امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


29/06/2016

منهنجي محبت تي تون ميارون نه ڏي

گيت

عبد الغفار تبسم

منهنجي محبت تي تون ميارون نه ڏي،
وڃي لوڪ کان پڇُ ته هو ڇا ٿو چوي..

ڏاڍا تنهنجا اندر ۾ ڏينهن اٿم،
جهڙيون راتيون اٿم، تهڙا ڏينهن اٿم،
مُٺيءَ محبت جا ، پاليا شينهن اٿم،
جيڪي دل ۾ گجن، گجگوڙ ڪري.

سڙي سانوڻ جا جيئن ڏينهن تپن،
اُلا باهِ بٺيءَ مان، جيئن نڪرن،
مٺا محبت جا ائين مچ ٿا ٻرن،
هڪوار ته آءُ منهنجو هانءُ ٺري.

ائين ڌاريو ڪري، تو ڀي ڌار ڪيو
مون سان هاءِ ڪيڏو آزار ڪيو،
طعنا لوڪ هڻي، تو ڀي خوار ڪيو،
تنهن کان تبسم تنهنجو، ڇو نه مري..

ڪتاب شفق وارا ڇانورا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/06/2016

خواب اڌورا ڏسندو آهيان


غزل

اسير ملاح

خواب اڌورا ڏسندو آهيان
جانب جي لئه جيئندو آهيان

نينهن لڳائڻ کان اڄ تائين
زهر جدائي پيئندو آهيان

سُڏڪي سُڏڪي تنهاين ۾
پاڻ مرادو رُئندو آهيان

ساروڻين جون شمعون ٻاري
پتنگ بڻجي پچندو آهيان

چنڊُ ته توکي ڏسندو هوندو
حالَ اُنهيءَ کان پڇندو آهيان
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/06/2016

مئڪدي جي ماٽَ ٿيندو ٿو وڃي

غزل

روبينه ابڙو

مئڪدي جي ماٽَ ٿيندو ٿو وڃي.
شور ۾ سُڙٻاٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

عاشقيءَ جو ٿو پتو پئي دير سان،
عشق پر اڳواٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

مان ترارن جي تکي تاريخ هان،
هُو به ڄڻ چمڪاٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

مان سڙان ٿي ڌرتتيءَ جو ڌوڙ جان،
هو ڇمر جي ڇاٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

هر ڏسا جنهن جو اجالو هو ڏٺو،
اڄ اهو ئي ٻاٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

ساڌٻيلي جي ستارن سان سجيل،
جهلملايل واٽَ ٿيندو ٿو وڃي.

ڪيترو ننڍڙو هيو جگنو مگر،
روشنيءَ جي لاٽَ ٿيندو ٿو وڃي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مونکي تِرڇي نِگاهن سان َمِٺڙا

گيت 

عبد الغفار تبسم

مونکي تِرڇي نِگاهن سان َمِٺڙا،
تنهنجو هِر هَر ڏسڻ ٺيڪ ناهي،
عشق سمجهان ٿو ٿِي پوندو هاڻي،
توسان اڳتي مِلڻ ٺيڪ ناهي.

عشق آهي ايذائن جي دنيا،
سُور صدمن ۽ گهائن جي دنيا،
سُک تہ آهن صرف نالي ماتر،
نِينهن ناتو ڳنڍڻ ٺيڪ ناهي.

مون ڏي ڇو رَمز سان ٿو نهارين،
ڇو نہ ٿو تون ڀلا سمجھ َڌارين،
پيار ٿي پوندو آ اِن طرح سان،
پيار جو ٿي پوڻ ٺيڪ ناهي.

دل اَلائي ڇو ڌڙڪڻ لڳي ٿي،
توکي سامهون جڏهن بہ ڏسي ٿي،
سڪَ جي آهي اِها ئي سڃاڻپ،
تنهنجي سامهون اچڻ ٺيڪ ناهي.

مون کي پڪ آ تہ هڪ ڀيرو مُرڪي،
سَرسُ سِڪ واري ڏئي سُپرين سُرڪي،
پوءِ پرديس تي ويندين اُسري،
قرب تو سان ڪرڻ ٺيڪ ناهي.

