امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


28/02/2013

حسن نظر

حسن نظر ..

شمشير الحيدري

تون سڄو ئي وقت ٿي سامهون رهيـــن،
مـــان سڄو ئــــي وقت مصـــروف نظـر؛
زنــــدگي ڄـــڻ آهي دل جـــي رهگــــذر،
۽ زمانـــو ٻـــن نـــگاهــــن جــــو سفــــــــر.


تــــون الائــــي ڪيتــرو آهـــيـــن پــري،
مــــان خيــــالن ۾ رهـــان ٿـــــو بيخبــــر؛
زنـــــدگي ڄــــڻ آهــي خوابن جو شهــــر،
۽ زمــــانو خــــوش خيــاليءَ جـــــي نظــر.


هـــــر گهڙي تنهنجـــي تصــور ۾ رهـي،
خود ئــــي بنجي ٿــو وڃان حسن نظر؛
زندگــي ڄــــڻ آهــي جلـون جـو گـــذر،
۽ زمـــانو تنـهنـجــــي الــــفت جــــو اثـر۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

25/02/2013

وساريو وساريو، نه ساريو اسان کي



ترائيل

اياز گُل

وساريو وساريو، نه ساريو اسان کي،
جيئڻ جا ٻيا به گهڻا ڍنگ آهن،
ڀلا ڪير ٿو چئي، پڪاريو اسان کي،
وساريو وساريو، نه ساريو اسان کي.

ڀلي جي دلين مان ڌڪاريو اسان کي،
اميدن جا چهرا، نه بي رنگ آهن،
وساريو وساريو، نه ساريو اسان کي،
جيئڻ جا ٻيا به گهڻا ڍنگ آهن.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مون جـــڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ



غزل

امداد حسيني

مون جڏهن ڪو ڏِيو جلايو آ،
زور ڪيڏو هوا لڳايو آ.

يار ميلي ۾ ۽ اڪيلي ۾،
چين مون کي ڪڏهن نه آيو آ.

دشمنن کي به آزماءِ ڏسان،
دوستن کي ته آزمايو آ.

سچ ته توکان سوا سڄڻ سائين،
اِنءَ لڳي ٿو جيڻ اَجايو آ.

جيڪو پنهنجن ڪنان هئو پنهنجو،
اڄ پراين ڪنان پرايو آ.

سڀ ڇڏي ويا ڇڏيو نه تو اي درد،
ڀال ڪيڏو نه تو ڀَلايو آ!

هونءَ ته چهرو به هو اکيون به هيون،
آرسيءَ ۾ نظر نه آيو آ.

توکي چاهيون ٿا توکي چاهيون ٿا،
بحث ان تي ڪرڻ اجايو آ.

هڪڙو ماڻهو ئي آهه اچڻو پر،
مون سڄو گهر کڻي سجايو آ.

حال ”امداد“ جو پُڇو ڇا ٿا،
اڄ مڙئي سُور ڪجهه سوايو آ.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اي سنڌ امان



اي سنڌ امان

امداد حسيني

زرد ڳل جي مٿان اي سنڌ امان!
رَتُ ويٺو رُئان، اي سنڌ امان!

هيءَ اخبار جا پئي آهي،
ڇا پڙهي ڇا پڙهان، اي سنڌ امان!

هيءُ جهيڙا جهٽا، ڦرون، ڌاڙا،
الامان الامان! اي سنڌ امان!

روز ڪونڌر ڪُسن ڪلاچيءَ ۾،
آءُ ڪنءَ چپ رهان ، اي سنڌ امان!

ساڳيا جيل هي وڏيرن جا،
قائم آهن اڃان، اي سنڌ امان!

۽ انهن منجهه واڙيل هاري،
ڍور ڄڻ بي زبان، اي سنڌ امان!

۽ لڄا لُٽَ هارياڻين جي،
وارثن جي اڳيان، اي سنڌ امان!

هيئن پنهنجا وڃن پرايا ٿي،
آءُ ڦٿڪان لڇان، اي سنڌ امان!

رَتُ دانگيءَ مٿان نٿو اٿلي،
ڏوهه ڪنهن کي ڏيان، اي سنڌ امان!

