امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


19/02/2016

تنهنـجـن خـطـن جـا ٿـي ويـا ڌنـڌلا اکـر هـيـنـئـر



غزل

اندرا شبنم پوناوالا

تنهنـجـن خـطـن جـا ٿـي ويـا ڌنـڌلا اکـر هـيـنـئـر ،
خـوشـبوءِ مگر خطن منجهان گهٽجي وئي نه آ .

تنهنجيءَ گهٽيءَ منجهان مـان لنگهيس سال ٿي ويا ،
پـــر يـادگـيــري دل مـنـجـهـان مـٽـجـي وئـي نـه آ .

پــــاڙي مـنــجــهــان وئــيــن تــه وڌي فـاصـلا ويــا ،
تـــوســـاڻ دل جـي تـــار تــه ڪـٽـجـي وئـي نــه آ .

خـط جـو جــواب ڪـو نــه تــه ڀـي روز مـان لـکـانءِ ،
عـــادت پـــراڻـي آهــي ، ســــا مـٽــجـي وئــي نــه آ .

سـپـنـن ۾ تـوسـان روز ٿـو ، پـرچــڻ رسـڻ ٿـئـي ،
تـوســان مـلــڻ جــي راھ تــه لُــٽـجــي وئـي نــه آ .

ڪـنـهـن سـان ڪـجي گـلا ؟ دغـا دوست جـو ڪـئـي ،
دل دشـمـنـن جـي وار کـان ڦـٽـجـي وئـي نــه آ .


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪيڏو جلدي ڏينهن کُٽي ٿو

نظم

ارم محبوب 

ڪيڏو جلدي ڏينهن کُٽي ٿو
پيار ڀريو ڄڻ نينهن ٽٽي ٿو
اوجاڳيل اوجاڳيل رستن تي جيئن
ماٺ جو ڪارو مينهن وسي ٿو
ڪيڏو جلدي ڏينهن کٽي ٿو
چنڊ مُک تان جيئن بادل سُرڪي ڪو
يا جهوٽو ڪوئي گل چمي ٿو
ننڍڙي جيون سان ريس پڄائي
ڪيڏو جلدي ڏينهن کٽي ٿو
گهڙيون پل ڪلاڪ ته سڀ بس
دل ڀرپائڻ جون ڳالهيون آهن
سچ جي ڳولها ڪير ڪري ٿو
ڪيڏو جلدي ڏينهن کٽي ٿو
پيار ڀريو ڄڻ نينهن ٽُٽي ٿو

( ڪتاب : ۽ پوءِِ......)




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مان جي بدلجي ويس ڇا ٿيو

ارم محبوب

موسم بدلجي ويندا آهن
رنگ به آخر اڏري ويندا هن
سرهاڻ به ته ساٿ ڇڏي ويندي آ
مان جي بدلجي ويس ڇا ٿيو
حال به ته ماضي ۾ لڪندو آ
عڪس به ڌنڌلا ٿي ويندا آهن
چهرا به بدلجي ويندا آهن
مان جي بدلجي ويس ڇا ٿيو
سنگ ساٿ به ڇٽجي ويندا آهن
سپنا به ته ڀڄڻ لا ٿيندا آهن
ساٿي مان به ته آخر انسان آهيان
مان جي بدلجي ويس ڇا ٿيو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سپنا ته ٿين ئي سپنا


سندر سپنا

ارم محبوب

سپنا ته ٿين ئي سپنا
پر جي ڀلجي
ڪڏهن ڪو سپنو
سچ بڻجيو وڃي
ته به الائي ڇو
اهو سچ
من کي
ڪنهن سندر سپني جيان
لڳي ٿو



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ماٺ جڏهين به ڳالهائي ٿي اکر اکر ڄڻ سمجهائي ٿي


ارم محبوب

ماٺ جڏهين به ڳالهائي ٿي
اکر اکر ڄڻ سمجهائي ٿي
اونداهه به سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي پر
ڪيڏا راز لڪائي ٿي
نيڻن جي بندر تي خواب ڪي لاهي
رات ته پاڻ ملهائي ٿي پر
آڳ اندر ۾ هر هر ٻاري
ڪيڏو جيءَ جلائي ٿي




