30/05/2013
عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان جان جو جانان نه رهيو
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
مير علي نواز ناز
عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان جان جو جانان نه رهيو
بزم خلوت نه رهي عيشَ جو سامان نه رهيو
وڃي ڪعبي ۾ ڪجي پوڄا هاڻي ڪنهن جي يارب
ڪوئي مومن نه رهيو ڪوئي مسلمان نه رهيو
سڀ جي خواهش آ ملي مال عزت دولت جاهه
ڪوئي دنيا ۾ تنهنجو ناز دل سان خواهان نه رهيو
انتظاريءَ ۾ اکيون منهنجون رهن ٿيون هر دم
هاڻي هڪ ڏينهن به هو دلبر ڪڏهن مهمان نه رهيو
ڪيترا سالَ محبت کي لڪايم سڀ کئون
آخر هو عشق سچو جو مون کان پنهان نه رهيو
ڪنهن ۾ بوئي وفا ڪير فدائي تنهنجو
ڇو ستائي هو ڪري ”ناز“ پيشيمان نه رهيو
”عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان“ ڪافي نمبر 91 ڪِتاب ”ڪُلياتِ ناز“
مرتب: مير علي نواز علي خان ناز ٽالپر ـــ خيرپور
29/05/2013
ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گھر جي بهارن کي
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
حيلم باغي
ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گھر جي بهارن کي
ڪو نانگ سراپي ويو نت نينهن نظارن کي
هن راهه تي جي رميا رولاڪ ئي سمجھن ٿا
ڳري رات مٿن گذري سا ساک ستارن کي
نت نيريءَ سانجھيءَ جو اڄ روهه ۾ رڻ جھڻ آ
ڪو سانگ کان ڪيئن روڪي ڪونجن جي قطارن کي
هوءَ ڇوليءَ ڇوليءَ ساڻ هڪ ناءُ رواني ٿي
چنڊ چمندو اڄ ناکئا ڪينجھر جي ڪنارن کي
ڪنهن چڳَ جي ڪڙي کلندي ڪنهن چَپَ تي مُشڪ مڙندي
ڀورا! نه اجايو ڄاڻ رت جي ته اوڇارن کي.
بادل به هٽي ويندا پڻ باک ڦُٽي پوندي
تون مرڪ ڇنڊي منهن تان کڻ ڪارن وارن کي
جيئنداسين ڀري جڳ لئه جيئڻ جا جتن ڏيندي
مئاسين ته ڏئي ڇڏبا هي رڳو هزارن کي
28/05/2013
هيءَ سڏڪو زندگي بڻجي وئي
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
غوث پيرزادو
هيءَ سڏڪو زندگي بڻجي وئي
دل ۾ ڪوڪو زندگي بڻجي وئي
ٽهڪ ئي بازار ۾ وڪڻي ڇڏيئين
نوحو نوحو زندگي بڻجي وئي
تو جو چنريءَ کي ڇهيو هو اوچتو
بت ۾ سياندو زندگي بڻجي وئي
هڪڙو ڀاڪر جيئن ئي ماڻي پڳي
وڻ ۾ واڪو زندگي بڻجي وئي
ميڇ هڪڙي ئي ڏني تو چاهه مان
سو اشارو زندگي بڻجي وئي
ڪو ڪري بيقرار ماري ويو
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
غوث پيرزادو
ڪو ڪري بيقرار ماري ويو
رات جو انتظار ماري ويو
ها گنهگار آءٌ ڀي هوندس
پر مونکي رازدار ماري ويو
ها زماني ۾ جي ويس کلندي
روح جو ريگزار ماري ويو
ڪار واري کي ڪير روڪيندو
ڪالهه رستي ۾ ٻار ماري ويو
هو ته ڌارين کان ڌار رهندو هو
غوث کي پنهنجو يار ماري ويو
شام جو مون سان هيو اڏري ويو
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
غوث پيرزادو
شام جو مون سان هيو اڏري ويو
وقت جيان آيو وري گذري ويو
تون پڇين ٿو موت جهڙي ماٺ ڇو
مون چيو جو ساهه هو نڪري ويو
