امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


15/12/2013

مان باغي هان، مان باغي هان

راشد مورائي

مان باغي هان، مان باغي هان

جي دل ۾ تنهنجي ڪلفت آ، ته مونکي توکان نفرت آ،
جي دين اوهان جو دولت آ، مذهب منهنجو محبت آ،
تون انسانن جو ويري آن، ۽ منهنجي توتي لعنت آ
مان باغي هان، مان باغي هان.

هيءَ ڳاڙي ماڙي رئيسن جي، ۽ سائي جيب وڏيرن جي،
مان باغي هان سو باه ڏئي ٿو ڪريان سڄ لٽيرن جي،
هت ٻن ڏينهن کان ٻار بکيا، هُت توکي تياري نيرن جي،
اڄ لوڪ ڏسي ڪيئن ٿيندي آ، جهڙپ بکايل شيرن جي،
مان باغي هان، مان باغي هان،

هت ڀونڪ ڪتي جي ڪان ٻجهي،هت وڏڙا واڪا ڪڪڙن جا،
هي بنگلو آهي رئيسن جو، جت ڌوڙيا آهن ڌُڪڙن جا،
هت گاه نه آهي گابي کي،هت چارا آهن ڪڪڙن جا،
هي هاريءَ جو هڪ ديرو آ، جتي مارا آهن مڪڙن جا،
مان باغي هان مان باغي هان.

هي مفت جون مانيون ملان جون، جي اوڙو پاڙو آڻي ٿو،
سي کائي کائي خوش ٿئي، ۽ مفت ۾ موجون ماڻي ٿو،
۽ ٽڻ مڻ ٽڻ مڻ تسبيح تي، ٻي وائي ڪاب نه ڄاڻي ٿو،
هي ڪافر آ، هو ڪافر آ، بس تند اها ئي تاڻي ٿو،
مان باغي هان مان باغي هان.

تون ماڻهو ماري مرڪين ٿو، مان ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙيان ٿو،
تون لاشن تي ٿو ڏند ڪڊين، مان لڙڪ انهن تي لاڙيان ٿو،
مان انسانيت جو درس ڏئي، ڏس قول اڳوڻو پاڙيان ٿو.
مان سوليءَ تي پڻ سچ چئي، اڄ تنهنجو اندر ساڙيان ٿو،
مان باغي هان مان باغِي هان.

او ڀڀ وڏا او ڄڀ وڏا، جي تنهنجي هٿ ۾گولي آ،
ته باغي هڪڙو مان ناهيان، مون سان باغِي ٽولي آ،
هي سڀ اهي جن سان کيڏي خون جي هر دم هولي آ،
۽ مرسون مرسون سنڌ نه ڌيسون، سڀني جي هيءَ ٻولي آ
مان باغي هان، مان باغي هان.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

16/11/2013

محبت جي هر لمحي ۾ ڄڻ زندگي رکي آ








غزل

رخسانه پريت

اکڙين ۾ سڀ جي، ياد جي نيري ندي رکي آ
سانڍيل ڪو درد دل ۾، ديوانگي رکي آ

رولاڪ خيال پنهنجا، پنڌ پير ڪن جدا پيا،
ڪنهن روح پنهنجي ۾ هي آوارگي رکي آ

محبت جو هر لمحو ڄڻ، سانڍيو آ ساه ۾ مون،
محبت جي هر لمحي ۾ ڄڻ زندگي رکي آ 

پئي سور سڀ سڻايان سرتي جيان ڄڻ ٿي ڀايان،
هي منهنجي ڀر ۾ منهنجي جا ڊائري رکي آ

هر مک تي پيڙا پڌري هر اک ڀري پئي آ، 
وک وک تي، احتجاج، رڙ، ناراضگي رکي آ 

محبت جو جام ڇلڪيو، مايا به ڄار اڇليو،
ڪو ڌن تي ويو وڪامي، ڪنهن دل لڳي رکي آ 

بادل لڪايو اڀ مان سانوڻ نه ڳولهجان تون،
تولاءِ لڪائي سانول هڪ سانوڻي رکي آ 

ٻوٽيون، ته تون ئي تون آن، کوليون اکيون ته سامهون،
هڪ عڪس من ۾، سامهون ٻئي آرسي رکي آ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