تنهنجا انداز سڀ باز وارا،
ڏئين ٿو ”تَبَسُم“َ جي دل تي لامارا،
مان تہ سمجهان ٿو ويندين کَسي دل،
تو سان مِلڻ جُلڻ ٺيڪ ناهي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تُنهنجي شَهر جي ڳَلِيُن ۾ پَنهنجي زِندگي ٿو ڳولهيان


غزل

عبد الغفار تبسم

تُنهنجي شَهر جي ڳَلِيُن ۾ پَنهنجي زِندگي ٿو ڳولهيان
تُنهنجي عِشق جي قِصَن ۾ پَنهنجي عاشِقي ٿو ڳولهيان

جا عُمر لَئِه اَرِپبي هُئي جنهن ۾ جانِ آڇبي هُئي
جا نهَ جوڙي ٽوڙِبي هُئي سا مَان دوستي ٿو ڳولهيان

سَچَ سُونهن وَفا جي پِيڇَن پاڳل ڪري پَڇَاڙيو
سوچُن جي مان دَڳنِ تي دِيوانگي ٿو ڳولهيان

سي جُنون جي دورَ وارا آدابَ جَا زَمانا
اڄُ ڀي اُنهن ڏِينهنَ جي آوارگِي ٿو ڳولهيان

آئِيني کي چيُم آئِينا ”تبسم“ ۾ ڇا ٿو جَانِچين
چَيائِين وَهِيءَ جي پوڙها تو ۾ تازِگي ٿو ڳو لهيان
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

پيارو پيارو اهو پَلُ ويو لکجي

غزل

ڊاڪٽر تنوير عباسي

پيارو پيارو اهو پَلُ ويو لکجي
تو نهاريو ته غَزلُ ويو لکجي

تنهنجي پوشاڪ جيان ئي سُرهو
جملو ڪو رنگ رَتَلُ ويو لکجي

ڍنڍ جي منهن تي سندءِ جيان
آهي ڪو نيل ڪَمَلُ ويو لکجي

رات جي اک ۾ ڪاتب کان
ڪارو ڪارو آ ڪَجَلُ ويو لکجي

ڪيئن تقدير لکڻ واري کان
عشق سان لفظ اَجَلُ ويو لکجي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

15/06/2016

پنهنجي رستن کي منزلون ڪونهن

غزل

رخسانه پريت

پنهنجي رستن کي منزلون ڪونهن
پوءِ به آسون اسان پليون ڪونهن

ٻڌي پياسن جي ڪا صدا وسنديون
ايڏيون ڪڪريون به بي وڙيون ڪونهن

سهڻي ساعت ڪا ياد بڻجڻ ڏي
گهڙيون جوڀن جون ڪي وريون ڪونهن

مليو هر ڪنهن لي جنهن جهلي جهولي
پنهنجون ئي پيار ۾ پتيون ڪونهن

آهيون وک وک تي ڄڻ ڪٺا ، سمجهو
پڇو عمريون ٿا ايئن کتيون ڪونهن

ڳالهه آ ٻي ڪا ، خواهشون پيارا
چنڊ چوڏهين تي ٿيون چريون ڪونهن

” پريت “ ڪيڏو نه خوش گذارن پيا
رکيون سيني ۾ جن دليون ڪونهن
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

11/06/2016

کيچلي او ڇوڪري وسرين نه ٿي

غزل

غوث پيرزادو

کيچلي او ڇوڪري وسرين نه ٿي
تصور جي پينگهه تان به لهين نه ٿي

ٻار ناهين هاڻ تون ٻاهر نه وڃ
ڪير ڀي توکي چئي سمجهين نه ٿي

واهه جي ڪڙ ڪالهه ويڳاڻي لڳي
مال ڪاهي ڇو هتان گذرين نه ٿي!؟

ڇو رٺي آن شاعريءَ جيان ڇيڳري!
ڏات جيان منهنجي اڱڻ اڀرين نه ٿي

چپ ڀڪوڙي ٿي هلين محفل ۾ تون
ڇو کلي دل سان هتي ٽهڪين نه ٿي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

