امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


27/05/2014

سراپا رقص ۾ آهيان!



سراپا رقص ۾ آهيان!

روبينه ابڙو

مليو جو رقص جو موقعو
سڄو عالم نچايو آ
سڄي تاريخ جهومائِي
سڄي تهذيب جهومائِي
ڀِٽن جا ڀاڳ ڀي جهوميا
۽ ڪارونجهر جي قصن مان
نوان سڙٻاٽ ڀي جهوميا
نچِي پيو کيرٿر سارو
مٿي هوءَ کير- ڌارا ڀي
ستارن جا ٻَڌي گهنگهرو
سراپا رقص ۾ اڀرِي
چٽو هُو چنڊ جهومِي پيو
ڪٿڪ ڪَتِين به ڏيکارِي
ٽڙي پيا رقص ۾ ٽيڙو
سڄو اڀ جهومندي ڀاسيو
لڳو، درويش آ ڄڻ ڪو!
ڪري پيو رقص ِ درويشان
سڄو سنسار جهومائي
وريس ڪڪرن جي رَٿَ تي مان
سبق روميءَ جو سيکاريو
ڪري سو عام ڏيکاريو
ٻَڌو ٽئگور جو ڌاڳو
ٽليون مندرن ۾ جاڳي پيون
وڄايا گهنڊ گرجائن
ڏڪيون فرسوده دهليزون
سراپا شور ڀڙڪي پيو
اجايو گوڙ ڀڙڪي پيو
سنڌوءَ تي رقص ڪرڻن جو
ڏسي رسم و رواجن جا
ڀڳا مون بت هن سارا
وٿي مون وقت جي ڊاٿي
۽ ماضي، حال کي ميڙي
سهيڙي خيال ڏيکاريا
اٿي پئِي ناچڻي مون سان
کنيان جنهن پير جهومڻ لئه
ٻَڌي مون ڇير جهومڻ لئه
ڏٺو هو ساٿ ۾ پنهنجي
ته ميران موج ۾ آهي
۽ سنڌ، هند اوج ۾ آهي
ها چوريا پير جيئن شيما
ته خسروءَ کوڙيا خيما
نوان سازن ڄڻيا سرگم
سهائيءَ تال تي اڇلِي
هوا ۾ هٿ لهرايا
گهٽائن ڀيروي ڳاتي
ڏٺا مون ناز نگهت جا
عجب انداز نگهت جا
لهندڙ سج جي پويان
اکيون مهٽي، ڀڃي آرس
اٿي خانم گگوش آهي
ٿڙيا سڀ رقص لئه منظر
نغارن کي نه هوش آهي
تڏهن مون هيءُ ڄاتو آ
ته سُر سان تال سان منهنجو
پڪو پختو ڪو ناتو آ
وڄي ٿي ڇير جي ڇم ڇم
سمبارا ۾ ڪڏهن مون ۾
مان ازلان رقص ۾ آهيان
مان ابدان رقص ۾ هوندس
اڙي او بخت جا ويري
اڙي او رقص جا ويري
ڪڏهن توکي نه جي پرتيون
انهن خوشين جو عڪس آهيان
سندم مسلڪ آ وجداني
مان خود ۾ خود ئي رقص آهيان
مون جهومڻ مان جنم ورتو
سراپا رقص ۾ آهيان!
نچڻ مون ۾ سمايو آ
مليو جو رقص جو موقعو
سڄو عالم نچايو آ
سڄو عالم نچايو آ.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

25/05/2014

ڏکين پيچرن تي هلڻ ڀي سکي وٺ



غزل

مير صوبدار سعيد

ڏکين پيچرن تي هلڻ ڀي سکي وٺ
ڪنڊن تي پيارا گهمڻ ڀي سکي وٺ

اهي ٽهڪا ٽهڪا سدائين نه هوندا
چڱو ٿئي ته مٺڙا روئڻ ڀي سکي وٺ

جتي عشق وارن جا آهن آکيرا
اوتارن انهن ۾ اچڻ ڀي سکي وٺ

هتي پيار تي سخت پهرو لڳل آ
اندر ئي اندر ۾ پچڻ ڀي سکي وٺ

متان واٽ ڀلجي وڃين زندگيء جي
سو رهبر جي پٺيان هلڻ ڀي سکي وٺ

اچانڪ متان چنگ چوري ڪو چارڻ
پنهنجو سر اڏيء تي رکڻ ڀي سکي وٺ

سعيد اڄ سڀان نيٺ رسندين پريئن کي
جو پڇڻو نه منجهڻو پڇڻ ڀي سکي وٺ

.......................................