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ٽڙڻ ۽ ڇڻڻ جي گمانن ۾ گھاريو


غزل

ايوب کوسو

ٽڙڻ ۽ ڇڻڻ جي گمانن ۾ گھاريو
اسان وحشتن جي زمانن ۾ گھاريو

ٻري جيئن ڪو ڏيئو اڪيلو مندر ۾
ائين ئي اسان قيد خانن ۾ گهاريو

اُھي ڇا ته سمجھي عذابن کي سگھندا
جنين وار ڇوڙي مڪانن ۾ گھاريو

کڄيون آڱريون ۽ اکيون هن عجب مان
اسان هر قدم تي نشانن ۾ گهاريو

هجي ڪائي هڪڙي ڪهاڻي ٻڌايون 
اکين سوڳ جي آ جهانن ۾ گهاريو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/02/2016

ٺوٺ ڌرتي هئي، ذهن بنجر هئا

غزل

اياز جاني

ٺوٺ ڌرتي هئي، ذهن بنجر هئا
وقت ور ۾ لڪايا ڪي خنجر هئا

اڄ انهن کي سڃاڻي رڳو خاڪ ٿي
مون اڳيان جرڪندا جيڪي منظر هئا

رات پارو ڪريو جهوپڙين جي مٿان
بي خبر ننڊ ۾ سڀ پڪا گهر هئا

لپَ حياتي ملي، ٻُڪ ۾ داڻا مليا
خواب جهڙين اکين ۾ ڪبوتر هئا

هُو رتو رت اڏاميو پئي اڀ ۾
مون ڏٺو هيٺ هن جا پيا پر هئا

ڪو به دودو، بلاول نه هوشو هئو
سڀ چنيسر هئا , جيڪي رهبر هئا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

10/02/2016

نه هٿڙن سان چهرو لڪائي او سهڻا

غزل

اعظم ڀٽي

نه هٿڙن سان چهرو لڪائي او سهڻا ،
اسان کي نه هر هر جلائي او سهڻا.

اسان يار عاشق ازل کان توهانجا،
ڇڏيون ٿا توهان کي ٻڌائي او سهڻا.

غضب جي ڏکڻ هير هئه هئه لڳي آ،
پئي پيار دل ۾ دُکائي او سهڻا.

ڳراٽي به پائي گلي لڳ اسان سان ،
اچي دل اسان سان ملائي او سهڻا.

سمورو ته جيون ڪري گھورَ سنڌ تان،
سدا نينهن ناتو نڀائي او سُهڻا. 

هجي شال آباد ”اعظم“ هي سنڌڙي، 
دُعا هيءَ لبڙن تي آهي او سهڻا.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اُڃايل اکيون ، هي سُڄايل اکيون!

وائي

 اعظم ڀٽي

 اُڃايل اکيون ، هي سُڄايل اکيون! 
پرين ڇو ته آهن ؟ 

اندر آرسيون هِي بڻايل اکيون ! 
پرين ڇو ته آهن ؟

 شرابي اکيون ۽ خُماريل اکيون!
پرين ڇو ته آهن ؟

 خوابن ۾ ڪنهنجي وڃايل اکيون!
پرين ڇو ته آهن؟

سڄڻ بي وڙي لئه وڇايل اکيون !
 پرين ڇو ته آهن ؟ 

ڪڪر جيان ته ” اعظم“ وَسايَل اکيون !
 پرين ڇو ته آهن ؟
 پرين ڇو ته آهن ؟
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

02/02/2016

رڳو ڪٽَ جوڙَ ماڻهن کي

غزل

رخسانه پريت

رڳو ڪٽَ جوڙَ ماڻهن کي
جيئڻ جاکوڙ ماڻهن کي

نه ٿيون ڇو منزلون ڏسجن
منجهائن موڙ ماڻهن کي

ڪٿي حيوان کِي اڄ ڪَلهه
لهوءَ جي لوڙ ماڻهن کي

ڇِنڻَ تي جيڪڏهن ايندا
بهانا کوڙ ماڻهن کي

سڀئي انسان هِڪ جهڙا
پوڇو هٿ جوڙ ماڻهن کي

اڃان تائين غُلاميءَ جا
نڙيءَ ۾ نوڙ ماڻهن کي

ڏسئون ٿِي ڪاٿي پهچائي؟
اها ڊُڪ ڊوڙ ماڻهن جي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>