امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


26/10/2015

هڪ سنگدل سان پيار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم

غزل

محمد امين فهيم

هڪ سنگدل سان پيار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم،
دل مفت ۾ نثار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

دل، رشڪِ لاله زار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم،
هڪ راز آشڪار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

جو منهنجو ڪنهن طرح به نٿي ٿي سگهيو اي دوست،
ان سان وڃي جو پيار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

هاڻي ته صرف مرڪي نهارڻ به هن ڇڏيو،
ڇو عرض بار بار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

ڪئن اشڪِ غم کي روڪيان، مٽي ۾ ملڻ کان اڄ،
دامن به تار تار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

قاصد وري به موڪلي ويٺس جنون ۾،
مجروح دل تي بار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

اشڪِ فراق صبر جي دامن تي پيو ڪري،
ان کي به داغدار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

جو نيٺ ڪو نه آيو انهي جو ئي همنشين،
هر وقت انتظار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

دنيائ دل به هاڻ صفا ٿي ٻڏيو وڃي،
اکين کي اشڪبار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

جنهن نيٺ راز فاش ڪيو پنهنجو اي ”فهيم“
ان تي ئي اعتبار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.​
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي

غزل

مخدوم امين فهيم 

بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي،
هي خطا بارها ڪري ڏسبي.

تنهنجي هر دم ثنا ڪندو ئي رهيس،
هاڻ پنهنجي ثنا ڪري ڏسبي.

پنهنجي ماهِ لقا کان دور ٿبو،
زيست درد آشنا ڪري ڏسبي.

سنگدل آب آب ٿئي هڪدم،
آه اهڙي به ڪا ڪري ڏسبي.

سيم تن سرو قد صنم ايندو،
جان جنهن تان فدا ڪري ڏسبي.

هر شجر ۾ صبا ۾ ۽ گل ۾،
جستجو جابجا ڪري ڏسبي.

هن جو لطف و ڪرم وري به ٿئي،
گويا ٻيهر خطا ڪري ڏسبي.

جي حياتي وفا ڪئي ته ”فهيم“
عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.​


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/10/2015

پکي پرديس جا سُورج پرن پويان لڙي ٿو پيو



غزل

حسن درس

پکي پرديس جا سُورج پرن پويان لڙي ٿو پيو،
ورڙ ان واٽ تي ويٺل، اڳيان جت رڻ رڙي ٿو پيو.

لڳي وئي لاڙ سان آ لَنئون، اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون
اسان کي عشق، سارين جيئن ڇنڊي ڦوڪي ڇڙي ٿو پيو.

عمر جي آڱرين مان ڏس، ڦلن وانگي ڇڻون ٿا پيا،
سڄڻ سگريٽ، سستي جيئن سڄو ماڻهو سڙي ٿو پيو.

پُراڻو عشق پوڙهي جيئن،وڄت نڙ ڦُوڪ مان نڪتو
ملڻ هي مير محمد جو، جوانن کي جڙي ٿو پيو.

اوهان مُرڪي ملي آخر، هليا ويا شهر پنهنجي ڏانهن،
اسان جي ڳالهه جي ڳل تان، اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.

وطن ۾ بي وطن معشوق، عاشق جو ملڻ ڪهڙو،
زمانو زور تي تڙ تان، تماچين کي تڙي ٿو پيو..!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

16/10/2015

اکيون ته آرسي آهن، حجابُ ڇاجي لئه؟

غزل

احسان دانش

اکيون ته آرسي آهن، حجابُ ڇاجي لئه؟
نهار مُرڪ ٿي آڇي، نقابُ ڇاجي لئه؟

سوال هڪڙو نگاهن کان، نگاهن آ پُڇيو،
ڏيان پو آنءُ چپن سان، جوابُ ڇاجي لئه؟

نه ساڀيان جي تمنا، نه رُڃَ تي ويساھ،
اجايو نيڻ اُڻن پوءِ، خوابُ ڇاجي لئه؟

بهارَ مُند ۾ مکڙيون ٽڙي ڀلي گلَ ٿين،
اسان جو روحُ ٿو مهڪي، گلابُ ڇاجي لئه؟

اگر لِڪل آ ڪڪر منجھ چنڊ چهرو اڃا،
ته دل سمونڊ ۾ آ، اضطراب ڇاجي لئه؟

تندن سان تند مليل آهي، روح رقصان آ،
اڃا پُڇين ٿو رڳن ۾، ربابُ ڇاجي لئه؟
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هُوءِجڏهن بي ويجهڙي ناهي رهي. زندگيءَ ۾ زندگي ناهي رهي

غزل

ساحر راهو

هُوءِجڏهن بي ويجهڙي ناهي رهي.
زندگيءَ ۾ زندگي ناهي رهي.

سنگ تراشن جي هٿن ۾ دوستو.
عاشقي فرهاد جي ناهي رهي.

شبنمي ناهن نظر جون موسمون.
گُفتگُوءِ ۾ شاستگي ناهي رهي.

هڪ ٽڪاڻي تي نه ٿيون نظرون رهن.
هڪ خُدا جي بندگي ناهي رهي.

عشق ۾ تنهنجي تقدُس جو قسم.
قيس جان سنجيدگي ناهي رهي.

حُسن تنهنجو ساڳيو گهنگهور پر.
دل ۾ پهرين تشنگي ناهي رهي.

بار جي بدبوءِ ۽ ٻُوساٽ ۾.
تازگيءِ جان نرتڪي ناهي رهي.

