سان اوريان، 
ماءُ، اڪيلي آهيان!

ڪونهي سورن ۾ الا،
ڀاءُ، اڪيلي آهيان!

دردن ڪيئڙو جيءَ تي،
داءُ، اڪيلي آهيان.

آڻي مارن کي وري، 
واءُ ، اڪيلي آهيان!

هوش محمد ناهي مون،
ساءُ، اڪيلي آهيان!



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

وسين پيو وسين پيو پرين تون لامڪان ۾

غزل

درد ھوش محمد

وسين پيو وسين پيو پرين تون لامڪان ۾، 
ڪڏھن ڏسان ڪڏھن سڪان ٿو جيءَ جي جھان ۾. 

ھتي به تون ھتي به تون ملي به ڄڻ نه ٿا ملون، 
سڪون ٿي وسين پيو تون دل جي آشيان ۾. 

زمين تي ڏسان پيو ته سونھن سونھن تون سدا، 
ستارا ڀاڳ ڀونءِ جا لکين ٿو آسمان ۾. 

ڦري جو چين ڀونءِ جو انھيءَ کي آدمي نه چئه،
پليت سو پليت آ ضمير جي زبان ۾. 

ھميشه عشق ھوش کي کلڻ ڪٿي نه آ ڏنو، 
تڏھن لکان رکان پيو ھي درد داستان ۾. 



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هلو ڪيئن اسان ساڻ ڏکڙا کڻي

غزل

درد هوش محمد

هلو ڪيئن اسان ساڻ ڏکڙا کڻي،
اوهان ٿا گذاريو جو سکڙا کڻي.

زماني جي گردش ٿُڏيندي سدا،
اکين تي رکيا پنهنجا ٻچڙا کڻي.

ڏسي ٿي هي تاريخ اڄ ڀي اهو،
رکي پاڪ تو سام ابڙا کڻي.

متان سمجھين اڳتي زمانو رهيو،
اچون پيا اسان پير تکڙا کڻي.

لڙهي ويو سڄو ئي ٻيو ٻوڏ ۾،
بچا سر بدن تي هي ڪپڙا کڻي.

ٿڪي هوش محمد حيا تي نه آ،
ٿي ڏوري هي سالن جا ٿڪڙا کڻي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

آس ڀروسا ٽٽندا وڃن ٿا، خواب اکين مان کٽندا وڃن ٿا



غزل

زاهده تاج ابڙو

آس ڀروسا ٽٽندا وڃن ٿا
خواب اکين مان کٽندا وڃن ٿا

ھرگام آھي مطلب پرستي
پنھنجا، پراوا، ڦرندا وڃن ٿا

اڪيلا اڪيلا رھجي وياسين
قافلا سارا ھلندا وڃن ٿا

ابر اچي اڄ کڙڪيا اھڙا
گھرڪکاوان، ڀرندا وڃن ٿا

سمنڊ ۾ رکيل موتين وانگي
نيڻن مان لڙڪ لڙھندا وڃن ٿا

گلستان کي واس ڏيندڙ گل
بيابان کي به ڇھندا وڃن ٿا

درياهه ، موجون، چريون، چلوليون
ڪنارن ڪنا، چمندا و وڃن ٿا

پرواز جو فن پرائي اڏند
زاھده پکي سڀ اڏندا وڃن ٿا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

لَڪَ جو لنگهه حياتي آهي، ٿورو پاڻ سنڀالي هل

پوڙهي جي نوجوان کي صلاح

لَڪَ جو لنگهه حياتي آهي
ٿورو پاڻ سنڀالي هل.

