غزل
ڪوثر ٻرڙو
لڳي ٿو صدين کان سڪايل رهي ٿو
نديءَ جي ڪناري اڃايل رهي ٿو
بن بن ۾ ڀٽڪي پرين پنهنجو ڳولي
مگر پاڻ ان ۾ وڃايل رهي ٿو
آهي دل اسان جي يا سنڌ جي آ ڌرتي
ايڏو درد جنهن ۾ سمايل رهي ٿو
اسان جي ته دل جي صحن ۾ سدائين
تڏو درد غم جو وڇايل ملي ٿو
صنم ساڻ ملبو سڄو راز سلبو
دنيا کان جو دل ۾ لڪايل رهي ٿو
مسيحائي ڪنهن جي ڪندو ڪهڙي ڪوثر
هو خود جيڪو جڳ جو ستايل رهي ٿو