درد جي محدُود ٿي ويئي وُسعت.
شاعريءِ ۾ ساحري ناهي رهي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪلهه رات ڪو سپني ۾ آيو، يادن ڪو ورق اٿلايو هئو

عبالغفار تبسم

ڪلهه رات ڪو سپني ۾ آيو،
يادن ڪو ورق اٿلايو هئو۔

تو مرڪي ڏٺو هئو مون ڏي مٺا،
مان شرم وچان شرمايو هئو۔

ناراض ٿيڻ تي تو مونکي،
ڪي پهر ويهي پرچايو هئو۔

تنهن جي ڌار ٿيڻ تي مان روئي ڏنو،
تو سياڻن جيان سمجهايو هئو۔



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

14/10/2015

روح ئي واسجي ويو آ مهڪار تي

غزل

سعيد ميمڻ

روح ئي واسجي ويو آ مهڪار تي 
ڇا ته خوشبو اُٿي آهي ڇڻڪار تي 

هيءُ ڪهڙو مصور چٽي آ ويو 
آنءُ بيٺو ڏسان نقش ديوار تي 

ڪنهن جو ڪارو وڳو اُس ۾ ٿو سڪي 
ڄڻ پيو آ وڇوڙو ڊگهي تار تي 

هڪڙي سرخي اکين کي پسائي وئي 
ديد پيئي جڏهن منهنجي اخبار تي 

هڪ ٺڪا ٿيو ۽ ڦتڪي ڪِريو پٽَ تي
هئو مٺي ننڊ ۾ هُو پکي ڏار تي 

ڇا به سِرجي ڇڏي ڏيوس سِرجي ڀلي
ڪا به بندش نه وجهجو ڪلاڪار تي

باغ ۾ هوءَ سُتل هئي ڇٻر تي سعيد ! 
ننڊ ويئي وٺي کيس مهڪار تي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جانِ جانان ويو، زندگي وئي رسي!

غزل

ماهين هيسباڻي

جانِ جانان ويو، زندگي وئي رسي!
چنڊ چهڪڻ ڇڏيو، چانڊوڪي وئي رسي!

تو پڄاڻان پرين ڪنهن جي پوڄا ڪيان،
ديوتا ڪو نه هو بندگي وئي رسي!

درد ايڏا مليا ٿي وئي دل پٿر،
دل ته آهي مگر دل لڳي وئي رسي!

مان لڇان پنهنجي پر، عشق آ بي خبر،
هاءِ اف ڀي نه ڪيم، عاشقي وئي رسي!

تو جو مرڪيو، ٿيو غم الم منتشر،
نيڻ روئي کنيئي، آرسي وئي رسي!

ٻانهن ٻيڻي ڪري، تون سمهين جو پئين،
مان ته جاڳان پئي، ننڊڙي وئي رسي!

اي ڀٽائي! افق تي تون جرڪين پيو،
شعر لکجي پيو، شاعري وئي رسي!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/10/2015

هڪ موت مَئي جو ڀَئو سُهڻا, ٻيو تون مان نٿو ٿِئي ڍئو سُهڻا !

استاد بخاري

هڪ موت مَئي جو ڀَئو سُهڻا !!!
ٻيو تون مان نٿو ٿِئي ڍئو سُهڻا !!!

ڊوڙي ڊوڙي تنهنجي واڳ وٺان،
توکي چنبڙي تنهنجو چاهُ چُمان،
جي بهڪيون ڳالهيون بخش ڪجانءِ
مون مُحبت جو آهي مئو سُهڻا !!!

هڪ عمر ۾ آخر ڇا جيئندس؟
ڪم ڪار ڪندس، يا پيار ڪندس
ڇا کلندس توسان ، ڇا ملندس؟
مون کي عمريون هُجن ها سئو سُهڻا !!!

تنهنجي سِڪ ۾ سڪان ڪوٺين سِڪڻو،
تنهنجي سامهون روئان سمجهين روئڻو،
تولاءِ رُلان چوين ٿو رُلڻو،
جيڪو چوڻو اَٿئي سو چئو سُهڻا!!!

استاد جا ازخود نيڻ ڀِڳا،
ڇو ٿو هر هر ڏين اِهي ويڻ تِکا،
جيڪي ماڻهون آهن ميڻ مٺا،
سي ڪٿ ٿا سَهن ايڏو تئو سُهڻا!!!

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

09/10/2015

توکي ڳولهيان پولارن ۾، ۽ ڌرتيءَ جي پاتارن ۾

توکي ڳولهيان پولارن ۾

آسي زميني

توکي ڳولهيان پولارن ۾، ۽ ڌرتيءَ جي پاتارن ۾.

مون وٽ اڪثر اينديون آهن، تنهنجون يادون اوجاڳن ۾.

پن ڇڻ رت جي پتن وانگر، سپنا ميڙيان ٿو دامن ۾.

ڪوئي سندر سپنو بڻجي، ڪاش لهان تنهنجي نيڻن ۾.

ماڻهو خود کي ڳولهڻ نڪتا، چڙيا گهر جي بند پڃرن ۾.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/10/2015

ڪو به ڪنهن جو ڪونه آ..!

غزل

آسي زميني

ڪو به ڪنهن جو ڪونه آ..!
هيءُ نه پڇان ڇو نه آ..؟

جو به آ هينئر هتي،
ويل هيءَ آ، پو نه آ..!

پوئتي واپس ورڻ،
وقت جو شيوو نه آ..!

روح، شهزادو، ضدي،
ويو ته واپس ٿيو نه آ،

وقت، نڪتل تير آ،
جو ڇٽو، موٽيو نه آ..!

عرش تي سُڏڪو پڳو،
فرش تي ڄڻ ڪو نه آ..!

آدميت سان گڏ،
آدمي اهڙو نه آ...!

فاتحِ سنڌ جئن مئو،
ان طرح ڪو مئو نه آ.!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

زندگيءَ کي خود ڀوڳيون پيا

غزل

آسي زميني

زندگيءَ کي خود ڀوڳيون پيا
ڏوھ ڪھڙي جي سزا ڀوڳيون پيا

زندگي ماڻڻ لاءِ ھوندي آ ٻڌو
پاڻ ڇو تنھن کي ڀلا ڀوڳيون پيا

بس فقط ھڪڙو ڀرم ھو دوستي
تنھن جا پڻ ٽڪرا ٿيا ڀوڳيون پيا

ويو ڀُري ويساھ رشتن جو مگر
گھاوء جي پيڙا اڃان ڀوڳيون پيا

شخص ھڪڙو آ جو وسري نٿو
ھا ، ڀلائي جا سلا ڀوڳيون پيا

يار! تنھنجي ڪنھن جفا جو ناھ ڏک
پاڻ پنھنجيءَ وفا ڀوڳيون پيا

ڏوھ ان ۾ ٻئي ڪنھن جو ڪين آ
پنھنجي ڪرڻيءَ جي بَھا ڀوڳيون پيا

پاڻ ڪٿي ” آسي“ خُدائي ھُئي گھري
ٻُڪ ۾ زخم اي دُعا ڀوڳيون پيا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اوھان بن آس ایئن آھي

نظم

اوھان بن آس ایئن آھي

آس ٻٻر

اڪيلو مان بہ آھیان وو!
ٺڪاٹو ڪو،
نہ گھر ڪوئي.
ڀرئي گھر ۾ اڪيلو ئي
رھان ٿو پر
خدا ناھیان.
اڪيلائي اڃان ڀي جھير وانگي پئي ڪري من تي ۽ مان توکي سنڀاریان ٿو.
وڃایو ٻار میلي ۾ جيئن آھي
اوھان بن آس ایئن آھي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

توکان پــوءِ اســان، رھجـي ویاسین پوئتي!

