امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


26/10/2016

خوابَ جي شهر ۾ رُلي ويا هن

غزل

مخمور رضا

خوابَ جي شهر ۾ رُلي ويا هن
نيڻ رستا وري ڀُلي ويا هن

مان اُڏامان ٿو وقت! ڏِسُ ٻيهر
پَرَ منهنجا ٻڌل کُلي ويا هن

آهي سارو چمن ٻُسو ٿي ويو
گلَ مرجهائجي ڪُلي ويا هن

ڏِسُ! ڪکاوان جهڳا جُهري ويا سڀ،
تيز طوفان ڪي گُهلي ويا هن

تنهنجو! چهرو حسين پسي پوپٽ
پيچرا باغ جا ڀُلي ويا هن

عشق مخمور کي ڪيو مئڪش
چرچا چوڌار هي هُلي ويا هن


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/10/2016

پنهنجي دل جو پار نہ وسري سگهندو آ

غزل

وسيم سومرو

پنهنجي دل جو پار نہ وسري سگهندو آ
وسري جڳُ ڀل يار نہ وسري سگهندو آ

سُھڻي ترندڙَ ياد اچي ويندي آهي
اک کان دريا تار نہ وسري سگهندو آ

آهن گذري ويندا سال هوائن جيئن
ڪن ماڻھن جو پيار نہ وسري سگهندو آ

ٻُڪ ٻہ ٽي پيئندڙُ ناريءَ جي گهاگهر مان
پياسو ڪوئي سُوار نہ وسري سگهندو آ

اڀ جو نيرو خيمو ڀل ٿي سُرخ وڃي
ساٿُ ڪو سايا دار نہ وسري سگهندو آ

نڪري هڪڙيءَ کڏ مان ٻيءَ ۾ پوندو آ
جيجل کان پر ٻار نہ وسري سگهندو آ

پينگھ ٻڌي خوابن جي جنهن ۾ لُڏندو آ
ٻالڪ کان سو ڏار نہ وسري سگهندو آ

سنڌوءَ جي بيدار اُٻهرين لهرن تي
ٻيڙيءَ جو سنسار نہ وسري سگهندو آ

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

محبتن مان مزو آهي نڪري ويو

غزل

سعيد نواز سومرو

محبتن مان مزو آهي نڪري ويو 
مئڪشين مان مزو آهي نڪري ويو

ساٿ هڪڙو قدم ڪو هلي ڪونه ٿو
قربتن مان مزو آهي نڪري ويو

هر ڏسا ۾ انڌيرن جو واسو گهڻو 
روشنين مان مزو آهي نڪري ويو

هر جواني روئي ٿي پيئي رت ڦڙا
خواهشن مان مزو آهي نڪري ويو

جنهن سمي کان سکي ڄامشورو ڇڏيو
فئڪلٽين مان مزو آهي نڪري ويو

تو ڇا جانان اسان کان مَٽيو مُنهڙو 
سڀ خوشين مان مزو آهي نڪري ويو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

يادن ڪيا حملا هاڻ ھلي آءُ

غزل 

سرويچ ھاشم راهمون

يادن ڪيا حملا هاڻ ھلي آءُ 
ھر پاسي واويلاءُ هاڻ ھلي آءُ

توبن منهنجو جي ٿو گهبرائي 
البيلاءُ او البيلاءُ ھاڻ ھلي آءُ

بهارون وري آيون ساجن سائين 
فضا جا ويا پن پيلا ھاڻ ھلي آءُ

برسات پئي آ ڌرتي پئي مهڪي 
پاڻ ڀانڪر پايون ٻٽاھاڻ ھلي آءُ

خدا ڪري خير توڏي منهنجا پرين 
تنهنجا ئي آھن الڪا هاڻ ھلي آءُ

محبت ۾ ايڏا ناهن ڪبا اي هاشم
ڇو ٿو ڪرين ليکا هاڻ ھلي آءُ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

چري دل چاھَ تي پهتي

غزل

عبدالرحيم عبد ڪنڀر

چري دل چاھَ تي پهتي
وڏي آڙاھَ تي پهتي

سُڪائي تار تي ڪپڙا
وري هوءَ گاھَ تي پهتي

پَلي جي ڳالھ تي دلڙي
وڃي درياھَ تي پهتي

ٻُڌي منهنجو غزل جانان
اچي ساراھَ تي پهتي

سزا هئي آسمانن کان
لهي ڪنهن آھَ تي پهتي

کڻي دل کيپَ يادن جا
صنم جي راھَ تي پهتي

جهانۡ کي ”عبد“ ٺُڪرايَئين
جڏھن ساڃاھَ تي پهتي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

او موذن! ٿوروآهستي

موذن!

