امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


30/11/2015

ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي،


ايوب کوسو

ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي،
جو وڇڙڻ لئه ڪو بهانو به گهرجي!
وسارڻ لئه ڪوئي فسانو به گهڙجي!
ضروري ته ناهي جو سانجهيءَ جي ويلي،
ڪنهن ڏيئي جي ويجهو اداسيءَ ۾ ويهي،
پَني جي چپن تي هِي لکجي ته جانان،
ها توکان سواءِ اڌورو مان آهيان!
۽ لکجي ته مونکي ڀنل شام ٽاڻي،
گهڻو ياد ايندي، ها ايندي تون آهين!
ضروري ته ناهي جو ساحل تي وڇڙي،
وري ڪنهنجي پيرن جي خوشبوءَ جو پُڇجي!
۽ آڌي جو تنها ٿي رستن تي رُلجي!
ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي!
جو دل جي شهر جي سڄي هيڪلائي،
ستارن جي دل کي ٻڌائي به ڇڏجي!
ضروري ته ناهي جو پاڳل هوا کان،
کِلي ڪنهن جي زلفن جا احوال وٺجن!
ٿُڪي پنهنجي رَت کي رڳو خواب اُڻجن،
کڻي يادگيرن جا خيما اُڌارا،
ٿڌين موسمن ۾ ٿڌا ساهه کَڻجن!
ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي!
جو وڻجاري قدمن جي ڪنولن تي سوچي،
گلابن جو پتيون هٿن ساڻ ميڙي،
ٻه ٽي لُڙڪ هاري ڪتابن ۾ رکجن،
ڊگها درد مَن جي اکين ساڻ ٻکجن!
۽ الڪن جي ڪاري ايامن جي بَرَ ۾،
رڳو نيڻ اُگهجن، رڳو لفظ گُهٽجن،
او ڍوليا او جانم! ضروري ته ناهي،
جو ماڻهو اجايو پٿر تي نسورو،
کڻي خاص موسم جي آرن ۾ وڇڙي،
۽ وڇڙڻ لئه ڪوئي بهانو به گهڙجي،
گهڻي دير تائين ٿِي سگريٽ سَڙجي،
او دلبر پيارا ضروري ته ناهي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

آئون ويس تو مان اڏامي ڪونه پئي توکي خبر

غزل

ايوب گل

آئون ويس تو مان اڏامي، ڪونه پئي توکي خبر،
يا ستاري جيئن اجهامي، ڪونه پئي توکي خبر.

مون جڏهن پئي ديس ووڙيا گيت جوڙيا
تون هئين ڪنهن سان آرامي ڪونه پئي توکي خبر

مون گلابن جي پتين سان نانءَ تنهنجي کي اڪيريو
تون الئه ڪنهن سان آجامي ڪونه پئي توکي خبر

تو وڻن جا ڏار لوڏيا واءَ سان ياري رکي
وٽ ڪنهنجي ٿي وسامي ڪونه پئي توکي خبر

مون ڇڻڻ جي موسمن ۾ ڦول تنهنجي لئه ڦٽايا
مون ڏٺيون واٽون مدامي ڪونه پئي توکي خبر
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

28/11/2015

اڪيلو رهڻ اڄ سٺو ٿو لڳي

غزل

ڪنعيو شيواڻي

اڪيلو رهڻ اڄ سٺو ٿو لڳي،
چپن کي سبڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

ڪڇي ڪين سگھبو، ڪئي ٿم خطا،
اندر ۾ لڇڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

ملي موٽ مونکي وهڻ کان گھڻي،
پگھر ۾ پسڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

وڏن سان رهي مون وڏائي سکي،
وڏن وٽ جھڪڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

اڌارن پرن سان اڏائي ڏٺو،
زمين تي لهڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

مڃي ڳالهه دل جي، تڪان ٿو کڻي،
امان جو اڱڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

مرڻ ۾ ملي ٿي خدائي خوشي،
خوشيءَ ۾ مرڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تتر تيز اڏار، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

وائي

شيخ اياز

تتر تيز اڏار
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

اچ رنڱي وٺ هٿڙا
لائي مينديءَ ڏار
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

متان گل ڇڻي وڃن
ڏيئي مند ميار
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

مند نڀائن ڪين ٿا
ڪنهن سان ڪارا وار
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/11/2015

زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين



غزل

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي

زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين،
مرڻ کان اڳي ئي مري جي ڏٺوسين.

ٿياسين نه محبوب ڪنهن جا ته ڇا ٿيو،
محبت ۾ ڪنهن تان فدا ٿي ڏٺوسين.

