امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


29/07/2013

ڇوڪري جو چوان يا نديءَ جو بدن



غزل

ايوب کوسو

ڇوڪري جو چوان يا نديءَ جو بدن
ھوءَ ته آھي سڄو روشنيءَ جو بدن

ھوءَ ته آھي گلابي ڪليءَ وانگيان
ھن جي چھري ۾ آ چاندنيءَ جو بدن

ھن رکي سامھون نيڻ پنھنجا ڏٺا
مھنڪندو آ رھيو آرسيءَ جو بدن


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

پيار ڪري پڇتايو ڇو؟


راشد مورائي

سنڌڙيءَ جي ته سڳنڌ جا ڀونئرا- ظلم ڏسي گھٻرايو ڇو ٿا؟
پيار ڪري پڇتايو ڇو ٿا....؟


ڀوئنر نه ٿيو، اي جيجل جا نوجوانو

سنڌ شمع تي اچو پڇڻ لاءِ، سنڌيت جا پروانو
جي ٿا ڊڄو ته جيئي سنڌ جو لفظ لبن تي آيو ڇو 
پيار ڪري پڇتايو ڇو ٿا....؟

ڪاتيءَ ھيٺان ڪنڌ ھجي، ته به نينھن جا گونجن نعرا

جي نه سھاي سر ته سگھو ئي، نينھن نه لايو پيارا
جنھن کي جان پياري آھي، مقتل ۾ سو آيو ڇو؟ 
پيار ڪري پڇتايو ڇو ٿا....؟ 

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

27/07/2013

ناسي نيڻن وارا ماڻهو، ڳاڙهن ڳلڙن وارا ماڻهو


غزل

ذوالفقار سيال
 
ناسي نيڻن وارا ماڻهو، ڳاڙهن ڳلڙن وارا ماڻهو
جيءُ اسان جو جهوري ويا هن، ڪيڏا پيارا پيارا ماڻهو


وار کليا، گهنگهور گهٽا، ڄڻ چوڌاري ڪا وکري وئي
ريشم جهڙا، سرها سرها، ڪارن وارن وارا ماڻهو

 
چپ جي بيهن، ڌرتيءَ جي سيني مان طوفان اُٿي ڪو
مرڪن جي پوءِ مکڙيون مهڪن، جاني جيءَ جيارا ماڻهو


سامهون ويهن، نيڻن ۾ پوءِ پيار اسان جو ڇلڪي ٿو
شام جيان معصوم نماڻا، صبح جيان ٻاجهارا ماڻهو


پيار ۽ سونهن جو نالو تيسين هن دنيا ۾ قائم رهندو
جيسين هوندا
ذلف اسان جي سهڻي ساجن پارا ماڻهو

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

راھُن ۾ انتظار ڪرڻ دل نه ٿي مڃي

غزل

ذوالفقار سيال

راھُن ۾ انتظار ڪرڻ دل نه ٿي مڃي
سنگدل توسان پيار ڪرڻ دل نه ٿي مڃي

ھر روز تنھنجو واعدو نئون ۽ ڳالهه آ نئين
ڳالھيُن تي اعتبار ڪرڻ دل نه ٿي مڃي

سڀ ڪو لتاڙي پير رکي ٿو ھليو وڃي
تُحمت ۽ طعنه وار ڪرڻُ دل نه ٿي مڃي

توکي ڏئي مون دل ته ڇڏي، پاڻ به ڇڏيُم
پيارن سان پوءِ تڪرار ڪرڻ دل نه ٿي مڃي

مان " ذلف " توکي روز ڏسان سڪ ئي نه ٿي لھي
نيڻن کي اشڪبار ڪرڻُ دل نه ٿي مڃي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/07/2013

توکي چاهيو آ صرف توکي ئي

غزل

رضوان گــل

مونکي ديوار سان نه لاءِ سکي
اعتبار ڪر نه آزماءِ سکي

توکي چاهيو آ صرف توکي ئي
ورق ماضيءَ جا تون وراءِ سکي

مان ته تولاءِ ئي ٺهيو آهيان
تنهنجو آهيان لباس، پاءِ سکي

برفباري وڌي وئي آهي
آءُ سيني سان مونکي لاءِ سکي

تنهنجي راهن ۾ روشني ٿيندس 
ديپ آهيان اچي جلاءِ سکي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/07/2013

تنهنجي ياد قيامت آهي


غزل

زيب سنڌي

تنهنجي ياد قيامت آهي
پوءِ به اهڙي عادت آهي

اچ ته گڏجي ڪري وٺون
اسان جي عشق عبادت آهي

تنهنجي ساٿ سان هيءَ حياتي
جيئري ئي ڄڻ جنت آهي

سوچي سمجهي جيون گهار
املهه هرڪا ساعت آهي

لکبو ڪين شاهي فرمان تي
منهنجي قلم جي عزت آهي

راضي راڻو پاڻ ٿيو هو
منهنجي ڪهڙي حجت آهي

ٻيٽ وڪامن ٿا ڌارين کي
ڪهڙي سنڌ سلامت آهي!