وائــي

آس ٻـــٻــر

توکان پــوءِ اســان، رھجـي ویاسین پوئتي!

رسـتا اڙانـگـا ھـیـا، تـنـھـنـجـي شھر کـان،
رھجي ویاسین پوئتي!

تو وٽ شعر پڳا پرین ! پاٹ تہ آسن سان،
رھجي ویاسین پوئتي!

شـایـد پـیـر ڪچا ھـیا، ڦٽجي پیا تڏھان،
رھجي ویاسین پوئتي!

رسـتـا ھٿ نہ ٿا اچن، ڳولھي ڏیو نہ ڪٿان،
رھجي ویاسین پوئتي!

خـواب، رنـاسـیـن ایترو، ڪریا پنبٹین مان،
رھجي ویاسین پوئتي!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ناهين ته ڏنگ سار جا هروار ٿا لڳن

غزل

عبدالحميد آس ٻٻر

ناهين ته ڏنگ سار جا هروار ٿا لڳن،
لمحا سمورا زندگيءَ جا دار ٿا لڳن.

مون کي ڏسي جهڪائي ڇڏيو ٿا اکيون پرين!
انداز اهڙا پيار جا اظهار ٿا لڳن.

هرهڪ سوال منهنجي تي هي نهڪرون عجيب،
انڪار بار بار ڀي اقرار ٿا لڳن.

سُنسان راهه؛ ماڻهو اڪيلو سفر ڪري،
ان ساڻ حوصلن جا به انبار ٿا لڳن.

ڀر ۾ رکن يا دور، ڪُهائي ڇڏن کڻي،
جيڪي وڻين خوب هو مکيار ٿا لڳن.

مرڪن ته رُت گلاب جي ڀر ۾ پسي وٺان،
خنجر هيانءُ اندر انڪار ٿا لڳن.

گلشن ٽڙي پوي ۽ چندرما کڙي پوي،
اهڙا ئي روپ ’آس‘ هُو سرڪار ٿا لڳن.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

زنـدگـي! تنھنجي ضرورت جي پٺيان

غــــزل​

عبد الحميد آس ٻٻر
زنـدگـي! تنھنجي ضرورت جي پٺيان ،​
رات ڪــٽڻي ٿي پوي ڇت جي پٺيان ۔​
اک جــــو پــاڻي ئي سـڪندو ٿو وڃي ،​
رت ايــنـدو ڪــو نــہ آ رت جي پٺيان ۔​
ھــر چــڱـائـي کـوھ ڀيــڙي پـئـي ٿـئي ،​
مـــاڻھــو وينـدو آھ عادت جي پٺيان ۔​
بـيـقـراريون ٿــــــو کـڻي ھـر مـنـد ۾،​
واھ آدم !ھــــڪــڙي راحت جي پٺيان ۔​
ڪٿ اکيون ، ڪٿ دل ڏيڻ آھي لڳو ،​
آس ھـــاڻي آ ســـــخــاوت جي پٺيان ۔​
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/10/2015

تنهنجي ڳوٺ وٽان جي هيرون گذري مون وٽ اينديون آهن

غزل

آثم ناٿن شاهي

تنهنجي ڳوٺ وٽان جي هيرون گذري مون وٽ اينديون آهن،
تنهنجي ساهن جون سُرهاڻيون مون کي آڻي ڏينديون آهن.

پل ۾ پولارن ۾ گم ٿي ويندا آهن ٽهڪ خوشيءَ جا،
شاديءَ کان پوءِ موڙن جا گل ٻڪريون کائي وينديون آهن.

ويا ڪل من جو آٿت بڻجي اينديون آهن ڪي ڪي جهڻڪون،
ڪي ڪي مُرڪون ويندي ويندي، ساهه نپوڙُي نينديون آهن.

توکان پوءِ به تو جئن مون کي پيار ڪنديون هن ڀاڪيون پائي،
تنهائيءَ ۾ جيڪي ڳجهه جون ڳالهيون توسان ٿينديون آهن.

ننڍڙيون ننڍڙيون چنتائون ڀي نيٺ وجهن ٿيون ماڻهو ماري،
ٻاڪُوءَ ماپ ڪهاڙيون آثم! لنبا وڻ وڍينديون آهن!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جئن گهڻو ڌرتيءَ جي ديون سان وڙهون ٿا تون ۽ مان

غزل

آثم ناٿن شاهي

جئن گهڻو ڌرتيءَ جي ديون سان وڙهون ٿا تون ۽ مان،
تئن زياده پنهنجي لڙڪن ۾ لڙهون ٿا تون ۽ مان.

توکي ڊپ پنهنجن جو ۽ مون تي سماجي بندشون،
روز رسمن جي صليبن تي چڙهون ٿا تون ۽ مان.

تون لکين ٿي مون ڏي خط ۽ مان غزل ٿو موڪليان،
حال هڪ ٻئي جو ائين ڀي پيا پڙهون ٿا تون ۽ مان.

پاڻُ مان ڀي ٿو پتوڙيان، تون به لوچين ٿي پئي،
هوري هوري پنهنجي سنگم ڏي رڙهون ٿا تون ۽ مان.

