امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


27/02/2015

جي مان خواب هجان

وائي

ادل سومرو

جي مان خواب هجان
پل سڀئي ترسان
تنهنجن نيڻن ۾

آئي آهي او پرين !
ايڏي جوت ڪٿان ؟
تنهنجن نيڻن ۾

پاڻ بچائي لوڪ کان
اچي آءُ لڪان
تنهنجن نيڻن ۾

دل چوي ٿي مان سدا
پنهنجو عڪس ڏسان
تنهنجن نيڻن ۾



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/02/2015

نگاهن اڳيان ڪنهنجي آيل لڳن ٿا


غزل

ناري لڇواڻي

نگاهن اڳيان ڪنهنجي آيل لڳن ٿا
بنا چوٽ تڏهين ته گهايل لڳن ٿا

ڏسي گرمي ڏاڍي گُهرايم نوان مَٽَ
مگر سي اڳيئي امايل لڳن ٿا

ڇنائي ويا جي گهڻان سال اڳ ۾
اڃان سي ئي جيءَ ۾ سمايل لڳن ٿا

پلاسٽڪ جي ٻُوٽن ۾ آ سُونهن ڪيڏي
اصل گل گلابي ڪومايل لڳن ٿا

ڊڪون ٿا اسين پر ڪٿي پهچنداسين
عقل هوش هڙئي وڃايل لڳن ٿا

اڙي! ڇا ڏسون اشتهاري زمانو
رڳو نقلي نالا هلايل لڳن ٿا

سواڳت سڃن جا جوارين جي جئه جئه
سياڻن لئه پادر پسايل لڳن ٿا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/02/2015

تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول

نياز همايوني

تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول،
مون وٽ روپ نڪو ٻهروپ، الا!

تنهنجي دنيا انڊلٺ ريکا
منهنجي دنيا گدلا بادل.!
تنهنجي دنيا سج جا پاڇا
منهنجي دنيا چنڊ جان گهايل.!

تنهنجي دنيا لهريون لوڏا
منهنجي دنيا اجڙيل ساحل.!
تنهنجي دنيا چيٽ جا ميلا
منهنجي دنيا هيڪل وياڪل.!

تنهنجي دنيا سندر سپنا،
منهنجي دنيا اکڙيون اوجاڳيل.!
منهنجي دنيا مرگهه ترشنا
تنهنجي دنيا رمندا بادل.!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/02/2015

ڄار هو، ڄاڻ ۾ يار ڦاسي وئين


غزل

اياز گل

ڄار هو، ڄاڻ ۾ يار ڦاسي وئين
هائو تون پاڻ ۾ يار ڦاسي وئين

تون ته تلوار هئين ڪا تکي او پرين
وقت جي مياڻ ۾ يار ڦاسي وئين

ننڊ، سپنا، نھارون ئي وسري ويئي
ڪهڙي ڇڪتاڻ ۾ يار ڦاسي وئين

هي حياتي ته ٿوري هئي پيار لئه
ڇو رتو ڇاڻ ۾ يار ڦاسي وئين

تو ڏيڻ ۽ ورهائڻ جو سوچيو نه بس
آڻ ئي آڻ ۾ يار ڦاسي وئين

ڪيترو پئي لڳين منفرد، مختلف
تون به واکاڻ ۾ يار ڦاسي وئين

ڳوٺ کي جو ڇڏي، شهر جو رخ ڪيئه
ڪيڏي مانڌاڻ ۾ يار ڦاسي وئين

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/02/2015

مون گھڻو ئي روڪيو آ اي پرين! پيار توسان ٿي ويو آ اي پرين!

غزل

ياسر منگي

مون گھڻو ئي روڪيو آ اي پرين!
پيار توسان ٿي ويو آ اي پرين!

سونهن تنهنجي جو به ناهي ڪو مثال،
پيار منهنجو اڻ ميو آ اي پرين!

هونءَ ته آهي چوڏهينءَ جو چنڊ پر،
تنهنجي آڏو ڄڻ ڏيئو آ اي پرين!

منهنجو سارو هٺ، ارڏائي، ڀرم،
تنهنجي پيرن ۾ پيو آ اي پرين!

تو گھڻو ئي ٿي جھليو پر ڇا ڪجي،
تنهنجو ياسر بي چيو آ اي پرين!




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/02/2015

ورهــين کــان پــوءِ آيــو آهــين!



ورهــين کــان پــوءِ آيــو آهــين!