آسي زميني

او موذن! ٿوروآهستي
هن مسجد جي ڀر پاسي ۾
ڪنهن پورهيت جا ڪي پيٽ بکيا
مس هاڻي آهن ٻار ستا
او موذن! ٿوروآهستي
ڏس ٻار متان ڪو پئي جاڳي
۽ پنهنجي ٺريل چلهه ڏسي
ڪنهن جيجل جو پئي جيءُ جهري
او موذن! ٿوروآهستي
ڏس دور ڪٿي ڪنهن مل منجهان
آواز اچي پيو ٿو گهنڊ جو
۽ دونهن ڀري چمني جو
پيو مونکي پنهنجي طرف ڇڪي
او موذن! ٿوروآهستي
هي گهنڊ مقدس آ مون لئه
جو منهنجي بک مٽائي ٿو
۽ پنهنجي چله جي ٻارڻ لئه
مان چڻنگ وٺان ٿو چمنيء کان
تون پاليل من سلوا جو
هي ڳالهه ڪٿي ٿو تون سمجهين
آنڊن جي هن شوروغل ۾
آواز آذان آ بي معنيٰ.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

چھرو سندر ھو نيڻن ۾

غزل

منورملاح

چھرو سندر ھو نيڻن ۾،
ڄڻ ڪو مندر ھو نيڻن ۾.

شھر وري ڏس اڏجي ويو آ،
جو اڳ کنڊر ھو نيڻن ۾.

روز نوان گھاوَ پيو ٻاري،
لھجو خنجر ھو نيڻن ۾.

ٿي ننڊاکي نيڻ ٻڌايو،
ڪنھنجو تصور ھو نيڻن ۾.

ڄڻ ڪو جوڀن سار ڇڏي ويو،
رھيل منظر ھو نيڻن ۾.

لوڪ جلائي ڏيئا پيو ٿو،
ھڪڙو قلندر ھو نيڻن ۾.

ھر ڪو ڌڪ بي معنا ٿي ويو،
منھنجي منور ھو نيڻن ۾.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هي جيون ڄڻ وڻ سورن جو، اک سانوڻ سانوڻ سورن جو

گيت

شبانه عالماڻي

هي جيون ڄڻ وڻ سورن جو،
اک سانوڻ سانوڻ سورن جو.

دم سمجهي ويو هو سور ڏسي،
ٿڪ ڀڃندا من جي ڇانو پسي،
ڇوهو ٿو اچي، ڌڻ سورن جو!

ميزان حياتيءَ جو تولو،
۽ ٻوجهه ڏکن جو آ ڳورو،
دل هيڻيءَ تي، مڻ سورن جو!

تون شعر چوين ٿو شاعر جا،
پر توکي سچ جي ڄاڻ نه ڪا،
سٽ سٽ ۾، سرجڻ سورن جو!

تون ڄاڻين ٿو ڇا جذبن کي؟
تون سمجهين ٿو ڇا سڏڪن کي؟
دل دل ۾ سڏڪڻ سورن جو!

پيا سور ”شبانه“ ساڻ رهن،
ٿي ڳوڙها اکڙين مان جو وهن،
ڀل پيرو تون، کڻ سورن جو.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

واٽ تي مايوس منهنجي زندگي بيٺي رهي

غزل

نويد ناز ڀٽي

واٽ تي مايوس منهنجي زندگي بيٺي رهي،
چو طرف اوندهه ۾ ڄڻ هئي روشني بيٺي رهي

مان وڃڻ جي ڳالهه جئن هئي اوچتو هُن سان ڪئي،
ٿورڙو پرتي ٿي مونکان هوءَ رُسي بيٺي رهي.

الوداع جا لفظ سڀ وسري ويا ها هُن کان ڄڻ، 
ڪجھ چيائين ڪين ٿي خاموش ئي بيٺي رهي.

جيئن قدم وڌندا ويا ٿي روڊ جي هُن پار تئن، 
ڪنڌ ورائي مون ڏٺو هوءَ بُت بڻي بيٺي رهي.