دغا ڪانه ڪنهن سان ڪئيسون ڪڏهن ڪا،
مگر پاڻ دوکو به کائي ڏٺوسين.

روئڻ جو ته ڪاٿو اصل ڪونه آهي،
اٿئون ڏک اهو جو نه مرڪي ڏٺوسين.

زخم زندگيءَ ۾ نه ڪنهن کي رسائي،
وري پاڻ سئو وار ڦٽجي ڏٺوسين.

سٺيوسين گهڻيون ئي گرم تر هوائون،
سهي سرد موسم سندو سي ڏٺوسين.

گهڻو وقت گڏجي گذاري سڄڻ سان،
فراق محبت ۾ ڦٿڪي ڏٺوسين.

سُکن مرتضيٰ کان ڪئي موڪلاڻي،
ڏهاڙي ڏکن منجهه تڙپي ڏٺوسين.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دشمنن جي ناه پرواه، دوستن ماري وڌو


غزل

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي

دشمنن جي ناه پرواه، دوستن ماري وڌو،
گهڻ گهرن جو ويس پائي مٺ گهرن ماري وڌو.

غير آخر غير آ. ڪهڙي پراون تي ميار
پر هتي پنهنجن منافق ميسڙن ماري وڌو.

جن کي پالي ۽ پڙهائي الف انب سيکاريم،
ظلم آهي اڄ اکيون پوري، انهن ماري وڌو

صورتون اجريون اڇيون ۽ سيرتون ساريون سياه،
اندر جي ابليس اهڙن، منهن مٺن ماري وڌو.

دوستي جو جن رکيو، دوکن فريبن تي بنياد،
تن  دغابازن، لٽيرن ۽ ٺڳن ماري وڌو.

واٽ ڏيکارڻ لئه جيڪي سفر ۾ سونهان کنيم،
مون مسافر کي سفر ۾ تن، سونهن ماري وڌو.

پاڻ پنهنجي گهر رکيا مون، چور چوڪيدار پوء
هاڻ چوندو ٿو وتان، ير ويرين ماري وڌو.

مرتضيٰ  محبوب کي ڪئين عرض ۽ آزيون ڪيم،
آ اڃان بس اڄ سڀان، جي آسرن ماري وڌو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سياه زلف سهڻا، سائين سنوارين ٿو مارين،

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
سياه زلف سهڻا، سائين سنوارين ٿو مارين،
کڻي تير نظرون، نهارين ٿو مارين.

ڀري جام حنائي هٿن سان،
شرابِ محبت لڳائي لبن سان،
پيارا اسان کي پياري ٿو مارين.

سلامي ڀريندي سڄڻ سال ٿي ويا،
ڀلائي ڪريو ڪا برا حال ٿي ويا،
دلاسن سان دلبر، ڌتارين ٿو مارين.

ڪري دل جو دل ساڻ واپار هاڻي،
اچڻ کان ڀلا ڇو اٿئي عار هاڻي،
پرين پهر پاسي گذاري ٿو مارين.

هميشه وفا جا ڪري قول ڪهڙا،
ٻيائي نه ٿيندي ٻڌي ٻول ڪهڙا،
وري مرتضيٰ کي وسارين ٿو مارين.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

25/11/2015

اي سنڌ مون، تو لاءِ ڄڻيو سنديار آ

غزل

ماهين هيسباڻي

اي سنڌ مون، تو لاءِ ڄڻيو سنديار آ،
ماڻهو مِٺو هي مُحسن، يارن جو يار آهي.

خدا جي قهر کان ڊڄو، ڪافر نه چئو مونکي،
جنت کان وڌ چوٽ جو، سنڌوءَ سان پيار آ.

ماکي نه آهي اهڙي مِٺي، جهڙي زندگي،
اهڙي نه ٿي کپي جا، ڌرتيءَ کان ڌار آ.

 جُڳن کان جنگ پيو وڙهي ۽ سنڌ لئه سڙي،
ظالم ڪيو صدين کان، جنهن کي سنگسار آ.

سيد پيئاري سُرڪ آهي، جنهن کي عشق جي،
مستيءَ مان جهومي ٿو چوي، دل تار تار آ،

بيهو اي بادلو مِلو، منصور مرد سان،
سوري سجايو ڪانئرو، هيمو تيار آ.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

درد به ساڳيو، سور به ساڳيو

غزل

ماهين هيسباڻي

درد به ساڳيو، سور به ساڳيو،
مرد سچو، منصور به ساڳيو.

محبوب سدا محوِ عبادت،
عشق، حُسن حضور به ساڳيو.

چندر چِتائي، ويٺو مُرڪي،
جيڏو ويجهو، ڏور به ساڳيو.

ساڀيائون سڀ، پيليون پيليون،
پن ڇڻ ساڳي، ٻُور به ساڳيو.

