غزل
واسديو موهي
ساهَه ۾ پيو ساهُه تُنهنجي گود ۾
سانت ٿيو ڀٽڪاءُ تنُهنجي گود ۾
وَڻَ جو پَنُ پَنُ، گُلَ جي هِڪَ هِڪَ پنکڙي
مُرڪَ، آدرڀاءُ تُنهنجي گود ۾
وڻ جي هيٺان کَٽَ، لَڪُڻُ پايي اَڳيان
نِنڊ مُرڪي ماءُ، تُنهنجي گود ۾
پينگھَـ جي هي لوڏ سان کِل کِل وڄي
سوُنهَن جو پڙلاءُ، تُنهنجي گود ۾
ڀُڻڪَندو چَپَ ۾ وڃي پيو مالَ سان
ڪو ڦُري ويو گاهُـ، تُنهنجي گود ۾
سومرو، جويو، رَکيل، اِمداد، گُلُ
هرڪو ڀانيم ڀاءُ، تُنهنجي گود ۾
جھوُر هَڏَڙَن تي پَسيني جي چَمَڪَ
ڪوهِرَن جو پاءُ، تُنهنجي گود ۾
نِم جي ٽارين کي ملايو پئي هَوا
نيِنهَـن جو مَهِڪاءُ تُنهنجي گود ۾
ڪيترا يُگ گُذري ويا اَڄُ ٿو اَچين
ڪنهن ڪيو ورجاءُ ، تُنهنجي گود ۾