ناز ڪهڙي منهن سان مان الوداع هُن کي چوان، 
در جي پردي ۾ لڪائي منهن چري بيٺي رهي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/10/2016

ڪڏهن ته برهه جو بيتاب باب اورِيندو

غزل

ياسرقاضي

ڪڏهن ته برهه جو بيتاب باب اورِيندو
وصال رُت جو ڏٺل خواب خواب اورِيندو

ڪڏهن سُڪُوت به ٽُٽندو ستم جي صاحب جو
ڪڏهن ته پيار جي ٻولي جناب اورِيندو

وفا جِي مُندَ ۾ بي باڪ ٿي ڪڏهن مِلندو
ڪڏهن نگاهه سان مُنهنجي حجاب اورِيندو

سڄِي زمين جو ايندو جڏهن طواف ڪري
سڄي جهان جو غم آفتاب اورِيندو

هجر ـ اُماس کان ماههِ تمام جو ميلو
سفر جِي پِيڙَ سڄي ماهتاب اورِيندو

مُون سال سال گرهه ساڻ لُڙڪ لُڙڪ ٻَڌو
ڪڏهن ته وصل، وڇوڙو حساب اورِيندو

ورق ورق تي مُهانڊو نظر سندءِ ايندُوَ!
اوهان کي پاڻ اوهان سان ڪتاب اورِيندو

دلين جي ديد سان جي هم ـ زمين ڏي گهُوري
ته هر ڪو جِيءُ ازل جو عتاب اورِيندو

جا جِيءَ جِيءَ ۾ آهي عذاب جِي هلچل
ته نيٺ لوڪ سڄو انقلاب اورِيندو

نگاهه يار جي جيڪر ڇُهي وئي ”ياسر“
ته ساهه ساهه اسان جو گُلاب اورِيندو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

14/10/2016

اوهان جي ياد پنڇي آ

غزل

شيخ نديم

اوهان جي ياد پنڇي آ
کُليل آزاد پنڇي آ

شڪارين امن جو يارو
ڪيو برباد پنڇي آ

اڏامي چوٽ کائي ٿو
اندرُ فولاد پنڇي آ

لٿو آ ماڳ گلڙن جي
گلن سان شاد پنڇي آ

پره جي شاخ تان اڏريو
اوهان کان بعد پنڇي آ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اي چنڊ پرينءَ کان آءُ پڇي ، ڇا توکي ننڊ به ايندي آ

ايوب گاد

اي چنڊ پرينءَ کان آءُ پڇي ، ڇا توکي ننڊ به ايندي آ
جنهن ڏينهن رُٺي هوءَ مون کان آ ، تنهن ڏينهن کان دلڙي ماندي آ

هر رات جي سانت ۾ سڏڪن سان ٿو نيڻين نير وهايان مان
ڇا هوء به راتين جون راتيون مون وانگي ويهي روئيندي آ


ڪالھ رات به مون توکان هو پڇيو پر توکي ڪوئي قياس نه پيو
اي چنڊ ڏوراپا مون وانگي ڇا هوء به توکي ڏيندي آ

ڪنهن ياد کي ڪوري ڪپي ڪڍڻ ڪو ايڏو سولو ڪم ناهي
ايوب جي نانء ٻڌڻ تي هوء ، ڇا ويٺي ڇرڪ ڀريندي آ



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/10/2016

درد جي ديس ۾ ھر خوشي اوپري

غزل

فرهاد جروار 

درد جي ديس ۾ ھر خوشي اوپري، 
تو سواء ٿي لڳي زندگي اوپري.

ساٿ تنهنجو هيو ڏيھ پنهنجو هيو،
تو پڄاڻا ٿي دنيا وئي اوپري. 

درد تو وٽ اگر جي نه آھي ڪوي،
بي بقا پو سڄي شاعري اوپري.

جئين دل ۾ لٿي مون به محسوس ڪئي، 
هٿ تنهنجا هئا هئي ڇري اوپري. 

مائٽن جو ڀرم جنهن رکيو ماٺ ۾، 
ان کي ور جي لڳي هر چمي اوپري. 

کولي البم پراڻا جو ڦوٽو ڏٺئين،
پاڻ کي پاڻ ئي هوءَ لڳي اوپري. 

دوستن جا دلاسا لڳا عارضي، 
هيڪلو ٿي ڏٺم دوستي اوپري.