09/06/2016

معمول حياتيءَ جو گذري ته غنيمت آ


غزل

اياز جاني

معمول حياتيءَ جو گذري ته غنيمت آ
روشن نه ڪري سورج، اڀري ته غنيمت آ

هڪ عمر وئي گذري اونداهه سان جهيڙيندي
هڪ پل به حياتيءَ جو اُجري ته غنيمت آ

ڪيڏو ته اُٻس آهي ويساهه جي اُڀ تائين
پر پو به پکي دل جو اڏري ته غنيمت آ

مون ڏانهن ٿئين مائل لازم ته مٺي! ناهي
احساس محتب جو اسري ته غنيمت آ

آڪاش منجهان تارا لاهي نه سگهيو "جاني"
هاڻي ته رڳو صحرا اڪري ته غنيمت آ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

04/06/2016

ڳالھائڻ وارن ڇا ڳالھايو ؟

ھڪ نظم !


( ھيءَ نظم گھڻو اڳ لکيل آھي ۽ اڻڇپيل آھي. سنڌ جي مجوعي صورتحال سُڌرڻ بدران ويتر اُڌري آھي. سنڌي ٻوليءٓ جو status ڇاھي؟ ادارن جي حالت ڇاھي؟؟ ان ڏس ۾ جن ڌرين جي ذميواري آھي، سي ڄُنڊاپٓٽٓ ۾ رُڌل آھن ! ڳڻتيءٓ جوڳي ڳالھہ اھا آھي تہ ان جو ڪنھن کي احساس بہ ناھي ! )


ڳالھائڻ وارن ڇا ڳالھايو ؟
ڇا ڳالھايو کي بہ ڇڏيو
پر ڇو ڳالھايو !
پاڻ سٓوال پُڇڻ وارا
ڪجھہ بہ ڪُڇڻ وارو
ڊينڊن جي قٓدٓ ڪٓڇڻ وارا
ڪير آھيون ؟!
ھي بورڊ ڦِٽائڻ وارا
دانگيءٓ جھڙين راتين کي آڻڻ لئہ
روشن ڏينھن کُٽائڻ وارا
ڇيڻ تي سيڻ مٓٽائڻ وارا
ٽڪي جھڙي عزت خاطر
ھي لکٓ لُٽائڻ وارا
جيڪي بہ وڻينِ تہ ڪن
جيڪي بہ وڻينِ چون
پنھنجو ڇاھي ؟
ڪجھہ بہ نہ آھي!
اسٽيج اُنھن جا
مائيڪ انھن جا!
پنھنجو ڇاھي؟
ڪجھہ بہ نہ آھي !
پنھنجا تہ رڳو ھٿ آھن
سو بہ رڳو تاڙين لئہ!
۽
مان سوچيان ٿو :
' تاڙيون تاڙ ٓ
ڪڏھن
ٿي
سگھنديون !'


- اِمداد حسيني.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/06/2016

پاڻ جيڪي وڻيس سو ٿي چيائين

غزل

سميع بلوچ

پاڻ جيڪي وڻيس سو ٿي چيائين
منهنجي ننڍڙي ڳاله ڀي دل ۾ ڪيائين

خواب ڀي پنهنجي بِستري جِيان،
صُبح ٿيڻ سان ويڙهي ڇڏيائين.

اڄ اجنبي جِيان ڀر مان گُذري!
ڪاله تائين پَئي پنهنجو سَڏِيائين.

ذڪر نه مُنهنجو ڪِٿي بي اچي!
اِها ڳاله آخري خط ۾ لِکيائين.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

01/06/2016

ڪيترو دردناڪ پل آهي

غزل

مئڪش سومرو

ڪيترو دردناڪ پل آهي 
آدمي پاڻَ کان ڊنل آهي 

پوپٽن جا پساھ پورا هِن 
۽ گلابن جي دل ٽٽل آهي 

هر ڳليءَ ۾ نچي نراسائي 
هر ڳليءَ ۾ اُٺو اجل آهي 

جنگ آهي مفاد جي جڳ ۾ 
مذهبن جو ڪٿي دخل آهي 

اچ ته تصوير امن جي جوڙيون 
امن تنهنجو اگر ڏٺل آهي 

ماڻهپي جو ڪوي اٿئي مئڪش 
ماڻهپو ئي سندس غزل آهي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دردَ جي دل نوازي سنڀالي اسان