سامهون ڪا اونداهي تو ۾
پاڻ لڪائڻ چاهيندي
تو سان گيت جواني جا
گڏجي ڳائڻ چاهيندي
اونداهه اهڙي جنهن پٺيان
لاکين چنڊ لُٽائيندين
تنهنجي ننڊ جوئا ٿيندي
سارا خواب کٽائيندين
اونداهه جنهن ۾ هر حجرو
پينوءَ جي ڪشڪول جيان
خالي خالي ڀائيندين
سڃ هوندي اکين ۾ ڀي
پنهنجي پاڻ کي راجا ۽ 
جڳ سوالي ڀائيندين
اونداهي جي چيچ جهلي
ان کان اڳتي جي هلندين
نانگ ٻرن مان نڪري سڀ
توکي ڦڻ ڏيکاريندا
اڇي اُجري ڌرتي تي
توکي مير جيئن ڀائيندا
ها، پر ڪا پرواهه ڪٿي
تنهنجو روح ڇهي سگهندي
تون ته پهاڙن تان ڪرندڙ 
چشمن جي ته رواني هوندين
شعلن جيئن رڳن ۾ ايندڙ
جوڀن جيءُ جواني هوندين
ها، پر پوءِ گهڻو اڳتي
اونداهه سارا سڱ ڇني
تو کان چيچ ڇڏائيندي
۽ پوءِ اُس اڳيان تنهنجي
ڏانئڻ وانگي ڏند ڪڍي
توکي ڏنگ هڻڻ گهرندي
ڇرڪي پاڻ جڏهن ڏسندين
پنهنجي کل نپوڙيل ڪنهن
ڪپڙي جيئن پئي لڳندي
سامهون سج افق تي بيهي
تنهنجي وارن ۾ چاندي
ڏسندو ٽهڪ ڏيئي کلندو
ان جي لاءِ چئون ٿا يار
لَڪَ جو لنگهه حياتي آهي
ٿورو پاڻ سنڀالي هل.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

21/09/2014

تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور



تون ايندين ضرور!

آڪاش انصاري

هاڻي ته آڪاش جي اوٽ ۾،
آسماني ڏيئا پڻ اجهامي ويا.
سمهي پيا ستارا، ٿي جهيڻا جهَڪا،
ڪڏهانڪر ڪتين ڪر موڙي ڇڏيا،
مگر انتظارن سندا قافلا،
ٿيا ڪين ٿڪجي ڪڏهين چُور چُور،
تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.

ساگر جي هن پار ٻيڙيءَ ۾ ملاح،
سامونڊيءَ جا سڀ بيت ڳائي ڇڏيا،
۽ ڪناري جي واريءَ جي لهرن اندر،
هوائن به سرگم لڪائي ڇڏيا،
ولهه ورڇي ڇڏيو پنهنجو سارو سُرور،
مگر دل هي پاڳل مڃي ڪين مُور،
تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.

ڪو پنڇي اڪيلو اڪيلو اُڏامي،
ڪينجهر، ڪنڌي تي لهي پيو ٿڪي،
نڪو چنڊ چمڪو نه چَهڪي چڪور،
انهن لاءِ پڻ رات گذري چُڪي،
۽ ڪنولن مٿان ننڊ نائي وئي نور،
مگر دل هي پاڳل مڃي ڪين مُور.
تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/09/2014

حساب ڪهڙا ڪهڙا، ڪتاب ڪهڙا ڪهڙا


غزل

ڪنعيو شيواڻي

حساب ڪهڙا ڪهڙا
ڪتاب ڪهڙا ڪهڙا

روشن رهڻ ڏي شمع
حجاب ڪهڙا ڪهڙا

هڪ حسن ۾ ملن ٿا
شراب ڪهڙا ڪهڙا

مجبور ٿي وڪامن
شباب ڪهڙا ڪهڙا

ظاهر ٿين هلڻ سان
نقاب ڪهڙا ڪهڙا

انڌا ورهائن جت ڪٿ
خطاب ڪهڙا ڪهڙا

آهي سوال هڪڙو
جواب ڪهڙا ڪهڙا



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

25/08/2014

نگاهون، اَدائون، اِشارا نه هوندا


غزل

موتي پرڪاش

نگاهون، اَدائون، اِشارا نه هوندا،
حياتيءَ جا سهڻا سهارا نه هوندا.

اِهي لهرون، طوفان، هوندا برابر،
مگر بحرِ غم جا ڪنارا نه هوندا.

وري ڦاڳ ڦُٽندو، وري ٿينديون لاتيون،
مگر بازبان هي نظارا نه هوندا.

حياتي هٿوراڙيون هڻندي ۽ ڪِرندي،
اوهان جا جي سهڻا سهارا نه هوندا.

اچو، رات چوڏس جي ۽ سرد راتيون 
گذاريون، جو ههڙا سيارا نه هوندا.

اُهو وڻ، اُها رات ۽ سي سيارا،
جي هوندا ته پاسي ۾ پيارا نه هوندا.

ڇُلي پئو، ڪريو حالِ دل، غم گهٽايو،
جو دنيا ۾ ’پرڪاش‘ پارا نه هوندا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جيءُ جهوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي



عزل

تنوير عباسي

جيءُ جهوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي،!
چنگ چوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي!