جهاتي پاتم، جوڳياڻيءَ جي 
جهور اکين ۾، پُور به ساڳيو.

حال پڇڻ تي، روئي ويٺي،
سنڌ به ساڳي، سُور به ساڳيو.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/11/2015

طبيعت بي مزي آهي، ڪٿي ڪو چين ئي ناهي



غزل

فياض حسين جتوئي

طبيعت بي مزي آهي
ڪٿي ڪو چين ئي ناهي

اداسين جو ڳنڊيو رشتو
اوهانکي او پرين چاهي

اڃان آلي قبر آهي 
ڇڏيو تو جيءَ تان لاهي

ڇڏي اُسَ ۾ اسانکي هو
پيو ٿو ڇانوَ ڏي ڪاهي

حياتي جو ڪچو جهوپو 
ازل کان وقت ٿو ڊاهي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

21/11/2015

ٿينـدو رهـيـس پراڻـو محـبت ڪري ڪري

غزل

مخدوم امين فهيم

ٿينـدو رهـيـس پراڻـو محـبت ڪري ڪري
پٿر جو بت بڻيس مان عبادت ڪري ڪري

شارح هزارين موت جي واديءَ ۾ ويا هليا
عنوانِ زندگيءَ جي وضاحت ڪري ڪري

ڪعبي منجهان به ڪونه مليو گوهرِ مراد
ٿڪجي پَياسُون نيٺ عبادت ڪري ڪري

تو زندگي به ختم ڪئي پنهنجي اي صنم
مون جهڙي بي وفا سان محبت ڪري ڪري

فسانهِ حيات ڪبو ختــــــم اي فهيـــــــــم 
يادن جي داستان جي حفاظت ڪري ڪري


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

20/11/2015

سخي پيا کي ملين ته چئجانءِ ته چاندني تو سواءِ نه ٿيندي

غزل

شيخ اياز

سخي پيا کي ملين ته چئجانءِ ته چاندني تو سواءِ نه ٿيندي
اچين ته منهنجي اُماس ۾ آ ڇوته ٻي رات ڪانه ٿيندي

ڪڏهن به تو تي دوار دل جا نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آءُ
ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا متان چوين آجيان نه ٿيندي

پکي پروڪا اڃان نه آيا اُڪير تن جي هُلي رهي آ
اداس سر تي هوا اُٿي ٿي چوي پئي ڪا اڏار ٿيندي

هي ديپ دونھاٽجي ڪڏھن نا لا ٽ جي لاٽ شال جرڪي 
پرهه پري آ پتو نه آهي هي رات ڪيسين ڏهاڳ ڏيندي

پرارتي ڪا پڪار آهي مگر اڳيان تک تار آهي 
ڪٿي اسان جي پڪار آهي ”اياز“ کي ڪيڏانھن ناو نيندي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪير آهي ڪک نه ٿو توتي سهي


غزل

غوث پيرزادو

ڪير آهي ڪک نه ٿو توتي سهي
توسوا هي ڪونه ٿو ڪنهن سان ٺهي

هي صدين کان ٿو تڪي آڪاس ۾
واءُ جو جهوٽو اجهو ڄڻ پتو لهي

ڪنڌ ورائي ڀي نه تو مون ڏي ڏٺو
برج هينئڙي_ ڪوٽ جو پيو ٿو. ڊهي

منهنجي اندر سوڳ جو منظر رڳو
ڪير مون ۽ سڌڪندو ئي ٿو رهي

طاق تي ٻاري ڏيئو پيئينءَ سمهي
ڪو هوائن ۾ ڀلا ائين سمهي

ڇو ڀلا جهولي جهليون بيٺو هجان
ڇو ڀلا هو مسلسل مون تي بهي

ڪر ڀلا آزاد گهايل روح کي
ڪيترو هن کي کڻي جيون ڳهي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

19/11/2015

اسانجو عشق هي آخر، غلامي کي ٿڏي وجهندو



اسانجو عشق!