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪالهه توسان جو رُسي آيس مان

غزل

تنوير عباسي

ڪالهه توسان جو رُسي آيس مان،
بس ائين سمجهه ڪُسي آيس مان.

هاڻي سوچيان ٿو ته ڪاڏي وڃجي،
تنهنجي محفل مان اٿي آيس مان.

در جي کڙڪي ۽ ڏسين مون کي تون،
ڀانئجان ايئن ته ڀُلي آيس مان.

مان ته ڀانيان ٿو هيس تو وٽ ئي،
تون چوين ٿي ته وري آيس مان.

تو وٽ آيس نه ڪڏهن خالي هٿ،
هر دفعي درد کڻي آيس مان.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

16/07/2013


ڳالهڙيون هن جون

(مسرور پيرزادو)

دوستي هُن ڇوڪريءَ سان ٿي وئي آ،
دل لڳي هُن ڇوڪريءَ سان ٿي وئي آ،
جنهن جو چهرو چنڊ جهڙو ڪين آهي،
چَپَ جنهن جا پنکڙيون ناهن گلن جون
وارَ جنهن جا ڪي گهٽائون ڪين آهن،
جسم جنهن جو سنگ مرمر جئن تراشيل ڪين آهي.

هوءَ بظاهر عام آهي ڇوڪري،
ها مگر آ خاص مون لئه ڇوڪري.
حُسن گوري جو رنگ نه آهي،
حُسن نازڪ انگ جو نالو آهي،
حُسن سهڻن ئي مهانڊن جو به نالو ڪين آهي،
حُسن ڀـُوري باهه جهڙي ڪنهن بدن جي
يار! شعلن جو به نالو ڪين آهي.

حُسن هڪڙو آهه جادو جو اکيون ٿو ڏي نيون،
جن اکين جي چار سـُو عشق جون محلاتيون.
حُسن هن جو هن جي چهري ۾ نه آهي،
حُسن هن جو هن جي آهي ڳالهڙين ۾.
ڳالهڙيون هـُن جون نديءَ جئن نيارڙيون،
ڳالهڙيون هن جون هوا جئن هلڪڙيون،
ڳالهڙيون هن جون ته اهڙيون،
ڳوٺ جي ڪنهن ڳئون جي ڄڻ کير جهڙيون، پاڪ صاف،
جر جي پاڻي وانگر ڄڻ شفاف-
ڳالهڙيون هن جون مٺيون ماکيءَ جهڙيون،
ڳالهڙيون هن جون کٽيون انبڙيءَ جهڙيون،
ڳالهڙيون هن جون اچانڪ ٿي ويل ڄڻ ڪو جهڙالو،
ڳالهڙيون هن جون انڌيري ۾ اجالو،
ڳالهڙيون هن جون ڀلي ڪنهن ڀرت جهڙيون،
ڳالهڙيون هن جون رليون ڪي ٽڪ واريون،
ڳالهڙيون هن جون سياري ۾ سوڙ جهڙيون سٺيون ،
ڳالهڙيون هن جون چميون ڄڻ چاهه واريون،
ڳالهڙيون هن جون گلن جون ڄڻ ته ٽاريون،
ڳالهڙيون هن جون ڏکڻ جي هير جهڙيون،
ڳالهڙيون هن جون سنڌو جي ڄڻ سير جهڙيون –
حـُسن هن جو هن جي چهري ۾ نه آهي،
حـُسن هن جو هن جي آهي ڳالهڙين ۾.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

15/07/2013

ڄامشورو اسان جي پرين جو شھر

مشتاق ڦل

ڄامشورو اسان جي پرين جو شھر

آھي ننڍڙو نگر ڄامشورو مگر، آ وڏو پُر اثر
ڄامشورو اسان جي پرين جو شھر

ڪوئي پنج سال خاموش گھاري ويو
ڪوئي پنھنجي به دل ھت وساري ويو
ھا ڏٺيون ڪيئي بي حس حسين ڇوڪريون
۽ ڏٺا ڪيئي ڇڙواڳ ھت ڇوڪرا
ھن ٻڌيون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ھتي
پڻ ڏٺيون تڙپندي ڪيترون راڻيون ھتي
مون ڏٺو عاشقي جو اکين ۾ اثر
ڄامشورو اسان جي پرين جو شھر