ڳالهه دل ۾ رکيم، ته ڪجهه به نه ٿيو،
تو سان اوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي!

تون پري ٿئين ته ٿيو جيئڻ مشڪل،
آءُ اوري، ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي!

سر گهُريم ٿي، ته چنگ ويو کسجي،
سر کي گهوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/08/2014

دل جون ڳالهيون ئي ڪونه ٿا سمجهن

دل جون ڳالهيون ئي ڪونه ٿا سمجهن
باقي آهن هو سمجهدار گهڻا




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

09/08/2014

وقتَ! تنهنجي بيوفائيءَ ۾ جليا، ڇانوَ جهڙا خوابَ تائيءَ ۾ جليا

غزل

رضا بخاري

وقتَ! تنهنجي بيوفائيءَ ۾ جليا
ڇانوَ جهڙا خوابَ تائيءَ ۾ جليا

مُند پن ڇڻ تي رڳو الزام آ
وڻَ ته پنڇين جي جُدائيءَ ۾ جليا

نيڻَ اُوندهه کان ڀَڄي نِڪتا هيا
۽ پُڄي پو روشنائيءَ ۾ جليا

ياد آيا نيڻَ جيجل جا گهڻا
ديپَ جو وستي پرائيءَ ۾ جليا

ٿو پُڇي پرديسَ کان هڪُ پيرسن؛
”ڪيترا جوڀن ڪمائيءَ ۾ جليا؟“


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/08/2014

هاڻ هلڻ جو اونو ڪهڙو، ماڳ ملڻ جو اونو ڪهڙو

غزل

مقبول هاليپوٽو

هاڻ هلڻ جو اونو ڪهڙو
ماڳ ملڻ جو اونو ڪهڙو

پنهنجا پر ڀي پاڻ ڪٽياسين
يار اُڏڻ جو اونو ڪهڙو

هاڻ ته مرڪي مرڻو پوندو
هاڻ جيئڻ جو اونو ڪهڙو

پنهنجي اڃ ڀي پاڻ پيتيسين
کوههَ کڻڻ جو اونو ڪهڙو

پاڻ وڃايل منظر ٿياسين
اک کڄڻ جو اونو ڪهڙو

عشقَ روز انگوريو آهي
وڻ وڍڻ جو اونو ڪهڙو

سير ۾ آهيان سهڻيءَ وانگي
پار پڄڻ جو اونو ڪهڙو

پاڻ ته يار پکين جيئن آهيون
ٽار ٽٽڻ جو اونو ڪهڙو

هرڪا هار قبولي پوءِ
کيج کٽڻ جو اونو ڪهڙو

سڀ سيارا ساٿ هو تنهنجو
سوڙ سمهڻ جو اونو ڪهڙو

ويڙهيل هُن جا وار اڃا هن
باک ڦٽڻ جو اونو ڪهڙو

پنهنجي پرينءَ جو اوڇڻ اوڍيم
لاک لڳڻ جو اونو ڪهڙو

پنهنجي ڪنڌ لئه پاڻ ڪٽارا
چنگ چُرڻ جو اونو ڪهڙو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/08/2014

اي عشق! توکي شابس، عادت نه تو مٽائي، ساڳيائي سونهن سجدا، ساڳيون ئي انتظاريون

غزل

علي بخش منصور

موسم خمار ماڻيا، اکڙيون ٿي چنڊ ٺاريون،
محبت سندا وٺا جي، ڪئين وڏڦڙا وساريون.

هن حُسن بخشي همٿ، فرهاد جيتري ڏس! 
هي آسمان جيڏا ،ڏونگر پيا ٿا ڏاريون.

منڙا! چڪور وانگي ، چنڊ روپ تي مرين ٿو،
ڌاڍو پري پرين آ، ڪنهن ڏي پيا نهاريون.

هٿ سور کان ڇڏا يا، خوشين جي لوڀ ۾، 
ڳوڙها ٻه ٽي وهايان، مُرڪون هيون اُڌاريون.

پورهيو دوا ۾ پورو، هرجاءِ سوچ ان ۾، 
مزدور بُک مري ويو، سِر تي کڻي تغاريون.

اي عشق! توکي شابس، عادت نه تو مٽائي،
ساڳيائي سونهن سجدا، ساڳيون ئي انتظاريون.

او راھ جا مسافر! تنها وڃين نه ڀٽڪي، 
آ ڏور پنڌ ڏاڍو اچ پيار کي پُڪاريون.

