امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


28/06/2014

انڪار جي سوليءَ تي چڙهيل آهيون دوست



غزل

اياز گل

انڪار جي سوليءَ تي چڙهيل آهيون دوست!
دردَ سانچي ۾ گهڙيل آهيون دوست!

ڪجهه ته سمجهون ٿا زماني کي اسان،
چارِ درجا ڪي پڙهيل آهيون دوست!

ڪا نئين ريت نه وجهجو هاڻي
ڏاڍا ريتن مان اڙيل آهيون دوست

شهرَ تنهنجي ۾ جاءِ ڇا ملندي!؟
شهر پنهنجي مان تڙيل آهيون دوست!

ڌارَ ٿي توکان سُڃاڻپَ ئي نه رهندي ڪائي،
توسان اهڙا ته جَڙيلَ آهيون دوست!

ڪيئن نه جان ڇڏائڻُ ٿي گهُرين،
ڄڻ ڪي الزام مڙهيل آهيون دوست!

ايترو جلدُ ته اي درِدَ! نه ڊاهِه،
ذَرو ذَرو ٿي گهڙيل آهيون دوستَ!

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اڄ عجيبا! اک اڙائي، تو وڏو ٿورو ڪيو



غزل

احمد خان مدهوش

اڄ عجيبا! اک اڙائي، تو وڏو ٿورو ڪيو،
گهُور گهَرِيءَ ساڻ گهائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

گُل وفائن جا مون حاضر جيئن ڪيا تُنهنجي اڳيان،
دل جي دامن کي وڇائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

مون اياڻي ڪنهن نه ڪم جهڙي، ڪريل انسان کي،
پيار سان پنهنجو بنائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

عشق جون ڳالهيون رهيون جي تنهنجي منهنجي درميان،
لوڪ کان تن کي لڪائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

وقت جي اوجهڙ ۾ تنها ٿيڙ کائيندو ڏسي،
مون رُليل کي راهَه لائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

تُنهنجي نظرن تي لڳا پهرا ته ڀي نظرون کڻي،
مامَ ۾ سڀ ڪجهه ٻُڌائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

سور سختين جا جبل سر جي مٿان اُڇلائي نيٺ،
آزمائي آزمائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

سمجهي بيڪارو جڏهن پنهنجن ڌڪاري هو ڇڏيو،
دوستيءَ جو هٿ وڌائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

هُونءَ ته لک ’مدهوش‘ تي ٿورا سندءِ آهن مگر،
اڄ اڱڻ تي پير پائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ها مان اُهوئي آهيان

