امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


17/04/2015

تنهنجي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس پرين،

ڪافي

سيد مرتضى ڏاڏاهي


تنهنجي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس پرين،
تنهنجو جوڙ نه ڪوئي جيس پرين.

تنهنجي چهري جي چانڊاڻ وڻي،
تنهنجي لبڙن جي لالاڻ وڻي:
تنهنجي سونهن وڻي، سرهاڻ وڻي،
تنهنجي ٻوليءَ ۾ ٻاٻيس پرين.

تنهنجا واسينگن جهڙا وار عجب،
تنهنجا ڳاڙها ٻئي رخسار عجب:
اهي عاشق لئه آزار عجب،
ڪن ڪاريون اکيون ٿيون ڪيس پرين.

تو پيچ محبت پائي ڇڏيو،
منهنجي دل کي گهورن گهائي ڇڏيو.
تنهنجي نينهن نئون رنگ لائي ڇڏيو،
تنهنجي مرڪ ٿي مقناطيس پرين.

ايڏا عهد وچن پيمان ڪري،
مٺا ’مرتضيٰ‘ جو مٿي مان ڪري:
وري دڙڪا ڏيئي دهمان ڪري،
هيڏو هاڻ نه هر هر هيس پرين.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

14/04/2015

لکان ٿي نعت لڙڪن سان، اکين کي پير ٿي ڪريان، گهٽي آهي مديني جي!

نعت

سحر امداد

لکان ٿي نعت لڙڪن سان،
اکين کي پير ٿي ڪريان،
گهٽي آهي مديني جي!

جيئڻ تو لئه مرڻ تو لئه،
اهوئي ڌيان دل ڌريان،
گهٽي آهي مديني جي!

کڻان ٿي وک اکڙين سان،
ڏسي تو در سڄڻ پريان،
گهٽي آهي مديني جي!

ڀلارا تون ڀلائي ڪج،
مٿو تو در مٿي ڌريان،
گهٽي آهي مديني جي!

ٻهاريان صحن پلڪن سان،
محبت سان مٽيون ڀريان،
گهٽي آهي مديني جي!

سُکن جي آس ۾ سائين !
ڏکويل ڏک ٿي ڏريان
گهٽي آهي مديني جي!

لِکان ٿي نعت لڙڪن سان،
ته ڄڻ ڪو ڀرت ٿي ڀريان،
گهٽي آهي مديني جي!




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

بيڪل ويران ڪاري رات، اهڙي ڄڻ ته ڏکويل ڏات


غزل 

سحر امداد

بيڪل ويران ڪاري رات
اهڙي ڄڻ ته ڏکويل ڏات

دل ۾ دردن جي درٻار
تن کي هردم تنهنجي تات.

سوري پاڻ اچي تو اوڏو
تون ڪر سورهيه اهڙي بات!

ڏس هو درياهه جي ڪنڌيءَ تي
نور جا ڪرڻا پائن جهات .

ڄاڻ کٽي هيءَ ڪاري رات 
ڳاءِ ”سحر“ ڪا مٺڙي لات!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/04/2015

هر قدم اهڙي طرح اڳتي وڌائيندا هلو.



غزل

نارائڻ شيام

هر قدم اهڙي طرح اڳتي وڌائيندا هلو.
نوجوانو بس وڏن جا وڻ وڄائيندا هلو.

دشمني سان ڇا اوهانجو دوست هر ڪنهن جا بڻو،
جي بڻڻ چاهي ڪوئي دشمن بڻائيندا هلو.

جن نه تڙڦڻ جو مزو ماڻيو سکي تر ۾ رهيون، 
تن ستل لهرن کي ئي طوفان بڻائيندا هلو.

هر قدم آھي اوهانجو ڄڻ بهارن جو قدم،
برپٽن ۾ باغ جي رنگت رچائيندا هلو.

پنهنجي همت ساڻ بدلائي هنئر جهونو نظام، 
شيام دنيا ۾ نئين دنيا وسائيندا هلو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

06/04/2015

ڪري سينگار اڄ ٻاهر اسان جو يار آ نڪتو



دادن فقير جي شاعري

ڪري سينگار اڄ ٻاهر اسان جو يار آ نڪتو
پيارو ساهه کان ڏاڍو مٺو منٺار آ نڪتو

هجومِ عاشقن اعلان ڪيو اڄ خير ڪونهي ڪو
کڻي تلوار هٿ ۾ بي ڌڙڪ دلدار آ نڪتو

ڏسڻ ۾ آئيو ٿي پاڪ رُخ دلبر جي زلفن مان
ڪڪر ڪاري منجهان ڄڻ چنڊ چمڪي دار آ نڪتو

ڏسان ٿو جنهن طرف تي تنهن طرف کان مست ٿي ”دادن“
سندس ديدار لئه گهر کان ٻڍو ۽ ٻار آ نڪتو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

02/04/2015

سڄي رات بيٺي ڪٽيون سين اکيون

غزل

حسن درس

سڄي رات بيٺي ڪٽيون سين اکيون،
پرين لا۽ پوريون پٽيون سين اکيون،

رڳو لُڙڪ هاري رُناسين لِڪي،
کٽڻ لا۽ ڪهڙيون کٽيون سين اکيون،

نپُوڙي نپُوڙي نگاهون نچُوڙي،
سُڪا لڙڪ پوڀي وٽيون سين اکيون

پرين پوک تنهنجي لا۽ پاڻي ٿياسين،
کُٽا ٻج آخر ڇٽيون سين اکيون،

"حسن" هي اسان جو تو گذرڻ ڏٺو،
گهٽي مان گهيلجي مٽيون سين اکيون.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>