امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


24/09/2014

هر گهاءُ ٿو ڀرجي وڃي، بس درد ٿو رهجي وڃي

غزل

امر پيرزادو

هر گهاءُ ٿو ڀرجي وڃي
بس درد ٿو رهجي وڃي

نقصان جو آهي پتو
پر سچ ٿو چئجي وڃي

ڪو موت کان ڇرڪي نٿو
ٿو حق تي اڙجي وڃي

بس عشق جو نالو کڻو
الزام ٿو ڌرجي وڃي

هو چنڊ ڇو آڪاش جو
ڪا سارَ ٿو بڻجي وڃي؟

توکان سوا ڀي وقت هي
ٿو عمر ۾ ڳڻجي وڃي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

پايل سان گڏ ڇا ته ادائون رقصان هِن


غزل

علي زاهد

پايل سان گڏ ڇا ته ادائون رقصان هِن،
تو تان ٿيڻ لئه گهور، هوائون رقصان هِن.

تنهنجي وک جو رُخ الائي ڇا هوندو؟
اوسيئڙي ۾ چار ڏِسائون رقصان هِن.

منهنجو عشق سدا لئه تنهنجو ٻيلي آ،
منهنجي من جون سڀ وفائون رقصان هِن.

ڪهڙي منهنجي نيڻن ساڻ اٿن نسبت؟
مون سان گڏ گهنگهور گهٽائون رقصان هن.

عشق ڪڏهن ڀي جهونو ٿيڻو ناهي پر،
حُسن حياتي ماڻ بقائون رقصان هن.

منهنجي آڳنڌ ڏي ڪا رات لڙي زاهد!
دروازي تي يار سنجهائون رقصان هِن.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/09/2014

اڃا اچن ٿا سڏِڙا ڀَورا ٿيل ڀنڀور مان ، جبلن جي شور مان

زاهده تاج ابڙو

اڃا اچن ٿا سڏِڙا 
ڀَورا ٿيل ڀنڀور مان ، جبلن جي شور مان
سسئي جي ساهن جا ، ويساه جا سُڏِڪا ، 
اڃا اندر اُڃ آ ، اڃا سسُئي گم آ ،
هئي اياڻي عُروسه عَبوديتَ عَجلت ۾ ، 
ساهه وڃائڻ سولو ناهي ،
پرينءَ جي پريت ۾ پاڻ مٽائڻ سولو ناهي ،
جانب لاءِ جبلن ۾ پاڻ جلائڻ سولو ناهي ،
رڳو سسئي ڪئي سُڌ ، سڪ مان ڪيائين پَنڌ ،
آ عشق جو ڪمال جنهن ڪيا ڪِيئي بيحال
ڳاڙهيون ڳاڙهيون ٺِڪِريُون جن ريٽو ڪيو ڀنڀور ،
اصل ۾ سسئيءَ جي خون جا ڇنڊا هِن 
جن خون ڪيو گڏجي ، سورمي سسئي جو 
ڪيچ جي رستن ، ڪنڊن ، پهڻن ، 
ڏونگر ۽ مِرن ڌاڌر ڌنارن ساه ڪڍيو سسئي جو قاتل آ ڀنڀور سڄو ، 
ڀنڀور جي مُنجهيل ڳلين ۾ 
ڪيئي ڪسابن کان سسئي اڄ بـه ڊوڙي ٿي 
پنهونءَ کي پئي ڳولهي ٿي .....!!!!!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/09/2014

ناهي توريءَ آسرو، آءُ، اڪيلي آهيان

وائي

درد هوش محمد

ناهي توريءَ آسرو،
آءُ، اڪيلي آهيان،

اندر ڪنهن سان اوريان، 
ماءُ، اڪيلي آهيان!

ڪونهي سورن ۾ الا،
ڀاءُ، اڪيلي آهيان!

دردن ڪيئڙو جيءَ تي،
داءُ، اڪيلي آهيان.

آڻي مارن کي وري، 
واءُ ، اڪيلي آهيان!

هوش محمد ناهي مون،
ساءُ، اڪيلي آهيان!



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

وسين پيو وسين پيو پرين تون لامڪان ۾

غزل

درد ھوش محمد

وسين پيو وسين پيو پرين تون لامڪان ۾، 
ڪڏھن ڏسان ڪڏھن سڪان ٿو جيءَ جي جھان ۾. 

ھتي به تون ھتي به تون ملي به ڄڻ نه ٿا ملون، 
سڪون ٿي وسين پيو تون دل جي آشيان ۾. 

زمين تي ڏسان پيو ته سونھن سونھن تون سدا، 
ستارا ڀاڳ ڀونءِ جا لکين ٿو آسمان ۾. 

ڦري جو چين ڀونءِ جو انھيءَ کي آدمي نه چئه،
پليت سو پليت آ ضمير جي زبان ۾. 

ھميشه عشق ھوش کي کلڻ ڪٿي نه آ ڏنو، 
تڏھن لکان رکان پيو ھي درد داستان ۾. 



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هلو ڪيئن اسان ساڻ ڏکڙا کڻي

غزل

درد هوش محمد

هلو ڪيئن اسان ساڻ ڏکڙا کڻي،
اوهان ٿا گذاريو جو سکڙا کڻي.

زماني جي گردش ٿُڏيندي سدا،
اکين تي رکيا پنهنجا ٻچڙا کڻي.

ڏسي ٿي هي تاريخ اڄ ڀي اهو،
رکي پاڪ تو سام ابڙا کڻي.

متان سمجھين اڳتي زمانو رهيو،
اچون پيا اسان پير تکڙا کڻي.