ماهوار نئين زندگي جي آگسٽ 1987ع جي شماري ۾ ڇپيل
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/05/2014

ياد پراڻيءَ جا، تازا لڙڪ وهن پيا


وائي

سيما گُل

ياد پراڻيءَ جا،
تازا لڙڪ وهن پيا.

چريون سڀ ڇٽي ويون،
روز سياڻيءَ جا.
تازا لڙڪ وهن پيا.

جڳ پڄي ويو چنڊ تي،
سنڌ نماڻيءَ جا.
تازا لڙڪ وهن پيا.

جهور وئي ٿي زندگي،
پو به جواڻيءَ جا.
تازا لڙڪ وهن پيا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

12/05/2014

اسان جا خواب اڃان ساڀيان رَسيا ناهن


غزل

احسان دانش


اسان جا خواب اڃان ساڀيان رَسيا ناهن
هي درد غم جا ڪڪر ڀي اڃان هٽيا ناهن

اڃا ڳلن تي ڪريل نير ڀي سُڪيا ناهن
اڃان بهار جي هوندي به گُلَ ٽِڙيا ناهن

اڃان اندر ۾ اسانجي گھڻي اداسي آ
اڃان سمنڊ جي هر هڪ سِپي پياسي آ

اڃان هزار اميدن جا گل ڪومايل
اڃان آ تڙپ، اڃان ڪيئي روح هن گھايل

اڃان سنڌوءَ جا ڏسو چَپَ ڪيئن سڪل آهن
اڃان هي جيئرا ماڻهو به ڄڻ مئل آهن

اڃان ته بوءِ ٿي بارود جي اچي ڪيڏي
اڃان امن جي ڪبوتر تي اکِ آ ٽيڏي

اڃان ڇني ٿو ڪجي ڌار ماءُ کان ابهم
اڃان ٺهي ٿو پيو روز نئون ائٽم بم

اڃان به ڀونءِ تي ماڻهو ڳڀا ڳڀا ٿو ٿئي
اڃان به ظلم ستم ڪيڏو جا بجا ٿو ٿئي

اڃان ڪُسن ٿيون پيون ڪيئي بي گناھ نياڻيون
اڃان رقم ٿيون ٿين روز درد آکاڻيون

اڃان مرن ٿا پيا مِرگھ بيابانن ۾
اڃان آ گونج ٻڌو وقت جي ايوانن ۾

اڃان به ديس جو انصاف آ بيساکين تي
اڃان به موت جو شهباز آهي ڇاتين تي

اڃان به زندگي جي بيک ٿو گھري ماڻهو
اڃان به ٿورڙي ٺوڪر تي ٿو ڀُري ماڻهو

اڃان هوا جو بدن چور آهي زخمن سان
اڃان وفا جي ڳلي پئي جلي ٿي ٽانڊن سان

اڃان ته گيت سڀئي درد جي لباس ۾ هن
اڃان هزارين اکيون آجپي جي آس ۾ هن

اڃان ٽياس تي ٽنگجي رهي آ سچائي
چوان پوءِ ڪيئن ’محبّت‘ جي آهي رُتِ آئي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

09/05/2014

تنهنجون يادون ۽ هي اڪيلائي

غزل

بخشڻ مهراڻوي

تنهنجون يادون ۽ هي اڪيلائي،
زرد شامون ۽ هي اڪيلائي.

بند ڪمرو ۽ تنهنجي فوٽوءَ سان،
تنهنجون ڳالهيون ۽ هي اڪيلائي.

چنڊ تارا، ڪَتيون نڪي چارا،
سڃ راتيون ۽ هي اڪيلائي.

دوست ٿياسين اسان ٽيئي آخر،
سمنڊ، آئون! ۽ هي اڪيلائي.

درد ڳوڙها ۽ بس رڳي ماتم،
رت ڇاتيون ۽ هي اڪيلائي.

ماٺ مٽي ۽ چوطرف قبرون،
سرد آهون ۽ هي اڪيلائي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>