ها مان اُهوئي آهيان

نثار بزمي

ساري جهانَ جا غَم جنهنجي پٺيان لڳن ٿا،
مشڪل جا مينهن جنهنجي سر تي وسن ٿا،
جنهنجي اکين ۾ ڳوڙها هَر هَر لڙِي اچن ٿا،
جنهن کي ڏسي سِتارا ٻُوساٽجي وڃن ٿا،
ها مان اُهوئي آهيان،
ها مان اُهوئي آهيان.
*
جنهنجي صداقتن کي سڀڪو خطا ٿو سمجهي،
جنهن جي حقيقتن کي هڪڙو خدا ٿو سمجهي،
هر آشنا کي جيڪو نا آشنا ٿو سمجهي،
جو پاڻ کي سدائين بي دست و پا ٿو سمجهي،
ها مان اُهوئي آهيان،
ها مان اُهوئي آهيان.
*
جنهن جي خوشين ۾ ويڙهيل غم جا غبار آهن،
داخل ٿيا جنهن جي دل ۾ ارمان هزار آهن،
جنهن کي ڇڏي سمورا ٿيا يارَ ڌار آهن.
جنهن جي اکين مان جاري هر وقت نار آهن.
ها مان اُهوئي آهيان،
ها مان اُهوئي آهيان.
*
شاعر چَوَن ٿا جنهن کي، جو شعر ٿو بڻائي،
آئي وئي کي پنهنجا جو سورَ ٿو سڻائي،
پَلڪُن تي نسوئن جي محفل ٿو جو سَجائي،
موتي ٿو ماڻِڪيُن جا جو مفت ۾ لُٽائي،
ها مان اُهوئي آهيان،
ها مان اُهوئي آهيان.
*
هي رنگ و بُو جي دنيا جنهن کي نه راسِ آئي،
جنهنجي قبول پيئي ڪنهن وَٽِ نه ڪا ڪمائي،
بدنام ٿي وئي جنهنجي آهي وفائي،
جذبات ۾ جنهن پنهنجي آ جان ئي جلائي،
ها مان اُهوئي آهيان،
ها مان اُهوئي آهيان.
*
جنهنکي سدائين ڳڻتي پنهنجي وطن جي آهي،
لوري لڳل ڪا جنهن کي پنهنجي چمن جي آهي،
جنهن کي نه زَر جي آهي، جنهن کي نه ڌنَ جي آهي،
جنهن جي نظر ۾ دولت مَرُ ڪا هٿن جي آهي،
ها مان اُهوئي آهيان،
ها مان اُهوئي آهيان.
*
جنهن کي سڏن ٿا ”بزمي“ جو بزم ٿو سَجائي،
جو ڪاغذن تي مَسُ جا واهُڙ پيو وهائي،
الفت جي راههَ ۾ جو پنهنجا قدم وڌائي،
جو پاڻ وٽ نه باقي ڪا چيز ٿو بچائي،
ها مان اُهوئي آهيان،
ها مان اُهوئي آهيان.
*
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

25/06/2014

اجايو اسان کي رُلائي ٿا ماريو

غزل

گُل ڪونڌر

اجايو اسان کي رُلائي ٿا ماريو،
روئڻ ڪِينَ ڄاڻون رُوئاري ٿا ماريو.

ويا ڏينهن گُذري گھڻا آسرن ۾،
پيا ڇو اسان کي جيئاري ٿا ماريو.

ميسارڻ نه چاهيان ٿو من تان اوهانکي،
توهان ئي اسان کي ميساري ٿا ماريو.

سِڪڻ آهي سَوَلو، سِڪائڻ ڏکيو آ،
اوهان ڇو اسان کي سِڪائي ٿا ماريو.

مُحبت ۾ هوندو لِڪڻ ڪارِ ناهي،
توهان ڇو اسان کي لِڪائي ٿا ماريو.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڏور ٿيندو وئين پيار وڌندو ويو

غزل

گُل ڪونڌر

ڏور ٿيندو وئين پيار وڌندو ويو،
ياد ايندو رهين پيار وڌندو ويو.

او پرين، او پرين، هِيرَ جهڙا پرين،
تون جڏهن ڀي گھلئين پيار وڌندو ويو.

او پرين، او پرين، ڪنول جهڙا پرين،
تون جڏهن ڀي کلئين پيار وڌندو ويو.

او پرين، او پرين، گل گلابي پرين،
تون جڏهن ڀي ٽڙئين پيار وڌندو ويو.

او پرين، او پرين، ساهه جهڙا پرين،
تون جڏهن ڀي مِلئين پيار وڌندو ويو.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

19/06/2014

ڪافر اکيون محبوب جون رخنا وجهن ايمان ۾


اعجاز شاهه

ڪافر اکيون محبوب جون رخنا وجهن ايمان ۾،
جلوا ڪري ڪجلين ڪيا، فتنا کڙا جيءِ جان ۾.

دعـوىٰ مسلماني سندي تقوى ڦٽي صنعـان ڪئي،
هندو صفت ظالـم اکين وڌو غلغلو گيـلان ۾.

ليلا جي لـھ لاري لڳي ٿيو قيس مان مجنون ڦري،
اٽڪائي دل عـاشق ويٺو ڪيبر ڪجل جي ڪان ۾.