هيءَ سموري زمين منهنجي هئي،
۽ سڄو آسمان اي سنڌ امان!

ڳوٺ ڌاڙيل، شهر دهشتگرد
آءُ ڪا ڏي وڃان؟ اي سنڌ امان

تنهنجي هوندي به آءُ ائن ڀاسان،
بي وطن، بي نشان اي سنڌ امان!

تون ئي تون ٿي نظر اچين مون کي،
آءُ جاڏي ڏسان، اي سنڌ امان!

باک جيسين بَکي ۽ لاک لڳي،
ديپ سان ٿو جلان، اي سنڌ امان!

تيستائين ته پرهه- پنڇيءَ سان،
لات پيو ٿو لنوان، اي سنڌ امان!



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪنهين کي ستائڻ اسان کان نه ٿيندو

غزل
                                                                
زخمي چانڊيو

ستم تون به پنهنجو گهٽائي نه سگهندين.
مگر منهنجي ٻولي مَٽائي نه سگهندين.

ٻُڌي ڇڏ ارادو اٽل ٿئه اسان جو،
ڪڏهن ڀي، قسم تي هَٽائي نه سگهندين.

مڃان ٿو اڏيءَ تي ڪُهين ٿو تون ڪونڌر،
سوين سِيسَ ليڪن ڪَٽائي نه سگهندين.

جڏهن منهنجو هٿ ڀي گريبان تي پُهتئه،
ستمگر تِري پو پَٽائي نه سگهندين.

هي هارين جي ڌرتي، مزورن جي ڌرتي،
انهن جون تون پاڙون پَٽائي نه سگهندين.

ڏسي هاڻي مونکي ڀڄڻ جي نه ڪر تون،
ائين موت کان تون نٽائي نه سگهندين.

ڀلي لاش ”زخميءَ“ جو لوڙهي لَٽي ڇڏ،
مگر نانءٌ منهنجو لَٽائي نه سگهندين.

*****************


غزل
                                                                
زخمي چانڊيو

ڪنهين کي ستائڻ اسان کان نه ٿيندو.
اُچائڻ رنجائڻ اسان کان نه ٿيندو.

غريبن يتيمن کي اغوا ڪرائي،
ائين ڀُنگ کائڻ اسان کان نه ٿيندو.

پَڪو پختو واعدو ڪري ڀل ڦِري هُو،
وچن کي وسارڻ اسان کان نه ٿيندو.

نه چورن سان ياري نه ٿاڻي تي اچ وڃ،
ٻَڌائڻ ڇڏائڻ اسان کان نه ٿيندو.

اسان کي ڏسي جيئن ڪيو تو هو پاسو،
ائين مَن! لنوائڻ اسان کان نه ٿيندو.

ٻُڌائڻ گهُرون ٿا فقط سُورَ توکي،
گهڻن کي ٻڌائڻ اسان کان نه ٿيندو.

جُهڪڻ جو نه ڏي عيبُ ”زخميءَ“ کي قاتل!
جَبين کي جُهڪائڻ اسان کان نه ٿيندو.

*****************
 
غزل

 زخمي چانڊيو

آيو هو مهمانن وانگي.
بنجي پيو بيمانن وانگي.

تنهنجي سوچ لڳي ٿي اهڙي،
ارغونن، تُرخانن وانگي.

تنهنجا فوٽو ڪاڪ- ڪنڌيءَ تي،
رحل مٿان قرآنن وانگي.

جيئون ٿا مسواڙي بڻجي،
شاديءَ جي شاميانن وانگي.

هُو ٿو حق پراوا کائي،
سوپاري ۽ پانن وانگي.

روزُ ڪندو ٿو ويل رهي هُو،
برساتي طوفانن وانگي.

نيڻ اچن ٿا ڀرجي ”زخمي“،
ساقيءَ جي پيمانن وانگي.

*****************                

غزل

                                              
زخمي چانڊيو

روز هُو مغرور ٿيندو ٿو وڃي.
قوم لئه ناسُور ٿيندو ٿو وڃي.

* تيزُ تر آ مُووِمينٽ ڏينهن ڏينهن،
سنڌي ڏِس مجبور ٿيندو ٿو وڃي.