منهنجي ڪوتا، تنهنجا سڏڪا قيد ٽوڙيندا ڪڏهن،
مدتن کان جن جي ڪاڙهي ۾ ڪڙهون ٿا تون ۽ مان!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جڏهين جڏهين مونکي پنهنجي ويجهو لڳندو آهين

غزل

آثم ناٿن شاهي

جڏهين جڏهين مونکي پنهنجي ويجهو لڳندو آهين،
تڏهين تڏهين ساڀيان ۾ ڀي سپنو لڳندو آهين.

مَن ۾ موتين کاڻ کنيو، چُپِ چاپ وتين ٿو هلندو،
ساگَر انت نه جيئن، تيئن تون ڀي اُونهو لڳندو آهين.

رسمن جي ڦاهيءَ تي چاڙهيل، بي وس ۽ بي ڏوهي،
سچَ وانگر او سانول سَنهڙا! سهڻو لڳندو آهين.

جُهڙ ۾ جيئن ئي گهر کان ٻاهر ايندو آنءِ اڱڻ تي،
ڄائوُ پاري ۾ ڄڻ سِـج جو تِڙڪو لڳندو آهين.

تو سان منهنجو رِيت، روايت، رَتَ جو ڪو سَڱ ناهي،
پو به الائي ڇا لئه ايڏو پنهنجو لڳندو آهين.

ڪَنَ ۾ ڪِلڪ ڪاڳر ڪَڇَ ۾ لالُ اکيون لِڱ ميرا،
ڪڏهين ڪڏهين آثم تون ڀي چريو لڳندو آهين!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

نه ڪو سَڏُّ اڀريو، نه گونجيو پڙاڏو

غزل

آثم ناٿن شاهي

نه ڪو سَڏُّ اڀريو، نه گونجيو پڙاڏو،
رڳو پورُ پولارُ ڏسجي ٿو آڏو.

هٿين خالي، هيکل، جيئن جنگ ۾ مون،
ڏنو آ سدائين مِرُنُ سان مُهاڏو.

جي ڏاڍا ها، تن حق منهنجا ڦَٻايا،
هُئو هونءَ ته سڀني جو هڪڙوئي ڏاڏو.

لڳي ٿي ڪا سازش مونکي هيءُ ڪهاوت،
سڀاڳن جو ٿئي ٿو ڍُڪو پاڏو پاڏو.

هَجي موقعو مرَتئي جي لکڻ جو،
ته ڪيئن ساٿيو! مان لکان ويهي لاڏو؟

ڇَٻَر ريءَ ٻيو گهر ۾ هوندن ڇا، ’آثم!‘
کَٿِي ۽ کُرئٻي جو کنيو جو کُراڏو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

آءُ اڄڪلهه ٿو رهان پيو سامرين جي شهر ۾

غزل

آثم ناٿن شاهي

آءُ اڄڪلهه ٿو رهان پيو سامرين جي شهر ۾،
جَل پَرين جهڙين هزارن سانورين جي شهر ۾.

ڀانئجي ٿو مون کي ڀي چريو ڪري وجهنديون اُهي،
جي اڃا ڪجهه وقت رهڻو پيو چَرين جي شهر ۾.

ڇا ڪبو، جي دل نه رهندي داءُ پوندو کيڏڻو،
پاڻ کي وڃبو کٽائي لاٽرين جي شهر ۾.

هر طرف جهنڪار ئي جهنڪار جا سُر ٿا ٻُرن؛
هٿ ڪڙين، چوڙين، سِڪن ۽ جهانجهرين جي شهر ۾.

ڪيترا ڇورا بڻيا ٿا هِت وِتن سيف الملوڪ،
هن زماني جي طلسماتي پرين جي شهر ۾.

ڪيئن ڪمرن جي اندر جا راز ڪو سمجهي سگهي؟
هن سمورن بند دروازن، درين جي شهر ۾!

هِت نه هڻ آثم! وڃي ڪنهن در تي سر جي سئن تون،
چنگ چارڻ! ڪير ٻڌندءِ بانسرين جي شهر ۾.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

لوڪ ساري ٿي ڏٺو هي ديد جو دوکو نه هو

غزل

مقصود گل

لوڪ ساري ٿي ڏٺو هي ديد جو دوکو نه هو،
باهه ڏيندڙ باغ کي، پنهنجو ته هو، ٻيو ڪونه هو.

مطلبي انسان جا سڀ روپ ظاهر ٿي پيا،
جڳ ڏٺو جاچي، ڪڏهن خود غرض ٿيو ڪنهن جو نه هو.

روشنيءَ جي واسطي، جيڪو ڏيو روشن ڪيم،
سو جلائيندو جهڳيءَ کي، مون ڪڏهن سوچيو نه هو.

چنڊ تي پهتو وڃي جهنڊو هڻي ڌرتيءَ لٿو،
عرش وارن پئي ڏٺو، انسان هو، ٻيو ڪونه هو.

هن چيو ”مذهب هجي“ ۽ مون چيو ”انسانيت“،
سمجهه جو ڦيرو هيو، بس ٻيو ته ڪو جهڳڙو نه هو.

ٽهڪ پئي ماڻهن ڏنا، مون کي خبر ناهي، ته ڇو؟
لاش هو فوٽ پاٿ تي، بس ٻيو ته ڪو رؤنشو نه هو.

هيٽرن تي، بند ڪمري ۾ ستا ڪنهن جا ڪتا،
ڪنهن جي ٻچڙي کي لُريءَ ۾ جسم تي چولو نه هو.

ملڪ جو نئين سر بنايو آهه خاڪو سازشين،
مون ڏٺو جاچي ته ان ۾ سنڌ جو نقشو نه هو.

هورڙيان پيرن منجهان ڌرتي وڃي ٿي کسڪندي،
پر اسان جي دوستن کي ڪو اڃا الڪو نه هو.

ڪاغذي گل کوڙ گڏ گلدان ۾ مُرڪن پيا،
پر ڪٿي ڪمري ۾ ڪو سرهاڻ جو سونچو نه هو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دل جو دلبر ٿا بي مثال رکون

غزل

وفا ناٿن شاهي

دل جو دلبر ٿا بي مثال رکون،
پنهنجو معيار ٿا بحال رکون.

بُت ڪدي ۾ هجون يا ڪعبي ۾، 
صرف تنهنجو ئي ٿا خيال رکون.

باقي سڀ ڪجهه خدا ڏنو آهي، 
نفرتن جو ٿا صرف ڪال رکون.