ڪالھ فرهاد کي جيڪا ڏسندي رهي،
هونئن ته پنهنجي هئي پر لڳي اوپري.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جواني ڦوھ ۾ جانان نه تون ڇڙواڳ گهمندي ڪر

غزل 

 فرهاد جروار 

جواني ڦوھ ۾ جانان نه تون ڇڙواڳ گهمندي ڪر، 
زماني جا ذھن زنگيل مٺي محتاط رهندي ڪر. 

ڪيئي ڀيرا تنهنجي ڀر مان گذر ٿيو تون نه ليکين ٿي، 
رڳو رک پير ڌرتي تي ڀلي آڪاس چمندي ڪر. 

چڙھن ٿا کيپ سورج تي وڃي ٿو وقت ئي رڪجي، 
صبح جي ويل ڪر موڙي ائين ننڊ مان نه اٿندي ڪر. 

صحن ۾ تون ستي پئي آن چتائي چنڊ ٿو توکي، 
نظرجي پئين نه او ڇوري لڪي ڪمري ۾ سمهندي ڪر. 

ڏسي چؤ ڦير خاموشي پهر ڪنهن رات جي پوئين، 
پٻن تي پيرڙا کڻندي اچي سيني سان لڳندي ڪر. 

فدا ” فرهاد “ آ توتي چئي سگهندو ن شرميلو، 
ڪتابن مان ڪڍي ڪجھ منهن ڪڏهن چهرا به پڙھندي ڪر.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/10/2016

سمجهان ٿو تنهنجو ذڪر، عبادت خدا گواهه !

غزل

عطا محمد حامي

سمجهان ٿو تنهنجو ذڪر، عبادت خدا گواهه !
جنهن سان اچي ٿي روح کي راحت، خدا گواهه !

ڪنهن وٽ وڃڻ جي ناهي ضرورت، خدا گواهه !
ڪافي ٿا سمجهون تنهنجي عنايت، خدا گواهه !

جنهن ڏي ڏسين ٿو تنهن کي ماري ڪرين مطيع
تنهنجي نظر ۾ آهي ڪرامت، خدا گواهه !

تنهنجي قدم قدم تي ٿو محشر مچي وڃي
تنهنجو ملڻ به آهي قيامت، خدا گواهه !

ڪنهن سان به ڪائنات ۾ ڪُلفت نٿا رکون
مذهب اسان جو آهي محبت، خدا گواهه !

جنهن ۾ ضمير کي ڪا ضرورت ضرر وجهي
ان زندگيءَ جي ناهي ضرورت، خدا گواهه !

جنهن ساڻ ڪائنات کي قائم رکيو ويو
سا آهي تنهنجي عشق جي طاقت، خدا گواهه !

دشمن به ڪو اڱڻ تي لڙي ٿو اچي ته پوءِ
”حامي“ ڪيون ٿا ان جي به عزت خدا گواهه !






مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ٿورو سوچين ته ها ڪجه لڪائڻ مهل

غزل

مختيار ملڪ

ٿورو سوچين ته ها ڪجه لڪائڻ مهل،
راز رهندو نه آ نينهن لائڻ مهل.

ڄڻ وڇوڙي ۾ ڪائي خوشي آ لڪل،
مُرڪَ چهرن مٿان، موڪلائڻ مهل.

ذهن تان ياد تنهنجي نه مِٽجي سگهي،
پنهنجي ماضيءَ جو سڀ ڪجه ڀُلائڻ مهل.

هڪ رڳو تنهنجي اڻ هوند ڀاسي اٿم،
پنهنجي ڪمري کي پورو سجائڻ مهل.

ٻي ملاقات جي دل ۾ اُڻ تڻ وري،
مُرڪندي مُرڪندي موڪلائڻ مهل،

پاڻي کي پڻ وساري مون آهي ڇڏيو،
زندگي ! توکي مشڪل سان پائڻ مهل.

