امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


13/12/2016

سکي جون رهن ٿيون سنڀارون اسانکي

غزل

مرتضى ڦل

سکي جون رهن ٿيون سنڀارون اسانکي 
پري کان سڏن ٿيون پڪارون اسانکي

ٻه ٽي لڙڪ آڇي وري هي کلن ٿيون 
جتي راھ اٽڪيون نهارون اسانکي

اسان ٻانهن تو ۾ شھادت قبولي
ڇنڻ جون نه ڏي تون ميارون اسانکي

اوهان ويس ڳاڙھو ڪيو آھي شايد
تڏھن هي وڻن ٿيون بهارون اسانکي

حجابن ۾ ويڙھي رکو ٿا بدن ڇو
چون ٿيون ته گج جون ستارون اسانکي

اهي وار پڃرا ڪري تو ته آندا 
وري ياد آيون اڏارون اسانکي

اڃان ڀٽڪندا ٿا رهون مرتضي جو
اڪيلو ڪري ويون قطارون اسانکي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تون ڳالھه ڪرين ٿو زلفن جي، مان اڻڀن اڻڀن وارن جي

تون ڳالھه ڪرين ٿو زلفن جي، مان اڻڀن اڻڀن وارن جي،
تون ڪُوڪ سُڻين ٿو ڪوئل جي، مان پيٽ بکايل ٻارن جي،
غير ته آخر غير ئي رھندو، غير تي ناھي ڪائي ميار،
جا ماري ٿي سا ڳالھه ٿي ماري، پنھنجي ديس جي 'يارن' جي.

(عمر ملاح)
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/12/2016

متان ڪا رات رُلائي، قضا جي رستي ۾

غزل

احمد سولنگي

متان ڪا رات رُلائي، قضا جي رستي ۾،
ڇڏياسين ديپ جلائي، هوا جي رستي ۾.

رکيو آ روح تي پٿـر ۽ گُل نگاهن ۾،
وقار دل جو وڌي ويو وفا جي رستي ۾.

نيون ڪي ڏند ڪٿائون پيون جُڙن ڪيڏيون،
لٿا خدا جا مخالف، خدا جي رستي ۾.

ضعيف ديس جو جوڳي لباس گيڙوءَ ۾،
هڻي پيو سينَ سِرن جي، صدا جي رستي ۾.

نه ڊوڙ ڪا به رهي آ پياس کان خالي،
دُڪي ٿي زندگي تنها، صفا جي رستي ۾.

قديم درد جا وارث صليب تي احمد!
يروشلم آ صدين کان، فنا جي رستي ۾.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

بي خوف صليبن تي، آ وقت جي چريائي

غزل

احمد سولنگي

بي خوف صليبن تي، آ وقت جي چريائي ،
منصور قبولي ڪيئن، هن دور جي دانائي.

هن دل جي ٽُٽڻ تي آ، شيشن به ڪيو ماتم ،
پٿر جي خدائن وٽ آ، مُرڪ جي مهنگائي.

جلاد سِسي ۽ ڌڙُ، هٿ، پيرَ ڪپيا هُن جا،
هن رسمِ شهادت تي، تاريخ به شرمائي.

روميءَ جي رقاصا جو، ڪنهن پيرُ ڪڇيو آهي ؟
هي رقص عبادت آ ۽ روح جي اُجــرائي.

هن چنڊَ چڪوري جو، ڪو انت نه اچڻو آ ،
چانڊاڻ ۽ چاهت کي، آ مات ڪڏهن آئي.

منصور ڪري پردو، جڳ ۾ تو جيئي تنها،
شبليءَ کي سزا گُل جي، ڀوڳائي اڪيلائي.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪا شام وڃائي رستن ۾

احمد سولنگي

ڪا شام وڃائي رستن ۾
جنهن وقت اويرو موٽيس مان
تو ڇو نه سمهاريو سپنن ۾
۽ دل جي رنگ رتولن ۾

تو ڇو نه ٻُهاريو ٻوٽن مان
جنهن وقت ڇڙيس مان پَن پَن ٿي
جنهن وقت کڙيس مان تاري جان
تو ڇو نه نهاريو پيار منجهان؟

جنهن وقت اکين کي ڌوڙ لَتيو
تو ڇو نه ڇَنڊي سڀ خواب کنيا
تو پاند سان پنهنجي ڇو نه اُگهيو
هر سپنو منهنجي اکڙين جو؟

تو درد نه ڪو محسوس ڪيو
ڪنهن وقت نه تنهنجا نيڻ ڀنا
ڪنهن سُور_سڳي ۾ مون لئه تو
ڪو لُڙڪ نه موتي جان پويو!

ڪو چهرو واقفڪار نه هو
ٿي پاڇن پويان ڊوڙيس مان
ڪو آوازن جو جهنگ هئو
تو ڪو نه پُڪاريو، ٿي پنهنجو!

هر سٽ ۾ ڏک جو ڏيک هئو
تو لفظ پڙهيا احساس بنا،
هن بي ترتيب جوانيءَ جو
تو ڇو نه پڙهيو دل ساڻ پنو!

هي پيار چڪورن جهڙو هو
ٻئي پنهنجي پَر ۾ اُڏرياسين
جنهن وقت هوا سان چنڊ گٺو
تنهن وقت نه ان تي ڪو به لٿو!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هڪڙي ڌرتي، خوابَ هزارين

نظم

احمد سولنگي

(سبتو سپنو)

هڪڙي ڌرتي، خوابَ هزارين 
کيڙيا آھن، پوکيا آھن 
چيٽَ، ڪتيءَ جا ڏينهن ڏُکيرا
ڀيري، ڀيري ڀوڳيا آھن.