وَڙُ ، هي اديب تنهنجو، ناهي ته پوءِ ڇا لئه، 
تنهنجو فڪر ڏسان پيو، تنقيد منجھ گاريون.

هاڻي گھڻا هليا بس، هوڪا حقارتن جا،
سنڌ سون ٿئي سموري،تهذيب کي سنڀاريون.

هڪ سنڌ ٻيو سڄڻ تي، سوچان لکان پيو ٿو،
سمجھي سچو سگھي ٿو، سوچون سندم سگھاريون.

هر دل اندر وسي ٿي، هُٻڪار شاعريءَ جي،
منصور يار پوکيون آهن ،گُلن جون ٻاريون.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

01/08/2014

گهڻا منهنجا مِٺڙا منٺار ماڻهو، دغاباز نڪرن ٿا دلدار ماڻهو

غزل

عطا محمد حامي

گهڻا منهنجا مِٺڙا منٺار ماڻهو
دغاباز نڪرن ٿا دلدار ماڻهو

لَکن مان به مشڪل ڪو اهڙو مِلي ٿو
ڏسان ٿو ڏهاڙي اَڪيچار ماڻهو

اڄوڪي زماني ۾ آهي غنيمت
غَرض کان سوا جي مِلن چار ماڻهو

ڪڏهن ملڪ ساري جا مهندار ٿيندا
نظر ۾ اچن ٿا جي نادار ماڻهو

ڪَٽائيندو سِر پر جهڪائي نه سگهندو
ڪڏهن ڪنهن جي آڏو ڪو خود دار ماڻهو

محبت جا پنهنجا يا دنيا جا هوندا
غمن کان نه ٿيندو ڪڏهن ڌار ماڻهو

حياتيءَ جو مقصد محبت ۾ آهي
محبت بنا آهي مُردار ماڻهو

انهن جي ئي دم سان هلي ٿو زمانو
نه سڏ عشق وارن کي بيڪار ماڻهو

ٻُڌائي مٺا ٻول ”حامي“ هليو ويو
هيو ڏاڍو مٺڙو مزيدار ماڻهو




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

31/07/2014

پرانهين پار مان نظرون پکين وانگر اُڏيون هونديون

محبوب دوست پياري شاعر سائين علي بخش منصور سميت سڀني پرديسن جي نانءِ 

جميل سومرو

پرانهين پار مان نظرون پکين وانگر اُڏيون هونديون ،
دليون پرديس وارن جون ٻچن لئه رت رُنيون هونديون .

اباڻا ڪَک جڏهن ويٺي اچانڪ ياد پِيا هوندا ،
پَرائِي سر زمين تي ساهه کي هڏڪيون لڳيون هونديون .

چوڻ سوکو ڪَٽڻ اوکو آهي پرديس او پيارا !
انهن کان پُڇ پرينَ کان جن پري راتيون ڪَٽيون هونديون .

ڀريل نيڻن جي نيسر سان مُنجهائي ساهه کي سڪ ۾ ،
ويچارن حسرتون پنهنجون هٿن سان خود وڍيون هونديون .

ڏهاڙا عيد جا ٽيئي ٽنگيل هوندا ٽياسن تي ،
وڇوڙن بيوسن جون ڪيئن چَڪي ٻوٽيون پَٽيون هونديون .

۽ مائٽن جا دُکِي هينئڙا دکيا هوندا رُنا هوندا ،
نديءَ وانگر ڀريل دلڙيون اڃا ويتر ڇُليون هونديون .

— with Irshad Ali
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دشمنن سان ته منهُن ڏجي "سرڪش"، دوستن ۾ ڪو آسرو ناهي

غزل

سرڪش سنڌي

جاڪون توساڻ رابطو ناهي
ڪوئي اکڙين تي ضابطو ناهي

ٿيون وسن جيئن مينهن سياري جو
درد ۽ دل ۾ فاصلو ناهي

زندگي ۾ رڳو رهيو توسان
ٻئي ته ڪنهن سان به واسطو ناهي

راههَ مشڪل وري پري منزل
هاءِ افسوس قافلو ناهي

ٻيو ته سڀ ڪجهه مگر مزو ڪهڙو
جيسيتائين هُو آجپو ناهي

دشمنن سان ته منهُن ڏجي "سرڪش"
دوستن ۾ ڪو آسرو ناهي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>