ڪاش توسان روح کي ريجهائجي
روح پر طوفان ۾ وکري ويو
اڄ وري ڳڀرن ننڊون نيلام ڪيون
اڄ وري گل ڳوٺ ۾ نسري ويو
رات آيو هو اُلا لهجا کڻي
رات وچ ۾ ئي صفا پڄري ويو
مينهن ۾ گڏجي ڀڳو هو شام جو
ڪيئن چوان ڪو غوث هو وسري ويو
توکان وسري ويو هوندس
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
غوث پيرزادو
توکان وسري ويو هوندس
دل مان نڪري ويو هوندس
ها ٻسو پئي لڳس توکي
ڳوٺ اڏري ويو هوندس
ڪيئن توکان اکيون ٻوٽي
ساههَ گذري ويو هوندس
تون اڻائو پئين مونکي
جڳ سان نبري ويو هوندس
جيئن پاڻيءَ بنا لاڻي
ايئن اُسري ويو هوندس
ها جڏهن تو ڇهيو هوندو
يار نکري ويو هوندس
چنڊ ستو هو چنگ ستو هو
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
غوث پيرزادو
چنڊ ستو هو چنگ ستو هو
رات اسان سان رنگ ستو هو
آڌيءَ رات اچي پهتو هو
چمندي چمندي سنگ ستو هو
ننڊ ۾ مرڪ چپن تي رقصان
خواب کڻي اڙٻنگ ستو هو
ڪنوارو ڪير اکيلي ويو هوس
وارن جو ڪو ونگ ستو هو
ڪنهن ڇرڪايو ڇهندي هن کي
ڍوليو ڍاٽي ڍنگ ستو هو
هڪڙي ٽهڪ اٿاريو جوڳي
هاڻي هاڻي لُنگُ ستو هو
هر خدا نا خدا پاڻ ڪاڏي وڃون
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
مئڪش سومرو
ڪوئي چارو نه آ پاڻ ڪاڏي وڃون
هر خدا نا خدا پاڻ ڪاڏي وڃون
زندگي جانور وانگيان ٿي سڏي
ماڻهپي کان سوا پاڻ ڪاڏي وڃون
روح جو امتحان ٿي وٺي عاشقي
جسم کان ٿي جدا پاڻ ڪاڏي وڃون
ڪوڙ جو واءُ ٻوسٽ اسان سچ سان
آ مخالف هوا پاڻ ڪاڏي وڃون
آڳ جو مينهنُ برسي پيو ساجن سوا
اي وڇوڙا ٻڌا پاڻ ڪاڏي وڃون
مئڪدو ئي عبادت ڪدو ٿو لڳي
مئڪدي مان ڀلا پاڻ ڪاڏي وڃون
ٻه فقيرياڻيون
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
هدايت بلوچ
هڪ ڪارڙي ، ويچارڙي
ڪوجھي صفا ، سنهڙي سڪل،
ڏيل ڏٻرو ۽ لٽا ليڙون ٿيل ،
وار اڻڀا ۽ ڳچيءَ تي گر چڙهيل
ٻارڙو ڪڇ تي کنيو،
پنندي وتي،
چوندي وتي
الله جي نالي ڏيو.
ماڻهو بيزاريءَ وچان
نفرت وچان
* معاف ڪر *
تنهنکي چيو،
پاسو ڪيو
نڪتا وڃن.
ڪونه تنهنکي،
ڪو ٽڪو، پئسو ڏئي،
ڪارڙي ويچارڙي
ڏاڍي اداس
ڪارڙي ويچارڙي
ڏاڍي نراس
زندگيءَ جا ڏينهن
پورا پئي ڪري
**************
هڪ ٻي فقيرياڻي
پريان پنندي وتي
ڪڻڪ رنگو
گول چهرو چمڪندڙ
ڦوهه جوڀن کان
ارهه اڳتي وڌيل
هوءَ نه ٿي الله جي نالي
ڪري ڪنهن کان سوال
هوءَ پني ٿي
پر نئين انداز سان
مام سان مرڪي
اکيون هڪ هنڌ جھلي
بس ڇڙو
هٿ کي وڌائي ٿي ڇڏي
ماڻهو سڀ
تنهن تان وڃن ٿا
اول گھول
پنهنجي کيسن ۾ وجھي هٿ
۽ رپيا ٻاهر ڪڍي
تنهنجي نازڪ
ڀورڙي هٿ تي رکي
ڪجهه زور سان
ڪجهه مام سان
هڪ هلڪو چيڀٽڙو ڏئي
اڳتي وڌن
هوءَ پاڇولي جيان
تن جو ڪري پيڇو
۽ پوءِ
***********
ڪار جي نازڪ ۽
ڪونئري سيٽ تي
صاف ۽ شفاف شيشي مان ڏسي
ڪارڙي پنڻيءَ تي
مرڪي ٿي ڏئي
ڪار هڪ زوڪاٽ سان
ڪير ڄاڻي ڪهڙي رستن تي وئي
زندگيءَ جو سلسلو
هر روز ٿو هلندو رهي
گول مانيءَ لاءِ هت
ڇا ڇا نه ٿو ٿيندو رهي
22/05/2013
هن شهر جفا جي ڳالهه نه ڪر، هت روز وفا جو قتل ٿئي