بانـڪيون ڪٽاريون بان ڇا ڪِرپان خود اکڙيون اهي،
ڪئين جهــڙپ هڪ سان ڪيترا ڪن جهاٽڪا جولان ۾.

لائڻ نڀائڻ نينهڙوآهـي وري تــن جـو عجب،
منصــور سان ڏس ڪيئن ملي مڻڪا ٽوڙيئون ميدان ۾.

تڪ سان هڻن ريءَ تڪ هڻن گُٿيون نڪي ڪڏهين گُسن،
چُستي چالاڪــــــي سان چُٽن گهٽ ڪانه ڪن نيشان ۾.

جيڏانهن وڃان تيڏانهن سـدا سامهون اُهيئي سانوليون،
ڪاشي وڃان ڪعــبي وڃان توڙي وڃان خُمخان ۾.

محبت جي هڪ مــلت سوا ٻيا دين سڀ ٻيائي دُوئي،
اهـڙا نسنگ نعــرا اٿـــن نت نت على الاعلان ۾.

هر پل پهر اعــجاز چئي جن سر اکين جو مامرو،
ڪيئن تــن مُٺن تن اڌ ڪُٺن جو جيءُ لڳي قــران ۾.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

لوڇ ئي لوڇ آ قرار ڪٿي، عشق جو پنڌ آبشار ڪٿي!


غزل

رخسانه پريت 

لوڇ ئي لوڇ آ قرار ڪٿي
عشق جو پنڌ آبشار ڪٿي! 

تنهنجي دل ۾ جو دل ڌري ويٺس ، 
جئي سگھندس مان هاڻي ڌار ڪٿي 

چاهتون ءِ چتائون ساڻ رکي ، 
پرين اهڙي ڌٺئي ڪا نار ڪٿي ! 

قيد رسمن جي آهيان لوڙهن ۾، 
عشق مون مان ٿيو آرپار ڪٿي !؟ 

چنڊ منهنجي اڱڻ هلي ايندو ، 
مون کي ايندو هي اعتبار ڪٿي ! 

عمر ساريءَ ۾ پل نه پنهنجو ٿيو ، 
ڪنهن کي اهڙي مان ڌيان ميار ڪٿي 

عاشقيون روح رڳن مان گذرن جي 
ڀونءِ بڻبي ڀڀڙ بهار ڪٿي !






مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/06/2014

منھنجي من جون سندر مندون، ساريون قيد ڪري، راڻا ڪھڙي پار ھليو وئين

وائي

پريم پتافي
منھنجي من جون سندر مندون
ساريون قيد ڪري
راڻا ڪھڙي پار ھليو وئين

ھيکل هينئڙو ھنڌ نه ھڪڙي
ڏيئي عشق اري
راڻا ڪهڙي پار ھليو وئين

تنھنجي راھ تي روز رکان ٿي
ڏيئي نيڻ ڪري
راڻا ڪھڙي پار ھليو وئين

من جي ڪاڪ ڪڪوري تو لاءِ
اچ ڪو پير ڀري
راڻا ڪھڙي پار ھليو وئين


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/06/2014

پيار جو مان ڏيئو جلايان ٿو، لوڪ ڄاڻي ته روشني ڇاهي


غزل


احسان دانش

غم الم ڇاهي ۽ خوشي ڇاهي؟
موت ڇا آهي زندگي ڇاهي؟

پيار جو مان ڏيئو جلايان ٿو
لوڪ ڄاڻي ته روشني ڇاهي

قربَ ۾ ڪنڌ ڪپائي ڇڏجي
جڳ سمجهي ته دوستي ڇاهي!

درد جي نانگ جو ڏنگيل آهي
کيس ناهي خبر خوشي ڇاهي

زندگي ڀر نه آءُ سمجهي سگهيس
ڪوئي سمجهائي آدمي ڇاهي

عشق جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان پو
هوش ڪهڙو ۽ بي خودي ڇاهي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

16/06/2014

عمرَ کوڙ اڄ ڀي، نه پر مارئي، اباڻن جا آتا، هي گـﮬر مارئي!