پنهنجيءَ پوکَ پَچڻ جا ڪيئي 
لمحا ، لمحا پاليا آھن 
ڪُڙمين، ڏُٻرن ڏاندن، ڪانوَن 
ٻنيون، ٻارا ڪاهيا آھن 
اهڙا ڏينهن به جاليا آھن.

جيون کانڀاڻيءَ جو ڳوڙھو
وقت ڪئي آ ڪار به ڪهڙي
مون مان، مون کي درد چُڳي ٿو
هڪليان آخر جهار به ڪهڙي.

ڌرتيءَ تي هي پيرَ پَڌاري
سُبتي سپني ڏي اڀ- ڪپرو 
ابتي پير وڃان ڪئين آخر
ڏانوڻ جو به ڇِنائي ڌاڳو
ڍڪڻي ڪا به ڀَڃان ڪئين آخر.

ڌرتيءَ ساڻ ٽُٽي ڪئين ٽاڪو
جيڪا سورَ سِبي ويندي آ 
پنهنجي هٿ- ڪنول سان، اک جا
ڪيئي لڙڪ اُگهي ويندي آ 
تنهائيءَ جو زهر نچوڙي
امرت، امرت ٿِي ويندي آ 
اونداهيءَ ۾ اُرھ اگهاڙي 
جاڙا چنڊَ ڏئي ويندي آ.

ان جي سونهن، سَروپَ جو ماٽو
گَھرو، گَھرو، گهاٽو، گهاٽو
جنهن، جنهن پيتو، جنهن، جنهن ماڻيو
ڪاشيءَ جو، سو پيالو ٿِي پيو 
چانڊوڪيءَ جي رمجهم هيٺان 
مست اهو متوالو ٿِي پيو.

ڌرتي منهنجي پٿراڻي ۽ 
ڌرتي منهنجو آھ وهاڻو 
ڌرتي رنگُ رِليءَ جو کنهبو
ڌرتي منهنجي لاءِ وڇاڻو 
ڌرتي ٽانڊاڻي جو ٽاڻو
ڌرتي پرھَ ڦُٽيءَ جو جِھرڻو 
سج جي اوگهڙ جو هر پاسو
ڌرتيءَ جو ڇاتيءَ تي ڇاپو
ڌرتيءَ لئي هي تن، من تاسو.

ڀاڪر منجھ ڀريان ٿو ڌرتي
سارو هي سنسار به گهرجي
اتر، ڏکڻ، اوڀر، اولھ 
پرکنڊ ۽ ھر پارُ به گهرجي 
هومر، هيلن،
فردوسي يا حافظ، پُشڪن 
اشرف شاھ، عنايت، ڀٽائي 
ڏاهو هر ڏاتار به گهرجي
پنهنجي ٻوليءَ ۽ لوليءَ لئي
شبدن جو ڀنڊار به گهرجي
پنهنجي ڏوهيڙن جي ڌاران
گيتن جي گُونجار به گهرجي 
تمراڻين جا هٿ به گهرجن
طنبوري ۾ تار به گهرجي
ڌرتيءَ ۽ دنيا جي ساري
پريت به گهرجي، پيار به گهرجي.

منهنجي ڌرتي عشق، محبت
منهنجي ڌرتي، منهنجي شھرت

وکريل ڪير ڏسي ٿو اڀ کي 
ڌرتيءَ موتين - مالهائن سان
جوڙ ڳچيءَ جا جوڙيا آھن
روز ڪَتين جا تارا چونڊي 
نيڻ انهيءَ ۾ ٻوڙيا آھن.

مون پڻ پنهنجيءَ ڌرتيءَ ڪارڻ 
سانگ سمورا سوچيا آھن 
اک ۾ پُوئي، اک جا داڻا 
ڌرتيءَ کي ئي ارپيا آھن.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اوھان جو نھاريو وري جِي وياسين

غزل

سائينداد ساند

اوھان جو نھاريو وري جِي وياسين، 
حياتيء پڪاريو وري جِي وياسين.

تصور مٍ تصوير ايندي اوھان جي، 
غمن ھو گذاريو وري جِي وياسين.

نگاھن نوازيو ادائن اُڀاريو، 
دلاسن ڌتاريو وري جِي وياسين.

اوھان جي ھٿن جي حرارت ملي جا،
بدن ھي بھاريو وري جي وياسين.

اسان کي تہ ماري چڪو ھو زمانو، 
اوھان جو جياريو وري جِي وياسين.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

رستا سارا ڪارا ڪارا

غزل

سائينداد ساند

رستا سارا ڪارا ڪارا 
يادون تنھنجون ڏيئا ڏيئا.

پاڻ تہ پيارا ملنداسين پيا 
جڳ کان جذبا ڏاڍا ڏاڍا.

منھنجو جِيئڻ جاري رکندا
تنھنجون مرڪون ماڻاماڻا

تحفن جو تفصيل ڏيان ڇا
ڪنڊا ڪنڊا ڪاوا ڪاوا.

مون مان سارو ھٺُ ھليو ويو
نيڻ جو تنھنجا نھٺا نھٺا.

ڪٿِ بہ ھجين تون ڪِٿِ بہ لڪين تون
نيڻ تہ منھنجا پھتا پھتا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>