هر ذهين ۽ حسين جي آڏو، 
صرف تنهنجو ئي ٿا سوال رکون.

باغ در باغ گُل ٽڙيل آهن، 
تنهنجي عظمت جو ٿا خيال رکون.

سچ آهي کلڻ نٿا ڄاڻون، 
پر روئڻ ۾ نٿا مثال رکون.

هر تمنا ٿا پائمال رکون. 
ڪيئن طبيعت ۾ اعتدال رکون.

مقتلن ۾ به نينهن جا نعرا، 
سچ چوڻ ۾ وڏو ڪمال رکون.

هجر ۾ ئي ملي وڃي ٿو جڏهن، 
ڇو وفا! حسرتِ وصال رکون.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

گُوندر ڪونه گهِڙن، مُرڪون مچ مِڙن

وائي

آثم ناٿن شاهي

گُوندر ڪونه گهِڙن، مُرڪون مچ مِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

ڪچي، ڪاڇي، ڪوٺڙا ڍَڪجن ساڻُ ڪِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

نَڙَ، بوڻينڊا، بَئنسريون، ڇَنَ ڇَنَ ساز ڇڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

نارَ، نلڪا، چيچڙا، گِرڻا روز گِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

ڪِرڙن، ڪانڊيرن جا، پر ڀي گُل ٽِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

ٻنيارن جا، ٻارهو وِک وِک کيٽ کِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

ٿَر وسَي، مثل ٿاڪ تان ٿاريلا نه ٿِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

06/10/2015

زندگي گهاريم پئي گمنام تنهنجي شهر ۾

غزل

تاج بلوچ

زندگي گهاريم پئي گمنام تنهنجي شهر ۾،
پوءِ ڀي سئو سئو لڳا الزام تنهنجي شهر ۾.

بند کڙڪيون مِينهن کان ۽ شام تنهنجي شهر ۾،
شخص ڪو رسوا ٿيو بي دام تنهنجي شهر ۾.

وِرههُ ورهين جو ۽ آئي آهين، لحظي واسطي،
هر گهٽيءَ ۾ شور آ، ڪهرام تنهنجي شهر ۾.

رنگ ۽ خوشبوءَ جا سارا سلسلا، تنهنجون گهٽيون،
دل جو پر ويران آهي گام تنهنجي شهر ۾.

تنهنجي گهر ۾، صبح جي ٽهڪن جو هوندو سوجهرو،
مون کي ٿي وئي روئندي روئندي شام تنهنجي شهر ۾.

تنهنجي در تي عاشقن جا مون ڏٺا ڪيئي هجوم،
پوءِ تنها، مان ئي ڇو بدنام تنهنجي شهر ۾.

نانءَ ڪيئي ٿي پيا منسوب تنهنجي نانءَ سان،
پر مليو مون کي ئي آهي نام تنهنجي شهر ۾.

منهنجي چاهت جو ڪرشمو، تنهنجي نفرت جو ڪمال،
تنهنجو نالو ٿي ويو بدنام تنهنجي شهر ۾.

پيار تنهنجي کان سواءِ، ڪنهن تي نه اک منهنجي ٻُڏي،
هونئن ڏاڍا ٿي پڳا پيغام تنهنجي شهر ۾.

سال گذريا، ڳوٺ مان نڪتو هو ڳڀرو ڇوڪرو،
گم اهو آهي ڪٿي گمنام تنهنجي شهر ۾.

گفتگو تنهنجي ته موهي ”تاج“ کي ماري ڇڏيو،
ورنه توکان خوب ها گلفام تنهنجي شهر ۾.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هُو کِليو، مان ڀي کِلي روئي پيس، طرز دلبر جي ڏسي روئي پيس


غزل

تاج بلوچ

هُو کِليو، مان ڀي کِلي روئي پيس،
طرز دلبر جي ڏسي روئي پيس.

هاءِ، هي چانڊوڪي ۽ دورِ فراق،
دل ۾ تاريڪي پسي روئي پيس.

بي ثباتي باغِ عام جي ڏسي،
ڪا جڏهن مُکڙي ٽڙي، روئي پيس.

خونِ بلبل جو سبب ٿينديون ڪَليون،
عالمِ شبنم ڏسي روئي پيس.

ڪنهن ستايل آهه شايد دانهن ڪئي،
دل کي جو آئي ڇڪي، روئي پيس.

صبر جو دامن گهڻو سوگهو جهليم،
شمعِ گريان کي ڏسي روئي پيس.

ياد ڪوئي ٿو پوي جانِ بهار،
ڪوڪ ڪوئل جي ٻڌي روئي پيس.

آبرِ باران ۾ هيو هو چشمِ تر،
’تاج‘ کي روئندو ڏسي، روئي پيس.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هجرتون، درد، وڇوڙا ئي بڻيا ڀاڳ اسان جا جانان


غزل

تاج بلوچ

هجرتون، درد، وڇوڙا ئي بڻيا ڀاڳ اسان جا جانان،
سپنا ساڀيا نه ٿيا، پاڻ جي پلڪن تي سجايا جانان!

جيڪي ٽانڊاڻا سيهه رات ۾ سوڀارا ٿيا ها جانان،
محض اُهڃاڻ جيان، هاڻ سي ڳڻجن ٿا ستارا جانان!

هاءِ، اونداهه غفائن ۾ نڌڻڪا ٿي مُئا ها جيڪي،
وس ويرين جي ٿيا، تن جي نصيبن جا وسيلا جانان!

نينهن بي باڪ به هو، سُرت جي تهمت کي نه سهسائي سگهيو،
موه تنهنجي ته مگر هن کي وڏا ناز کڻايا جانان!

ڳوٺ تنهنجو ته پري ناهه، پري ناهه، پري ڪو ايڏو،
تنهنجي شهرت جي حوالي کان ڏکيا سارا حوالا جانان!

پاڻ آدابِ محبت جي طريقن کان شناسا به ڪٿي،
تنهنجي پاٻوهه ئي سيکاريا اسان کي ته سليقا جانان!