مگر منھنجي محبوب جي ڳالھ ٻيء آ
ھو ”باغي“ جي گيتن جھڙي ڇوڪري آ
بند وسڪي جي بوتل جيان پئي لڳي
مون ته ھن کي پنھنجو پاڻ ارپي ڇڏيو
ھوءَ دل جا دروازا ٽوڙي ھلي وئي
منھنجا خواب ھٿن سان مروڙي ھلي وئي
مگر پوءِ به مشتاق آ مُنتظر
ڄامشورو اسان جي پرين جو شھر.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

14/07/2013

نيڻَ کڻ ملهار ڏي ڪو غزل تو تي لکان

غزل

ملهار چانڊيو

واسُ مان جيڪر هُجان
ساهه تنهنجي ۾ لهان

خوابُ جي تنهنجو اچي
جاڳ کي ڀُلجي وڃان

ڀل سِڪي هُو چنڊُ ڀي
مان رُڳو تو کي ڏسان

پيارَ جا پرڙا ملن
مان هوائن سان اُڏان

نيڻَ کڻ ملهار ڏي
ڪو غزل تو تي لکان





مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

10/07/2013

آهه دلِ بيتاب کي ڪن خير خواهن جي تلاش


غزل


راشد مورائي

آهه دلِ بيتاب کي ڪن خير خواهن جي تلاش،
ٿو ڪري هو نفس پيو هم نفس ماڻهن جي تلاش.

خط لکڻ جي واسطي ڀوڳيو اٿم ڪيڏو عذاب،
ڪالهه کان ڪريان پيو موزون لفظن جي تلاش.

تنهنجي زلفن تي اچي تنهن دم پٽيو ٿي بامراد،
جنهن به جوڳيءَ کي هئي واسينگ نانگن جي تلاش.

سونهن وارن کي ائين ئي عاشقن جي گهرج آهه،
جيئن سخي ماڻهوءَ کي هوندي آهه بکين جي تلاش.

ٺوڪرون هڻندي بڻايئي دل کي چڪنا چور چور،
هاڻ تون ڇو ٿو ڪرين شيشي جي ٽڪرن جي تلاش.

خط پڙهڻ کان اڳ ڪري پرزا ڪيئين پڇتاءُ پوءِ،
هاڻ پٽ تان پيو ڪري شهداءِ ورقن جي تلاش.

جو هجي همخيال، بيشڪ ساٿ سان بنجي شريڪ،
آهه ”راشد“ کي سدائين پاڻ جهڙن جي تلاش.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

09/07/2013

پسيل شام جي هر اشاري ڪُٺو آ


غزل

ايوب کوسو

پسيل شام جي هر اشاري ڪُٺو آ،
چُني ڪنهن هوا ۾ اڏاري ڪُٺو آ.

وري پاڻ اُلجھي ٻڏاسين اکين ۾ ،
وري عشق ڪنهنجي ڪنواري ڪُٺو آ.

ڇڻياسين ، ٻرياسين ،اويلا ،اڪيلا،
سوا تو ستمگر سياري ڪُٺو آ.

اچي ياد و يئي گلابي چپن جي،
اُفق رنگ لالاڻ هاري ڪُٺو آ.

نه ٻيڙي ، نه جوڙا ، نه پاڻيءَ ڦُڙو ڪو،
اکين کي سنڌوءَ جي ڪيڏاري ڪُٺو آ.

ٻُڏي ويو مِٺي ننڊ ۾ ڳوٺ سارو،
اسانکي کِلي تاري تاري ڪُٺو آ . 



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سانت سهيلي سوچي پئي


غزل

ساحر راهو

سانت سهيلي سوچي پئي،
ڪا ته پهيلي سوچي پئي.

وهندڙ درياه سوچ ۾ آ،
ناوَ نويلي سوچي پئي.

شبنم جي بوندن ۾ ڇو،
چنڊ ، چنبيلي سوچي پئي.

مورَ شهر ۾ هوندو اداس،
ڊيل ٿريلي سوچي پئي.

سپنا اوڍي شهر سُتل ،
رات اڪيلي سوچي پئي.

ڪنهن کي ڏيکاري ساحر،
ناچ نشيلي سوچي پئي.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

02/07/2013

توکان ٿيندي ڌار

وائي

اياز گُل

توکان ٿيندي ڌارَ
کِلندي کِلندي يارَ!
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

تُنهنجي پويان ڪيرُ اسانجي
سپرين!، لَهندو سارَ؟
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

ساهَه ۾ تُنهنجِن ساهنِ جي
اَڃا ڀي آ، مهڪارَ
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

راتِ کُٽي ۽ باکَ ڦُٽي وئي
جنهن پل ويڙهيئي وارَ
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

پاڻيءَ تي ڄڻ لِيڪا ها
تُنهنجا قولَ قرارَ
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

وري ملڻَ جي مهلَ وري
شالَ هينئين جا هارَ!
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

توکان ٿيندي ڌارَ
کِلندي کِلندي يارَ!
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>