غزل

عائشه ميمڻ

عمرَ کوڙ اڄ ڀي، نه پر مارئي،
اباڻن جا آتا، هي گـﮬر مارئي!

ڪري ياد توکي، الائي ته ڇو،
اکين جا ڀريا هن ڪڪر مارئي!

لڳن سون لوئيءَ، جا توکي سڳا،
اُتم آهي تنهنجي، نظر مارئي!

هلي آءُ سانگي، سِڪن ٿا پيا،
وسي جاڳيا، ٿر ۽ بر مارئي!

ملين شال مارن سان، تون عائشه،
سڪن ٿا وسڻ لئه، ڇمر مارئي!
**


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

06/06/2014

روشنيءَ کي رڱي رڱيو آهي، رات وانگر ڪري ڇڏيو آهي.


غزل

واسديو موهي

روشنيءَ کي رڱي رڱيو آهي،
رات وانگر ڪري ڇڏيو آهي.

داٻلي ۾ آ چنڊ پاروٿو،
ڪيترو سانڍي مون رکيو آهي.

روٽلي کي هٿن ۾ سيڪي ٿي،
وقت کان پوءِ هو وريو آهي.

نرلڄي شام کي نه مهڻو ڏئي،
سِجَ پڻ سمنڊ کي چُميو آهي.

ويئي ڪيڏانهن پياڪ اک تنهنجي،
انگ هر ڪو کري پيو آهي.

هُنکي نوڙيون وڻن ٿيون پر هاڻي،
نانگ هڪ به نه هِتي بچيو آهي.

اڄ به ڀرجي پيو کڏو جل ۾،
تو جتان هڪ ڦڙو چکيو آهي.

مونکي هڪ پير ئي ٽڪائڻ ڏي،
ڀت منجهان ڏس پِپر ڦَريو آهي.

ڪيئن نه جل تي ڦِري ويو پاڻي،
مَٽُ ٽُنگر کوهه مان ڀريو آهي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

04/06/2014

ڪنهنجي الڪي ۽ آهه ۾ آهيان

غزل

گلشن لغاري

ڪنهنجي الڪي ۽ آهه ۾ آهيان
ڪنهنجي سڏڪي ۽ ساهه ۾ آهيان

تنهنجي ٻانهن ۾ آئون آهيان يا
پنهنجي رب جي پناهه ۾ آهيان

ڪيئن چوان ڪو خواب آهيان مان
ساڀيان جي ساڃاهه ۾ آهيان

ٻيو نه مون کي ڪجهه به آ معلوم
تنهنجي چاهت جي چاهه ۾ آهيان

پنڌ تنهنجو اکيون پڇائن ٿيون
آءُ اي رولاڪ! راهه ۾ آهيان



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/06/2014

تون ته ملندو رهندين خوابن ۾، ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي

تاجل بيوس

تون ته ملندو رهندين خوابن ۾، ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي.
ڪڏهن ننڊ ڪڏهن اوجاڳن ۾، ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي.

تون تہ ورڻو هئين وسڪارن ۾، ڇو نہ موٽئين ميگھ ملهارن ۾،
اک ڦرندي رهي ڦولارن ۾، دل سڙندي رهي سيلابن ۾.

ڏني ڪانگ نہ ٽپڪي ٽارين تي، ڪيا وار ورھ ويچارين تي،
توکي ڏسبو روز ديوارن تي، يا تہ پڙهبو ڪڏهن ڪتابن ۾.

اچ اکين وسي سيلاب ڪيا، اچ ڪڻڪن ۾ هن لاڀ پيا،
اڄ تائين نہ پورا خواب ٿيا، ڪيسين رهندين يار حجابن ۾.

ڪڏهن بيوس تنهنجا زخم اگھيا، ڪڏهن ڌرتيءَ تنهنجا پار پڇيا،
اڄ پٿر بہ تنهنجا ڪين ٿيا، ڪڏهن ترندو هئين تون گلابن ۾.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>