امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


25/01/2019

جي سامهون اچين ٿو ته تابش ٿي ماري

غزل

احمد خان مدهوش

جي سامهون اچين ٿو ته تابش ٿي ماري،
لڪين ٿو ته ڳولا جي خواهش ٿي ماري.

جي ڪاوڙ ڪرين ٿو ته ڪاوڙ ڪُهي ٿي،
جي پرچي پوين ٿو نوازش ٿي ماري.

توکي ناهه پرواهه دل جي لڳيءَ جي،
مون کي عشق تنهنجي جي آتش ٿي ماري.

تنهنجي پاڪ مک جو نظارو ٿو موهي،
بناوت، سجاوٽ، نگارش ٿي ماري.

رهي حسن تنهنجي جو پردو سلامت،
نقابن جي هوندي نمائش ٿي ماري.

مقيد اڳيئي آهيان آءٌ، ويتر،
سندءِ زلف واري آرائش ٿي ماري.

شبِ وصل ۾ خوفِ فرقت رهي ٿو،
شبِ هجر ۾ غم جي سازش ٿي ماري.

اکين تي نه “مدهوش“ الزام ڌَر تون،
اکين کي به دل جي سفارش ٿي ماري.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/01/2019

اسان رول ماڻهو! رلياسين ته ڇاهي؟

اسان رول ماڻهو....

نه منزل! جي رستا ڀلياسين ته ڇاهي؟
اسان رول ماڻهو! رلياسين ته ڇاهي؟

اسان، جيڪڏهن دل ۾ مندر هجون ها
حسينائون ڀيٽا ۾ ٻارن ها ڏيئا
اسان، يا ته مسجد جا محراب ٿيون ها
پون ها اسان تي ڪي سجدن جا ليئا
نه هو عشق ۾، حج جو امڪان ڪوئي
ٻڌي خالي احرام نڪري پياسين
اسان لاءِ گنگا جي اشنان تي جهل
ڪناري ڪناري ئي هلندا رهياسين
محبت جو معراج ناهي، اسان لئه
ائين خالي اڀ ڏي اڏياسين ته ڇاهي؟
اسان رول ماڻهو! رلياسين ته ڇاهي؟

نه وارن کي مليون ڦڻيون، آڱرين جون
نه زلفن مان آئي، هوا ڪا اُٺي جي
زماني ۾ ڀلجي، ڪئي ڪنهن نه هوندي
اسان لاءِ ڳڻتي، ڪا پرتي رُٺي جي
حسينن جي هوندي، اڪيلو گذارڻ
وڏي ثابتي آ اڀاڳي هجڻ جي
اسان جي ته تقدير، ڪنهن وقت سکڻي-
ڪئي ناهي دعويٰ، سڀاڳي هجڻ جي
اسان لاءِ سنسان سڀ گهر! گهٽي ۾-
وڃي ڪنهن به در وٽ رڪياسين ته ڇاهي؟
اسان رول ماڻهو! رلياسين ته ڇاهي؟

اسان، پيار کان ڏور مئاسين او جانان!
خدا ڪونه بخشيندو جنت اسان کي
آ هٿڙن تي ميندي جي حسرت اسان کي
ملي ڪانه اهڙي دعوت اسان کي
رکي در کليل جي ڏسن راهه پنهنجي
اسان کي نگاهون سي هٿ ڪونه آيون
جتي ٿڪ بدن جا ڀڄن ها سمورا
کليل دل ۽ ٻانهون سي هٿ ڪونه آيون
اسان سان زماني کي ڪا غرض ناهي
انهيءَ ساڻ ڄاڻي رسياسين ته ڇاهي؟
اسان رول ماڻهو! رلياسين ته ڇاهي؟
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>