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
18/05/2013
ڪهڪشائن کان خبر آئي هئي
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
مئڪش سومرو
ڪهڪشائن کان خبر آئي هئي
چنڊ سان مون جهڙي تنهائي هئي
ماڻهو سستو ماڻهپو مهنگو گهڻو
ڪيڏي دنيا منجھ مهنگائي هئي
ماڳ جي وشواس ۾ پنهنجو سفر
رُڃ جي هر راھَ رعنائي هئي
زندگي مشروط گهاري ڪين ڪي
سچَ ! تنهنجي ساک ارڏائي هئي
بي وڙي جي ننڊَ دانش ديس ۾
۽ اسان جي جاڳ سودائي هئي
ڪِٿ، ڪڏهن تنهنجي اگهي مئڪش دعا
ڪهڙي هستي تو نـ ٻاڏائي هئي
مئڪدو ناهي شهرَ ۾، دوستو! ڇاهي شهرَ ۾
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
مئڪش سومرو
مئڪدو ناهي شهرَ ۾
دوستو! ڇاهي شهرَ ۾
زندگي کان ڏور ڪيڏي
زندگي آهي شهرَ ۾
پنهنجي چهري تان نقاب
ڪير ٿو لاهي شهرَ ۾
ڪو پکي احساس جو
پَرَ نٿو ساهي شهرَ ۾
وقتُ ڪنهن کي آ، جو رشتا
روح جا ٺاهي شهرَ ۾
ٿي رواداري رڙي
حرصُ پيو ڪاهي شهرَ ۾
09/05/2013
پسن ٿا نيڻ نِماڻا پري پري تائين
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
طارق عالم ابڙو
پسن ٿا نيڻ نِماڻا پري پري تائين
اوهان جا رنگ او! راڻا پري پري تائين،
ڪِناري بيٺا هُئاسين ڪُڏيون پئي لهرون
پکي هوا ۾ اُڏاڻا پري پري تائين،
سفر ۾ ڪالهه هئا ، ۽ سفر ۾ اڄ آهن
نه جِن جا ٿاڪ ٺِڪاڻا پري پري تائين،
وڳو گهڙيال ۾ هڪ هو جو سانت ڪمري ۾
اوهان جا ٽهڪ اُڏاڻا پري پري تائين،
ڇڏڻ لاءِ جهان کي جڏهن به سوچيوسين
اوهان جا سڏ ٻُراڻا پري پري تائين،
پسن ٿا نيڻ نِماڻا پري پري تائين
اوهان جا رنگ او! راڻا پري پري تائين.
ڇو نِگاهُن جا پَيو ورق ورائين اي دوست !
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
طارق عالم ابڙو
ڇو نِگاهُن جا پَيو ورق
ورائين اي دوست !
ڇو نه نيڻن جي نديءَ ۾ ٿو
سَمائين اي دوست !
ڇو نه بادل جِيئان برسين ٿو
ڀلا منهنجي مٿان
ڇو ٽپهري جيئان هي وڻ ٿو
جلائين اي دوست !
دل وساري يا ڇڏيو ياد ۾
تنهنجي ڌڙڪڻ
ڇو نه ٿو ساهه ڀري دل کي
جِيئارين اي دوست !
هيٺ ڌرتيءَ جي نظارن ۾، مٿي
تارن ۾
هر طرف تون ئي فقط تون ئي
سُهائين اي دوست !
وقت به وقت کلڻ ۽ ڀري محفل ۾
روئڻ
ڇو نه ديواني کي دل سان ٿو
لڳائين اي دوست !
نه صحيح عشق محبت ، تنهنجي
چاهت نه صحيح
ڇو نه نفرت جيئان دل ۾ ٿو
سمائين اي دوست!
اسان سڏ پنهنجا نه واري سگهياسين
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
اياز امر شيخ
اسان سڏ پنهنجا نه واري سگهياسين،
نه ئي مُحبتن کي ڪو ماري سگهياسين.
اُٿي درد درياھ پيو سُهڻيءَ جان ٻوڙي،
دلو دل جو مُرڪي نه تاري سگهياسين.
تمنا هُئي تاريڪين کي تڙڻ جي،
مگر اک ڏِيئي جي نه ٻاري سگهياسين.
خوشيءَ جي جسم تان ميرو گج غمن جو،
زمانا ٿيا نَه اُتاري سگهياسين.
اکين جي اڱڻ تي ڪُٺا خواب جيڪي،
اُنهن جو نه رت ڀي ڌُئاري سگهياسين.
سوين حسرتن سان ڀريل غرق ٿي جا،
نه سا ناوءَ آڻي ڪناري سگهياسين.