حسن درس

اسانجو عشق هي آخر،
غلامي کي ٿڏي وجهندو،
اسان کي چونڊ آ ڪرڻي ته،
پنهنجو پيار ڪيئن هوندو؟
اسان جي محبتن جو ،
مک مهانڊو ڪيئن هجڻ گهرجي،
اسان کي هن هوا تي،
پير ڏيئي ڪيئن هلڻ گهرجي،
اسان جو سور ڇا آهي،
انهي کي ڪيئن سلڻ گهرجي،
اسين پنهنجي وڇوڙن جي به،
ڪريون وارثي ويهي،
اسين پنهنجي ملڻ جي،
مالڪي به خود ڪريون بيهي،
اها مرضي اسان جي آ،
اسين ڪيئن ٿا ملڻ چاهيون،
رسڻ تي ڪيئن ٿا روئون،
۽ خوش ٿي ڪيئن کلڻ چاهيون،
اسين پنهنجي محبت جي،
سدا نرمل نشانين کي،
ڀلي مهنگو ڪري ڀانيون،
ڀلي سستو ڪري سمجهون،
اسين پنهنجي حياتين جا،
ڪريون ته فيصلا ڪهڙا،
اکيون ڪيئن ٿا ڍڪڻ چاهيون،
اسين پنهنجي اداسين جون،
ڳليون ڪيئن ٿا گهمڻ چاهيون؟!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/11/2015

سڃ رستن ۾ ڀي شهر ٿو لڳين



غزل

اختر درگاهي

سڃ رستن ۾ ڀي شهر ٿو لڳين
اي پرين ! باک جو پهر ٿو لڳين

زندگيءَ جي ڏُکي سفر ۾، بس
تون ئي آهين جو همسفر ٿو لڳين

ڪيڏو گم سم آهين خيالن ۾
ميڻ آهين مگر پٿر ٿو لڳين

ڪيئن توکان ڀلا ڊڄان آخر
آنءُ سقراط تون زهر ٿو لڳين

آنءُ پياسو ٿو رهان ٿر وانگي
۽ تون سانوڻ جو ڄڻ ڪڪر ٿو لڳين
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

12/11/2015

وري نه در تي اچون، پر صنم سَري ئي نٿي،


غزل

نثار بزمي

وري نه در تي اچون، پر صنم سَري ئي نٿي،
اوهان جي بي رُخي دل تي اثر ڪَري ئي نٿي.

وَسايون مينهن جيان ٿا اکين منجهان پاڻي،
اوهان جي عشق جي آتش مگر ٺري ئي نٿي.

الئه ته ڪهڙي خطا ڪئي اسان آ قسمت جي،
اسان مٿان ته رحم جي نظر ڌري ئي نٿي.

مصيبتن سان لڙي ٿا سگهون اسان ”بزمي“،
انهيءَ ڪري ئي مٿان هڪ نه ٻِي ٽري ئي نٿي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

10/11/2015

تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس



ڪافي 

مخدوم امين فهيم

تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس،
انهي رمز سان روح ريجهائينديس.

جيڪي چار گهڙيون گهاريون اٿم
تو وساري ڇڏيو نه وساريون اٿم

تنهنجو مرڪي ملڻ، منهنجو عرض ڪرڻ،
تنهنجي لاءِ جيئڻ، تنهنجي لاءِ مرڻ

تون اچين به نٿو، مان وڃان به نٿي،
جيڪا تو آ ڪئي، ڪنهن کان به نٿي،

منهنجو تون ئي سڄڻ، تو لئي ٻيون به گهڻيون،
نٿي توکي وڻان، پر تون ته وڻيون

وڃي ويهي رهئين مونکان ڏاڍو پري،
تون ”امين“ ٿي اچ نصاف ڪري،
ساري عمر کان وڌ سي پياريون اٿم.
مان ته پنهنجي پريت پچائينديس.

تنهنجي برهه ۾ سر جي بازي ڀرڻ.
توسان ناتو نيئي نڀائينديس.
تو ڇڏي به ڏنو مان ڇڏيان به نٿي
اهو سڀ ڪجهه ڀاڳ کان ڀائينديس.

ڇا جا هار سينگار، ڇا تيل ڦڻيون،
ڪيئن زوري پاڻ وڻائينديس.
تنهنجي ويئي سري، منهنجي ڪيئن سري.
ڀلا توکي ڪيئن مان ڀلائينديس
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/11/2015

ساوڻ آيو ساجن سائين ! موٽي آ تون ماڳن تي



غزل

عبد الغفار تبسم

ساوڻ آيو ساجن سائين ! موٽي آ تون ماڳن تي
ڇانوِر وانگر ڇانيل آهين، خوابن خيالن تي

ڪارن ڪارن ڪڪرن وانگر رِم جهم رِم جهم نيڻ هي منهنجا
بَرسي پوندا چُپ ڪيئن رهندا ! ايڏن گهاون تي

ماڻهو پُڇندا آهن مونکان مُنهنجو جيون ڪيئن ٿو گذري
روئي ويهندو آهيان سائين اهڙن سوالن تي

چرين وانگر پنهنجي ليکي هيڏي هوڏي ڦِرندو آهيان
ڇِرڪي ڇِرڪي پوندو آهيان پنهنجي پاڇولن تي






مڪمل تحرير ۽ تبصره>>