ڀُونءِ پنهنجيءَ تان ائين ڇو بي دخل.
هاري ۽ مزدور ٿيندو ٿو وڃي.

ديس پنهنجي جو ڌڻي ڌارين هٿان،
ڏينهون ڏينهن معذور ٿيندو ٿو وڃي.

سنڌ ٿي بيرُوت ويئي تنهن ڪري،
ماڻهو هر رنجُور ٿيندو ٿو وڃي.

قتل سنڌين جو ڪري هُو غير ڏِسُ،
شهر ۾ مفرور ٿيندو ٿو وڃي.

پَٽِ اکيون ٿيون مفت بازارون لڳن،
ڇو سنڌي بي نُور ٿيندو ٿو وڃي.

زخم ”زخمي“ جو وڃي ٿو وِگهرندو،
تنهن ڪري منصُور ٿيندو ٿو وڃي.


* Movement = Activity
 
 *****************

غزل

                                                              
زخمي چانڊيو

دلبرن جي دلبري مُون کان نه پُڇُ.
ڳالهه اهڙي اڄ وري مُون کان نه پُڇُ.

دشمنن جي دُشمني پوءِ ڀي چڱي،
دوستن جي دوستي مُون کان نه پُڇُ.

جُهور پوڙهي پرڻِي آ نينگرِ ننڍي،
رات ساري ڪيئن رڙي مُون کان نه پُڇُ.

خانصاحب جا ڪُتا ٿا عيش ڪن،
ڪيئن بُکي آڪَههِ سُتي مُون کان نه پُڇُ.

ڳَههَ رکي گِروي ڪيم پنهنجو علاج،
ڊاڪٽرن جي بي رُخي مُون کان نه پُڇُ.

آهَ مُون هڪڙي ڀري، اُڀ ويو ڏڪِي،
ڪيئن ڌرتي پئي ڌُڏي مُون کان نه پُڇُ.

لوڪُ هي ڇا ٿو چوي ٻُڌندو نه ڪر،
ڇا هلي ۽ چلي مُون کان نه پُڇُ.

ڳالهه ڪهڙي ٿو ڪرين ”زخمي“ چريا!
ويههُ تون خاموش ٿي، مُون کان نه پُڇُ.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تنهنجي دل تان لهي وياسين

غزل
                                                                زخمي چانڊيو

تنهنجي دل تان لهي وياسين.
دردن سان ٺهي وياسين.

اڳ ڪَکُ به نه سگهبو هو،
اڄ ڇا ڇا سهي وياسين.

هِتِ رُوح نٿو ريجهي،
تو وٽ جو رهي وياسين.

مرڪن کي ورهائيندي،
لڙڪن ۾ وهي وياسين.

تو نظر جو ڦيرائي،
”زخمي“ ٿي ڊهي وياسين.

************************
  غزل
                                                              
زخمي چانڊيو

جي ڪرڻ مونسان گهُرين ٿو دل لڳيءَ جي ڳالهه ڪر.
دشمنيءَ جا ورق ڦاڙي دوستيءَ جي ڳالهه ڪر.

ڏينهن ٻن جي گڏ رهڻ ۾ آ مزو ڪهڙو پرين،
گڏ رهڻ جي لاءِ ساري زندگيءَ جي ڳالهه ڪر.

امن کي ڀڳوان پنهنجو جي بنايو آهه تو،
پيار جي سجدن ۾ گُم ٿي بندگيءَ جي ڳالهه ڪر.

واءُ جي جهُوٽي ۾ ايڏا زلف برهم ڪيئن ٿيا،
حسن وارن جي ۽ تن جي برهميءَ جي ڳالهه ڪر.

گل مٿان پوپٽ ٿا اڏرن ڳل مٿان هٿ ڪيئن رکيا،
عاشقن سان عاشقن جي عاشقيءَ جي ڳالهه ڪر.

عشق جو موضوع ڇيڙين ٿو ته ”زخميءَ“ ساڻُ ڇيڙ،
آءُ هِن سُقراط سان ڪا وهُه- وَٽيءَ جي ڳالهه ڪر.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>