فوقيت عشق ۾ سورن کي ڏني پاڻ سدا ’تاج بلوچ‘
سک جيڪي به مليا، تنهنجي ئي صدقي ۾ سمورا جانان!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اوندهه جو ڪليجو چيرَ ڪري، چانڊاڻ کڻي آيو آهيان


غزل

تاج بلوچ

اوندهه جو ڪليجو چيرَ ڪري، چانڊاڻ کڻي آيو آهيان،
هِنَ جُڳَ جي لئي مان نور نرالو ساڻ کڻي آيو آهيان.

مستي ته ڏسو، هستي ته ڏسو، انداز ڏسو شهزوريءَ جو،
ان جيئن ڇُلي، اکين ۾ سڄو مهراڻ کڻي آيو آهيان.

پيشاني لهوءَ ۾ لال اٿم، سينو به ڦٽيل ۽ جسم ڌڪيل،
غاصب کان پلئه جيڪي به پيم، تو ڪاڻ کڻي آيو آهيان.

مقتل ڏي هلو، پٺتي نه ڏسو، هي رسم ادا هر بار ڪيو،
’دودي‘ جي ڏسيا، ’دريا‘ جي ڏنا، اهڃاڻ کڻي آيو آهيان.

سرمست هئا، سرويچ هئا، رت ريج ڏنو جن ڌرتيءَ کي،
ان پاڪ مٽيءَ مان مُٺِ ڀري، ڳاڙهاڻ کڻي آيو آهيان.

وارن کي ڇنڊي، خوشبو کي پکيڙي، ’تاج‘ ڀلي محبوب نه ڪو،
پورهيت جي پسيني مان جا ملي، سرهاڻ کڻي آيو آهيان.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪا سٺي طنز ڪو حسين الزام، ان سوا زندگي ڪڙي آهي


غزل

تاج بلوچ

ڪا سٺي طنز ڪو حسين الزام،
ان سوا زندگي ڪڙي آهي.

جام ڏي، ساز کڻ، ڪو ڇيڙ غزل،
منهنجي گردش ۾ دل اڙي آهي.

دل جو آباد شهر توکان سواءِ،
ڄڻ ته واريءَ جي ڪا دڙي آهي.

تلخيِ وقت جو خوف اٿم،
منهنجي ساغر ۾ وهه ڳڙي آهي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هُو جي ڪمري ۾ اڪيلو هوندو، سونهن، سرهاڻ سان ٻوليو هوندو


غزل

تاج بلوچ

هُو جي ڪمري ۾ اڪيلو هوندو،
سونهن، سرهاڻ سان ٻوليو هوندو.

ڪمرو سڏڪن سان ٻُري پيو هوندو،
ڪو رٺو هوندو ڪو پرتو هوندو.

ايئن چئي موت کي روڪيو هوندو،
ٿورڙو ترس، هو ايندو هوندو.

ڪو نئون گيت جي گونجيو هوندو،
منهنجي ئي درد جو قصو هوندو.

سُور، ناسور ٿي مرڪيا هوندا،
موھ تنهنجي جو ڪرشمو هوندو.

موت مارڳ ۾ قبولڻ وارو!
پنهنجو عاشق تو سڃاتو هوندو.

رنگ ئي رنگ فضا ۾ سرهاڻ،
بي خياليءَ ۾ تو مرڪيو هوندو.

لڙڪ نيڻن ۾ ڄمي ويا هوندا،
دل جي ليکي تو ڪو اچڻو هوندو.

جنهن جي چاهت جون ڪهاڻيون مشهور،
”تاج“ ماڻهو به عجب ڪو هوندو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تاج احساس جي گهرائي ڇهڻ وارو هو


تاج بلوچ

غزل

تاج احساس جي گهرائي ڇهڻ وارو هو،
رنگ پوپٽ جا چپن تي ڪي ڇڏڻ وارو هو

ايترو ترت ڪٿي آڻ مڃڻ وارو هو،
هُو ته پاڳل هو اصولن تي مرڻ وارو هو.

رنگ،خوشبو ۽ سڄي سونهن ڪٺي ٿي گس تي،
ڪو وڏو پنڌ هڻي، ڳوٺ اچڻ وارو هو.

هن جي اکين مان پريشاني ٽميو ٿئي الڪو،
شام جو پهر جڏهن ويجهي پوڻ وارو هو،

آءُ صحرا جي سفر تان نه ڪڏهن موٽان ها،
قافلو درد جو پويان جي اچڻ وارو هو.

نيڻ راهن مان کڻي ڪين کڻان ها ڪڏهن،
ٿورو ڄاڻان ها وري ڪين ورڻ وارو هو.

گهر جون کڙڪيو تو بهاني سان ڪري بند ڇڏيون،
پنهنجي پورن ۾ گهٽيءَ مان ڪو مٽڻ وارو هو،

شخص گم آهي، نگاهن جي هجومن ۾ ڪٿي،
زهر تنهائي جو ڪڏهين جو پيئڻ وارو هو.

سونهن ڪمزوري برابر ته هئي تان بلوچ،
پر هو ڏاهپ تي مري ساهه ڏيڻ وارو هو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/10/2015

گل ڦُٽن پيا اکين مان اڃا پيار جا

غزل

وسيم سومرو

گل ڦُٽن پيا اکين مان اڃا پيار جا،
رنگ آهن اُجهاڻا نه سنسار جا.

او مِٺي! مُرڪندڙ نيڻ پنهنجا کڻي،
ڪجهه ته انداز ڏي سُونهن سينگار جا.

نيٺ ڪهڙو سفر، هُو پَريان پيو سڏي،
ورق سارا ٺپي، جيت ۽ هار جا.

روشني هيءَ اُڏاميو اچي پئي ڪٿان،
وار کوليا وري ڇا سکيءَ سار جا.

تون به سُر جي سفر ۾ ڏيئو ٿي ٻرين،
رنگ تون جي ڏسين تڙپندڙ تار جا.

چنڊ مُرڪي مڇيءَ جيئن ڏٺس پئي مٿان،
ڪنهن مُهاڻيءَ ڇڪيا پئي سِرا ڄار جا.