عبد الحڪيم ارشد

منهنجي دل تــي هـٿ ته رک،
مـون کـي ڪـوئي ڏڍ تــه ڏي!
ورهــين کــان پــوءِ آيــو آهــين!
منهنجي سامــهون سهـڻا سائين!
مـرڪـي مــون ڏي يــار نـــهـار،
مـــاري جــــياري، مــــاري جــــيار!
مون سان پنهنجــا نــــيڻ مــلاءِ،
منهنجي جـيءَ ۾ جـــهاتي پــاءِ!
آءُ اڃــــــــــــا ڀـــــــــــي اوري آءُ!
آءُ اچـــي ڏس دل جــــا گـــهاءَ!
مون کان منهنجو حـال تـه پڇ!
زهــــر حـــياتــي بــــنجي ويــــئي،
توکان پوءِ ڇا ڇــا ٿـي گـــذريو،
جواني جلــندي گـــذري ويـــئي،
هــر شيء منهنجو ساٿ ڇڏي وئي،
مون سان منهنجـــا ســـور هــئا،
رئـندي رئندي راتــيون گهاريــم،
جــڏهــــين تنهنجــــا پــور پــــيا،
شــــاعر جــي دل ســــاز مــــثل،
جـنهــن جي هر هڪ تار ٽٽل،
تـــــــــــــارن ۾ آواز ســـــــــــــتل،
روح ۾ ڄـڻ ڪو راز ســـــتل!
گـيت ائــين ڇـو گهٽجـن پــيارا،
دل جــون تـــارون ڇـــيڙي ڇـڏ!
پنهنجـــــا نازڪ نازڪ هـــٿڙا،
منهنجي دل تــي ڦـــــيري ڇــڏ!
سـالـن کان پــــيو روح ســـــڙي،
مــون کي تنهنجي ڇـانءَ کـــپي،
منهنجي دل تــي هـٿ ته رک،
مـون کـي ڪـوئي ڏڍ تــه ڏي!
دل جــــي اڃايــــل ڌرتـــي تـــي،
بـــــادل بنجـــي بـــرســــي پـــــئو!
ورهــين کــان پــوءِ آيــو آهــين،
اڄ رات اتــي ئــي ترسـي پــــئو!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

04/02/2015

مان دل وندرائڻ لاءِ ڀلا، توڏي نه اچان ٻيو ٻيو ڪنهن ڏي وڃان

نظام زائر

مان دل وندرائڻ لاءِ ڀلا،
توڏي نه اچان ٻيو ٻيو ڪنهن ڏي وڃان
ڏسي مونکي ڌڪاري ٿي دنيا
توڏي نه اچان ٻيو ڪنهن ڏي وڃان

هر ويڄ ويو آ مون کي ڇڏي
پر ساهه سڄڻ توکي ٿو سڏي،
تون ئي ته آن منهنجي دل جي دوا
توڏي نه اچان ٻيو ڪنهن ڏي وڃان

دنيا ۾ ته سهڻا کوڙ آهن
پر تنهنجي نه جاني جوڙ آهن،
تنهنجي نه ڀري ٿو ڪوئي به جا
توڏي نه اچان ٻيو ڪنهن ڏي وڃان

زائر جا جڏهن ٿا نيڻ ٽمن
هي حال ڏسي ماڻهو ٿا کِلن،
ان وقت ڏيان ٿو توکي دُعا
توڏي نه اچان ٻيو ڪنهن ڏي وڃان





مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/02/2015

غزل جڏهن به لکڻ لاءِ دل گهريو هوندو, اوهان جو درد اندر ۾ ٻڏو تريو هوندو

غزل 

محمد علي پٺاڻ

غزل جڏهن به لکڻ لاءِ دل گهريو هوندو
اوهان جو درد اندر ۾ ٻڏو تريو هوندو

اسان جا نيڻ اهو پيچرو پسي نه سگهيا
قدم جنهين تي اوهان قرب مان ڌريو هوندو

جڏهن به گهٽ کان پوءِ واءُ ڪو گهليو هوندو
اوهان جي ياد جو ڪو ئي ته پن چُريو هوندو

سکن جي سوجهري جا خواب جنهن ڏٺا هوندا
غمن جي گهُگَهه ڏي واپس نه سو وريو هوندو

اسان جو پهر اوهان کان سوا نه ٿو گذري
اوهان جو سال اسان ريءَ ڀي سريو هوندو​
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

01/02/2015

اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جهان ۾

حليم باغي​

اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جهان ۾
سدائين نشان تي سدا امتحان ۾

ڪڏهن آنڌي الڙي ڪڏهن ڪڙڪي بجلي
ڪٿي ڪک رهيو آ منهنجي آشيان ۾

پرين ڇا ڪجي پل وڃن ٿا اڏاڻا
هليو آءُ اڄ ڇا رکيو آ سڀاڻ ۾

نه ڪا آرزو آ نه ڪا جستجو آ
ڪٿي ڪارو وان وقت نا مهربان ۾

ڪڏهوڪا سڪا سر اڙي مرگه مورک
اڙائي اڀو آن اکيون آسمان ۾

وري جي ولوڙن منجهائي رکيو آ
غم عشق هاڻي رهيو ڇا اسان ۾

هو هالار جا پٽ هوُ مياڻي هوُ ٽلٽيءَ
اسان جيون نشانيون سڄي گلستان ۾

اهي ئي ڪٽارا اهي ئي الارا
اڃان تير آهن اسان جي ڪمان ۾

ستارا نه چوندا ڇا تون نه ايندين
اڙي يار ڇڏ ويئي وهي رائيگان ۾

ٻه ٽي گيت واريم ٻه ٽي ديپ ٻاريم
ٻه ٽي ڦول هاريم تنهنجيءَ آجيان ۾


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>