لڙهي ويو سڄو ئي ٻيو ٻوڏ ۾،
بچا سر بدن تي هي ڪپڙا کڻي.

ٿڪي هوش محمد حيا تي نه آ،
ٿي ڏوري هي سالن جا ٿڪڙا کڻي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

آس ڀروسا ٽٽندا وڃن ٿا، خواب اکين مان کٽندا وڃن ٿا



غزل

زاهده تاج ابڙو

آس ڀروسا ٽٽندا وڃن ٿا
خواب اکين مان کٽندا وڃن ٿا

ھرگام آھي مطلب پرستي
پنھنجا، پراوا، ڦرندا وڃن ٿا

اڪيلا اڪيلا رھجي وياسين
قافلا سارا ھلندا وڃن ٿا

ابر اچي اڄ کڙڪيا اھڙا
گھرڪکاوان، ڀرندا وڃن ٿا

سمنڊ ۾ رکيل موتين وانگي
نيڻن مان لڙڪ لڙھندا وڃن ٿا

گلستان کي واس ڏيندڙ گل
بيابان کي به ڇھندا وڃن ٿا

درياهه ، موجون، چريون، چلوليون
ڪنارن ڪنا، چمندا و وڃن ٿا

پرواز جو فن پرائي اڏند
زاھده پکي سڀ اڏندا وڃن ٿا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

لَڪَ جو لنگهه حياتي آهي، ٿورو پاڻ سنڀالي هل

پوڙهي جي نوجوان کي صلاح

لَڪَ جو لنگهه حياتي آهي
ٿورو پاڻ سنڀالي هل.

سامهون ڪا اونداهي تو ۾
پاڻ لڪائڻ چاهيندي
تو سان گيت جواني جا
گڏجي ڳائڻ چاهيندي
اونداهه اهڙي جنهن پٺيان
لاکين چنڊ لُٽائيندين
تنهنجي ننڊ جوئا ٿيندي
سارا خواب کٽائيندين
اونداهه جنهن ۾ هر حجرو
پينوءَ جي ڪشڪول جيان
خالي خالي ڀائيندين
سڃ هوندي اکين ۾ ڀي
پنهنجي پاڻ کي راجا ۽ 
جڳ سوالي ڀائيندين
اونداهي جي چيچ جهلي
ان کان اڳتي جي هلندين
نانگ ٻرن مان نڪري سڀ
توکي ڦڻ ڏيکاريندا
اڇي اُجري ڌرتي تي
توکي مير جيئن ڀائيندا
ها، پر ڪا پرواهه ڪٿي
تنهنجو روح ڇهي سگهندي
تون ته پهاڙن تان ڪرندڙ 
چشمن جي ته رواني هوندين
شعلن جيئن رڳن ۾ ايندڙ
جوڀن جيءُ جواني هوندين
ها، پر پوءِ گهڻو اڳتي
اونداهه سارا سڱ ڇني
تو کان چيچ ڇڏائيندي
۽ پوءِ اُس اڳيان تنهنجي
ڏانئڻ وانگي ڏند ڪڍي
توکي ڏنگ هڻڻ گهرندي
ڇرڪي پاڻ جڏهن ڏسندين
پنهنجي کل نپوڙيل ڪنهن
ڪپڙي جيئن پئي لڳندي
سامهون سج افق تي بيهي
تنهنجي وارن ۾ چاندي
ڏسندو ٽهڪ ڏيئي کلندو
ان جي لاءِ چئون ٿا يار
لَڪَ جو لنگهه حياتي آهي
ٿورو پاڻ سنڀالي هل.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

21/09/2014

تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور



تون ايندين ضرور!

آڪاش انصاري

هاڻي ته آڪاش جي اوٽ ۾،
آسماني ڏيئا پڻ اجهامي ويا.
سمهي پيا ستارا، ٿي جهيڻا جهَڪا،
ڪڏهانڪر ڪتين ڪر موڙي ڇڏيا،
مگر انتظارن سندا قافلا،
ٿيا ڪين ٿڪجي ڪڏهين چُور چُور،
تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.

ساگر جي هن پار ٻيڙيءَ ۾ ملاح،
سامونڊيءَ جا سڀ بيت ڳائي ڇڏيا،
۽ ڪناري جي واريءَ جي لهرن اندر،
هوائن به سرگم لڪائي ڇڏيا،
ولهه ورڇي ڇڏيو پنهنجو سارو سُرور،
مگر دل هي پاڳل مڃي ڪين مُور،
تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.

ڪو پنڇي اڪيلو اڪيلو اُڏامي،
ڪينجهر، ڪنڌي تي لهي پيو ٿڪي،
نڪو چنڊ چمڪو نه چَهڪي چڪور،
انهن لاءِ پڻ رات گذري چُڪي،
۽ ڪنولن مٿان ننڊ نائي وئي نور،
مگر دل هي پاڳل مڃي ڪين مُور.
تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/09/2014

حساب ڪهڙا ڪهڙا، ڪتاب ڪهڙا ڪهڙا


غزل

ڪنعيو شيواڻي

حساب ڪهڙا ڪهڙا
ڪتاب ڪهڙا ڪهڙا

روشن رهڻ ڏي شمع
حجاب ڪهڙا ڪهڙا

هڪ حسن ۾ ملن ٿا
شراب ڪهڙا ڪهڙا

مجبور ٿي وڪامن
شباب ڪهڙا ڪهڙا

ظاهر ٿين هلڻ سان
نقاب ڪهڙا ڪهڙا

انڌا ورهائن جت ڪٿ
خطاب ڪهڙا ڪهڙا

آهي سوال هڪڙو
جواب ڪهڙا ڪهڙا



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>