هاڻ ڪهڙيون ميارون وسيم ڏيان!
سڀ قبولي ڇڏيا مون سٺا يار جا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سرءُ اندر ۾ بهار چهرو، عجيب موسم کنيون وتئون ٿا

غزل

مقصود گل

سرءُ اندر ۾ بهار چهرو، عجيب موسم کنيون وتئون ٿا،
کلئون ملئون ٿا مگر اکين ۾ هزار آگم کنيون وتئون ٿا.

نظر گلابي ڏسي ته دل ٿي، رباب ڇيڙي ثواب سمجهي،
دکم دکم ته به سرور سمجهي، سرود سرگم کنيو وتئون ٿا.

حُسين جو غم سرير ۾ آ، دکي دکي دل جهڄي پوي ٿي،
عَلمُ قلم جو بلند آهي، نگاهه پُرنم کنيون وتئون ٿا.

نشو نظر جو نظر ۾ آهي، اکين مان اوتي پيئون، پيئاريون،
خمار مئي جو لٿو نه آهي، دليل دم دم کنيون وتئون ٿا.

حريص محفل نه راس آئي، عميق الفت رکئون اکين تي،
گلن سان پنهنجي عجيب عقيدت، شفيق شبنم کنيون وتئون ٿا.

محبتون جو ونڊي ورهائي، اهو اسان جي ونين ۾ ويهي،
ڪدورتن کي ڪٽي هميشه، پيار پيهم کنيون وتئون ٿا.

اکين ۾ سنڌو، اندر ۾ آتش فشان دک جو ڌڄي پيو ٿو،
دکن سکن جو اندر ۾ پنهنجي، عجيب عالم کنيون وتئون ٿا.

اکين رکي ’گل‘ چمون گلن کي، گلن مثل ٿا وفا ورهايون،
ڀلي هوا کان پڇي ڏسي ڪو، هڳاءُ هردم کنيون وتئون ٿا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سانوري اي ڇوڪري! واهه جو اڄ تو مالهايو رنگ منچ

پُنر جنم

علي آڪاش

سانوري اي ڇوڪري!
واهه جو اڄ تو مالهايو رنگ منچ
تو ڪلا سان اڄ سڄي محفل لُٽي
مون ڏِٺو توکي سڃاتو
تون دراوڙ ديس جِي دلبر نشاني
ڪي هزارين سال ٿيندا، جو اِها
پاند ۾ اتهاس جي
سوگهي ٻَڌي ويئي هئي
نسل ۾ تون آرين کان اڳ جِي 
تون ته ويدن ۽ پُراڻن کان پُراڻي
اڄ به راڻي آهه تنهنجو
ڳوٺ موهن جو دڙو
سي وڏا تنهنجا هئا
ڏاند گاڏيءَ جا ڌڻي
ٿِي وسُنهه جا واهرُو ويهي رهيا
ڀونءِ هيءَ جن سان بڻي
ويس پهريون جن اُڻيو هو ائٽ تي
جن مڇين جي ريس تي ٻيڙي هئي
ڪاٺ مان ڪوري ڪڍي
سِڙهه ڪيو جڏهين سِڌو
ان مٿان پنڇي اڇو ويٺو اچي
ڪڻڪ جو جن فصل پهريون
پوکيو ۽ ڳاهيو
اَن جون جهوليون ڀري
جن عقيدت مان ڏنيون درياهه کي
پيار جو پورهيو ڪري
جن رکيو هو جيئرو
تهذيب جي ويساهه کي
چنڊ واريءَ رات ۾
جي گَهران نڪري وڏي ولهار ۾
دائري ۾ ويهندا ها
۽ سڄي سنسار جي تخليق وارو
”ٿِي پوڻ“ جو ڳُجُھ کوليندا ۽ ويڙهيندا هئا
زندگيءَ جي راز کي
پاڻي، مٽي، اگني، هوا_
عنصرن جي اک سان ڏسندا هئا 
رات جي پوئين پهر
سوچي جڏهن ٿڪبا هئا
هٿَ تَرين ۽ سِر مٿي
ڏيئڙا ٻاريل رکي
سرخ سنهڙي ۽ ڍِلي ملبوس ۾
اي نرتڪي ايندي هئينءَ
ڇير جي ڇم ڇم کڻي
جسم جو سرگم کڻي
ويڙهجي ويندي هئي
رقص جي رومال ۾ ڪل ڪائنات
ڏيئڙي جي لاٽ جهڙا
جيءَ سارا بي ثبات
مڌ گهاٽيءَ جا وٽا پيئندا هئا
هوش هاري مست ٿِي جيئندا هئا
ناچ تنهنجو اوج کي رسندو هيو
گُهنگهرو ٽٽندا هئا
ڏيئڙا جھٽڪا ڏئي اُجھندا هئا
ان گھڙيءَ سڀني دلين مان
لار دونهين جي اُٿِي
هير جي آغوش ۾ سُمهندي هئي
تنهن گهڙي نينگر افق جِي
سجَ جو جھومر سجائي نرڙ تي
لولاڪ جي کيڪار لئه
منتظر هوندي هئي
جيئن منهنجو منُ تولئه منتظر
آنءُ ڄاڻان
جُوڻ ٻي هيءَ آهه تنهنجي
تون اُهائي نرتڪي
جي نه توکي اعتبار
تو اڳيان هيءُ ريشمي 
رومال ٿو کولي رکان
ڏَس ته هي گهنگهرو ٽُٽل ڪنهن ڏور جا
هُو ته ڏِس هُن تاڪ تي
ڪو اجھاڻيل ڏيئڙو
پاڻ ۾ وِجُھ ليئڙو
ڪجھ ته توکي ياد ايندو
ڀاڳ چئبو
پاڻ جنمن کان جُڳن کان پو هِتي
هِن شهر ۾ آهيون مليا
ان کان اڳي جو اڳ جيان وڇڙي وڃون
سهسين صديون ٻيهار اوجهڙ ۾ ٻُڏون
اچ دراوڙ ديس جي ناتي وري
پرچي پئون
آءُ اڳتي پيچرا اتهاس جا
گڏجي گُهمون
هڪ ٿي وڃون.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اسين پرديس جا پنڇي، رُلون ٿا ديس تنهنجي ۾

