امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


22/07/2017

شھر ڪراچيءَ کي وھنجارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي


بارش

امداد حسيني


شھر ڪراچيءَ کي وھنجارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي
منھنجي من ۾ ٻارڻ ٻارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

پنھنجون ، منھنجون ھنجون ھارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي
دل تان دُک جي ڌوڙ ڌئارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

پَرِ تہ وسندي مينھن ڀِناسين تون مان سِنڌو ساگر تي
وسريل ڪائي سارَ ڏيارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

بادل ڀرجي ڀرجي گرجي برسيا ، تِر بہ نہ سي ترسيا
ويدن جا اشلوڪ اچارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

مورُ ٽَھُوڪيو ، ڪويَل ڪُوڪيو ، تاڙي تاڙو تاڙَ ڪئي
ٺاري ٻارڻ ٻاري ٺارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

پاڻ بہ رؤنشي ڪوڏي ٻارن ساڻ ملي ٿي ٻارُ ٿئي
ڪاغذ جي ڏس ٻيڙيءَ تارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي..
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/07/2017

تو ۾ ٿوري جاءِ ملي ها، ايڏو ڇو رولاڪ هجان هان؟



ايوب گل

تو ۾  ٿوري جاءِ ملي ها،
ايڏو ڇو رولاڪ هجان هان؟

مون ته گُهريو هو سانجهي ٽاڻي
تنهنجي اُڀ جو تارو ٿيان هان

يا مان تنهنجي پيرن هيٺيان،
چانڊوڪي جو چارو ٿيان هان

مون ته گُهريو هو ٽاڪ منجهند جو
گهاٽي بڙ جي ڇانؤ ٿيان هان

ماڻهن کي مون منجھ ملين ها،
اهڙو تنهنجي نانءُ ٿيان هان

مون ته گُهريو هو رات لڙي جو،
تنهنجي ٻُڪ ۾ جُگنو ٿيان هان

توکي جيڪر ننڊ اچي ها،
نيڻ چُمان ها، سپنو ٿيان هان

تو ۾ ٿوري جاءِ ملي ها
ڌرتيءَ تي افلاڪ هجان هان

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/07/2017

ڌيري دم کڻ ڌيري هل



غزل

نارائڻ شيام

ڌيري دم کڻ ڌيري هل
آھ مجاز جو شيش محل

حُسن نظر جي ڇانوَ هئي
راه عمل ۽ ڏينهن تتل

لهر لهر ۾ لهر اُٿي 
هاڻ ته هڪ طوفان اجهل

رات جو راهي اچڻو آھ 
جل جل مشعل جل جل جل

شيام حيات جي حُسن مٿان
آھ ازل کان چريو اجل.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>