هونئن ته مختيارُ جڳ ۾ هيو اجنبي،
ٿي ويو آشنا توکي پائڻ مهل.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/10/2016

آئون ويس تو مان اڏامي ڪونه پئي توکي خبر

غزل

ايوب گل

آئون ويس تو مان اڏامي ڪونه پئي توکي خبر
يا ستاري جيئن اجهامي ڪونه پئي توکي خبر

مون جڏهن پئي ديس ووڙيا گيت جوڙيا
تون هئين ڪنهن سان آرامي ڪونه پئي توکي خبر

مون گلابن جي پتين سان نانءَ تنهنجي کي اڪيريو
تون الئه ڪنهن سان آجامي ڪونه پئي توکي خبر

تو وڻن جا ڏار لوڏيا واءَ سان ياري رکي
وٽ ڪنهنجي ٿي وسامي ڪونه پئي توکي خبر

مون ڇڻڻ جي موسمن ۾ ڦول تنهنجي لئه ڦٽايا
مون ڏٺيون واٽون مدامي ڪونه پئي توکي خبر
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

نڀائڻ تو اچي ڪاٿي، نڀائڻ جي نہ ڪر دعوا


غزل

شميم مري

نڀائڻ تو اچي ڪاٿي، نڀائڻ جي نہ ڪر دعوا،
ڊٺو توکان ٺھيو ڪڏھن ؟ بنائڻ جي نہ ڪر دعوا.

صفا تون ڪو اناڙي آن، اُڊيڙڻ ئي اچي توکي،
اُڊيڙيل دل ڪٿي سبجي، سبائڻ جي نہ ڪر دعوا.
.
پرين جيڏي ڏني ھوندءِ، انھيءَ کان وڌ ڏني ھُوندم،
محبت۾ مٺا مونکي، جتائڻ جي نہ ڪر دعوا.

محبت ۾ سوين نسلين، اسان ھاري پرين تنھنجا،
جُھڪائيندين ، نہ جھڪنداسين، جھڪائڻ جي نہ ڪر دعوا.

اکيون تنھنجون اسان ڄاڻون، سڃاڻون دل جي چرپر کي،
اسان تنھنجو اندر ڄاڻون ، لڪائڻ جي نہ ڪر دعوا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اسان ۾ حوصلا آھن، اسان ۾ دل لڳي ناھي

غزل

شميم مري

اسان ۾ حوصلا آھن، اسان ۾ دل لڳي ناھي،
اسان ۾ کوڙ ارڏايون، اسان ۾ پر ٺڳي ناھي.

ڪرين ٿو پيار جي دعوا، ملڻ لئہ وقت ناھي ڪو،
ننڍي ڪا ٻار ناھيان مان، سراسر ھي مڳي ناھي.

نہ ڪي دوکا اچن ھن کي، نہ ئي دوکا ڪرڻ ڄاڻي،
سھي سگھندي نہ دوکن کي، اڃا ايڏي سگھي ناھي.

اڃا ڪجھ دير رھ مون سان، اڃا ڪجھ پيار ڏي مونکي،
اڃا ڪجھ رات آ باقي، پرھ تائين پڳي ناھي.

چري ٿي نينگري آھي، جدائي لئہ پئي سوچي،
وڇوڙا ھن ڏٺا ناھن، ڀُري ناھي، ڀڳي ناھي .
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمون ڪنهن سار وانگي هو

غزل

حسن درس

اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمون ڪنهن سار وانگي هو، 
لڙيو پئي لاڙ تان سورج، مهاڻي ٻاروانگي هو.

ڳچي ۾ مون هيو پاتو ۽ سيني ساڻ هيو لاتو، 
منهنجو محبوب ڪله مونکي، هٿن ۾ هار وانگي هو.

هجُومن ۽ هُشامن هيڪلائي کي جڏهن جنميو، 
ڏٺو مون روح پنهنجي کي، انڌاري غار وانگي هو.

وڻن تي ڪانگ ها ويٺل ڳليءَ مان ڳئون پئي آيون، 
پرائو ڳوٺ هو ليڪن، پرينءَ جي پار وانگي هو.

جڏهن جهمپير ۾ منهنجي جواني موٽ کائيندي، 
کلي چوندين کجيءَ کي تون، تکو تلوار وانگي هو.

هوائن تي هليس آئون نظر ڪجه ڪون ٿي آيو، 
سڄڻ رستو سڄو تنهنجو، سنهي ڪنهن تار وانگي هو.

صفا سنسان مندر ۾ جڏهن سانجهي ملي مونسان، 
اُتي آواز سنهڙو عشق جو، ڪنهن آر وانگي هو.

مڇي جي اک مان ويٺي ڏٺو مون هر ڏهاڙي کي، 
لُڙاٽيل وقت ۾ لمحو لڳل ڪنهن ڄار وانگي هو.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>