غزل 

مئڪش سومرو 

دردَ جي دل نوازي سنڀالي اسان 
مرڪَ ۾ جعلسازي سنڀالي اسان 

بي ضميريءَ ۽ ڪوڙي انا کي ٿڏي 
بي خودي بي نيازي سنڀالي اسان 

عشق جي کيڏَ ۾ مالَ زرَ کان پري 
ساھَ جي يارَ بازي سنڀالي اسان 

جسم جو گهاءُ ڪو روحُ گهائي نه ٿو 
روحَ تي چوٽَ تازي سنڀالي اسان 

موھَ آڏو ئي مسجود ٿي دل رهي 
هي عبادتَ ، نمازي؛ سنڀالي اسان 

اي خدا هاڻِ مئڪش کِلي ٿو چوي 
بي سبب آهه آزي سنڀالي اسان
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سوچ ماضي ۽ حال دنيا ۾، پاڻ کي ڪجھ سنڀال دنيا ۾

غزل

مئڪش سومرو

سوچ ماضي ۽ حال دنيا ۾ 
پاڻ کي ڪجھ سنڀال دنيا ۾ 

ڏاند چاڪيء جو ٿي ويو آهين 
رونقن جي وشال دنيا ۾ 

ڀيڙ اڳتي وڃي رهي آهي 
ڏي وڏو تون به ڇال دنيا ۾ 

زندگيء جو مزو وٺي ڏسجي 
موت جي يرغمال دنيا ۾ 

ڪير آهي جو ايترو کلندو؟ 
درد جي لازوال دنيا ۾ 

پاڻ کان ڪير آ، هتي آزاد؟ 
مون رکيو آ، سوال دنيا۾ 

مفت ۾ جو سدائين پيئاري 
آهي اهڙو ڪلال دنيا ۾؟ 


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪا آس نه رک هن دنيا ۾، روئندن کي روئاريو ويندو آ

غزل

گل حسن گل ٻرڙو

ڪا آس نه رک هن دنيا ۾، روئندن کي روئاريو ويندو آ
دنيا جي ستايل ماڻهوءَ ڏي، نفرت سان نهاريو ويندو آ

بيداد ڪندڙ کان داد گُهرين، ڄڻ ٻٻرن کان ٿو ٻير گُهرين
انصاف هتان جو اهڙو آ، مظلوم کي ماريو ويندو آ

هِت جو به جلي سو ڪو نه ٺري، هڪ باهه ٺري ٻي باهه ٻري
هڪ درد دفع جي ٿيندو آ، ٻيو درد اُڀاريو ويندو آ

دل ڪانه هلي، چپ ڪو نه چُرن، سڪرات هجي ته به عاشق وٽ
محبوب جو مٺڙو نالو ئي رُئندي به اچاريو ويندو آ

دشمن جي کڻي پٿر به هڻي، جو زخم ٿئي دل تي نه ٿئي
پر پنهنجن جو ٿو گهاءُ ٿئي، جي ‘گل’ به اُلاريو ويندو آ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سھڻيءَ ساريو تر ۾ نينھن


غزل

امداد سولنگي 

سھڻيءَ ساريو تر ۾ نينھن
جاڳي پيو آجر ۾ نينھن.

تنھنجي پوتي پائي سسئي!
مھڪي پيو آ بر ۾ نينھن.

تو وٽ ڇاھي ڄام تماچي!؟
سارو آ ڪينجھر ۾ نينھن.

شاعر تنھنجي ڳالھه املھه
اوچو سڀ کان ڌر ۾ نينھن.

مُور نه مرندا ھي ٻاٻيھا،
جئيرو رھندو ٿر ۾ نينھن.

ياد اوھان جي ڀيڄ ڀنيءَ جو،
اکڙين ٽاڪيو در ۾ نينھن
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>