نظم

علي آڪاش

اسين پرديس جا پنڇي
رُلون ٿا ديس تنهنجي ۾
جتي ديرا به اوڌارا
ته آکيرا به اوڌارا
سويري ساڻ ئي بي انت اوجاڳا
کڻي بي خواب اکڙين ۾
وڃون ٿا ڏور ڍورن ڏانهن
جتي ڪوئي نه ڪنهن جو آ
جتي پنهنجو پرائو آ
اسان جي چهنب ٿي چاهي
ٻه ـــ ٽي موتي چُڳڻُ چونڊڻُ
سڄوئي ڏينهن لوڙيون ٿا
سڄي ڇاڇر ڇڇوليون ٿا
پتڻ تي جئن سُري سانجهي
ٻه ـــ ٽي ڪارا اڇا ترڇا
کڻي ڪنڪر ڪنارن جا
لتاڙيل واءَ تان وهندي
پڄون ٿا روز آکيري
جتي اونداههَ آڳانجهي
کنڊيري کنڀ ساهيون ٿا
ته پنهنجي ديس جا اُڌما
اُٻڙڪا اوچتو ڏيئي
اندر جي ٺوٺ ڌرتيءَ مان
ڦٽن ٿا گرم چشمن جان:
ڀنيءَ جي بيد مشڪن جي
کَٽي خوشبوءِ جون ڳالهيون
سموري باغ سان اوري
اُڏڻ آڪاش ۾ آزاد مستيءَ مان
ڪَڙن جا ڇانورا گهاٽا
تتيءَ جي ويل ساين چُهچ ٽارين ۾
ڪنهين جي چهنب سان چهٽڻ
رسڻ پرچڻ
کِلڻ کيڏڻ
ٺري جئن ڏينهن اُڏرڻ ۽
لهڻ ڪن اڻ ڏٺل اڱڻن مٿان
اِهي رولاڪيون
بي باڪيون
آڻيون ڪٿان؟
ماڻيون ڪٿان؟
هِتي هِن ديس تنهنجي ۾
جتي هر ساههُ قرضي آ
سندي ڪائي نه مرضي آ
جتي ٻرندڙ جوانيءَ جا
پوتر پل وسامن ٿا
ته لاحاصل سندو احساس ٻوڙي ٿو
ولوڙي ٿو
لڳي ٿو ايئَن وينداسين
ڇڊيءَ ڪنهن ڇاڇ جان بنجي
اسين پرديس جا پنڇي.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/10/2015

يار! توکان سواءِ زندگي ڇا ڪبي

غزل

احمد ٽالپر

يار! توکان سواءِ زندگي ڇا ڪبي،
تو بنا جا ملي سا خوشي ڇا ڪبي.

آس جيڪا بدلجي نراسا ٿئي،
سا اجائي اندر ۾ رکي ڇا ڪبي.

جنهن ۾ تصوير تنهنجي نظرجي نه سا،
درسني دل ۽ اک آرسي ڇا ڪبي.

رُت بسنتي نه ڪا مُند ملهاري مٺا،
تو بنا چيٽ يا ڪا ڪَتي ڇا ڪبي.

تنهنجي درشن بنا دل جي درمان لئه،
ڪا دوا، ڪا سُتي يا ڦَڪي ڇا ڪبي.

جنهن ۾ ميڙو نه توساڻ ممڪن هجي،
سا حياتي پرينءَ! پوءِ ڊگهي ڇا ڪبي.

ڪيڏي نعمت کڻي ڇو نه جنت هجي،
پنهنجي ”احمد“ بنا سا وٺي ڇا ڪبي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

پٿر ٿا هڻن مون کي شيشي مان ٺهيل ماڻهو

غزل

آثم ناٿن شاهي

پٿر ٿا هڻن مون کي شيشي مان ٺهيل ماڻهو،
دل ۾ ٿا وڃن لهندا وسڪيءَ ۾ ٻُڏل ماڻهو.

پردي جي پٺيان ويهي پُتليون ٿو نچائي ڪو،
رونشو ٿا ڏسن بيٺا خچرن تي چڙهيل ماڻهو.

ڪنهن ٻُڪ ۾ وتا ناهن، ڪنهن جهول جهليا ناهن،
لڙڪن جي ڦڙن جهڙا اکين مان وهيل ماڻهو.

جي پاڻ رواجن جي ٽياسن تي ڏنگيل آهن،
اڳتي نه وڌي سگهندا، سي پٺتي رهيل ماڻهو.

هڪ پيڙ هجي ڦٿڪن، ڪجهه درد هجن روئن،
سُڏڪا به ويا ڀُلجي ڳڻتين ۾ ڳهيل ماڻهو.

جن قتل ڪيا تن سان ڀي سڱ نه ٽوڙيائون،
قبرن ۾ ويا گهلي جيئرن کي مُئل ماڻهو.

ليکو ٿا ڪيون ويهي ’آثم‘‘ ته زماني ۾؛
پڙهيلن ۾ هزارين آهن ”ڄٽ پڙهيل“ ماڻهو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪي ڏينهن بهارن جا، مَن موهه نظارا ها

غزل

احمد ٽالپر

ڪي ڏينهن بهارن جا، مَن موهه نظارا ها،
اک ڇنڀ ۾ ويا گُذرِي پَلَ ڪيڏا پيارا ها.

لوڙهي ويون آشائون، حالات سنديون ڇوليون،
روڪي نه سگهيا تن کي واريءَ جا ڪنارا ها.

غلطي هُئِي ڪجهه هُن جِي، مون کان به خطا ٿي وَئِي،
بَرسِي پيا ڪي بادل، اُڌما به اُڃارا ها.

جذبات وچان شايد، ڪي لفظ چيا ويا ها،
سوچيان ٿو اُهي ڪنهن کان، هُن ورتا اُڌارا ها.

سُنهَه، ساٿ نوان ناتا، جُڳَ جُگَ ۾ نڀائڻ جا،
ويا قول اُهي ڪاڏي، جي ساههَ سَهارا ها.

لشڪر جِي لَتڙ وانگر، ارمان لَتاڙيا ڪنهن،
ٿيو چنڊ ڏِسِي هيڊو، سُڏڪِي پيار ستارا ها.

ڪنهن واٽ وڃايل جانُ، ڀٽڪن ٿيون سڀئي سوچون،
ها شام سندا پاڇا، يا پيار پنارا ها.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>