12/10/2013

سنگيت ۽ سُر تار تي پهرا نه لڳايو

غزل

جميل سومرو

سنگيت ۽ سُر تار تي پهرا نه لڳايو
فطرت سان کُليل پيار تي پهرا نه لڳايو

هر شوخ ڪلي واءُ ۾ آزاد ڇڏي ڏيو
احساس تي اظهار تي پهرا نه لڳايو

نيڻن ۾ رکي خواب سنهرا جو وڌي پيو
مسڪين جي هن ٻار تي پهرا نه لڳايو

پئِي امن محبت سڄي دنيا ۾ پکيڙي
صوفيءَ جي سوچ سار تي پهرا نه لڳايو

ماڻهن جا مئل روح ڪلا ساڻ جياري
راڳيءَ تي ، ڪلاڪار تي پهرا نه لڳايو

هي شاه ، سچل پيار جي پيغام جا داعي
ڪنهن بيت جي جهونگار تي پهرا نه لڳايو



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

11/10/2013

بس عشق جو نالو کڻو، الزام ٿو ڌرجي وڃي


غزل

امر پيرزادو

هر گهاوُ ٿو ڀرجي وڃي
بس درد ٿو رهجي وڃي

نقصان جو آهي پتو
پر سچ ٿو چئجي وڃي

ڪو موت کان ڇرڪي نٿو
ٿو حق َ تي اڙجي وڃي

بس عشق جو نالو کڻو
الزام ٿو ڌرجي وڃي

هو چنڊ ڇو آڪاش جو
ڪا سارَ ٿو بڻجي وڃي؟

توکان سوا ڀي وقت هي
ٿو عمر ۾ ڳڻجي وڃي




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/09/2013

اڃارا ديد جا آهيون، بخارا قرب جا آهيون،


استاد بخاري

اسان جي پيار جو تحفو قبوليندي ته خوش ته هوندين،
گلابي گل هي گلدستو قبوليندي ته خوش ته هوندين،

اسان وٽ عشق اڻ ڪٺ آ، اوهان وٽ سونهن سڀ ڪجھ آ،
هي سڪ ۽ سونهن جو سودو قبوليندي ته خوش ته هوندين،

اڃارا ديد جا آهيون، بخارا قرب جا آهيون،
سوال آهي ته سنگت جو قبوليندي ته خوش ته هوندين،

محبت زندگي آهي، محبت بندگي آهي،
اهو ”استاد“ جو گفتو قبوليندي ته خوش ته هوندين-
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مندن مان به مهڪار گھٽجي وئي آ


غزل

مشتاق ڦل

مندن مان به مهڪار گھٽجي وئي آ
زماني مان سڪ سار گھٽجي وئي آ

جڏهن کان پرينءَ وار کوليا نه آهن
هوائن مان هٻڪار گھٽجي وئي آ !

پڇو ٿا مزو آ سموري خوشي بس، 
اوهان کانسوا يار گھٽجي وئي آ ! 

ڪٿي ڇانورا سي ڪٿي ٿڪ ڀڃجن؟ 
ٻڌئون ٿا ته وڻڪار گھٽجي وئي آ ! 

جڏهن کان اوهان جو نه ڦوٽو ڇپيو آ ، 
وڪامڻ سا اخبار گھٽجي وئي آ ! 

الئي ڇو سڄڻ جي مشتاق اڄڪلهه 
ملڻ واري رفتار گھٽجي وئي آ !
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دراوڙ ڌيءُ ڌرتيءَ جي

آزاد نظم
(روبينه ابڙو)

”دراوڙ ڌيءُ ڌرتيءَ جي“

الئه ڇو ڇاڇري جو چنڊ
ٿيو اڄ سرنِگون آهي
ستارا سوڳ ۾ آهن
هوا بڻجي رُدالي ٿي سَٽي سينا ڀِٽن جا ۽
افق ڄڻ ماتمي پِڙُ آ
وري اڄ ڇاڇري جي ڌرتتي
ويئي ڌُڏي آهي
بڻي ساري سڀيتا سنڌ جي
اڄ سينڌ ميري آ
وري “ڦاپي” ۽ “آميءَ” جي
اُها رُوداد ورجائي
ڇڏيا بَکيا اُڊيڙي ڪنهن
سڄي تاريخ جا آهن
وري ڪنهن چيخ جا آهن
پڙاڏا عرش تي پهتا
جهڪايو ڪنڌ ڪارونجهر
سڄو ٿر ٿَرٿِلي آهي
ڊنا ڄڻ مور هن سارا
۽ ڊيلون هِيسيل آهن
پکي سڀ الجهيل آهن
۽ ٻاٻيهن وساريا ٻول هن پنهنجا
ڪَنڊين ۾ سوال سڱرين جان
پيا کڙڪن
پيون ڌڙڪن
دليون تترن ۽ هرڻين جون
سمورن منظرن جون اڄ
اکيون حيران آهن ۽
ٻڌائن وارتا دک جي
دراوڙ ڌيءُ ڌرتيءَ جي
لُٽي وئي آبرو جنهن جي
اتي ئي ڇاڇري ۾ آ
نه ڪو ئي عرب آيو ۽
نه ڪو خلجي نه تاتاري
هيا سي ڌِڱَ ڌرتيءَ جا
چنيسر جيئن هنيائون ڪانُ مٽيءَ کي
ڏسو هُو ڀالوا چِيخِي
رڙِي دانهين چوي ٿو ڪجھ
لڳي ٿو اڄّ ئي ڄڻ مارئيءَ جي
لڄّ ڪنهن لوئي.....

(موتان واري واقعي جي پسمنظر ۾ لکيل)

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دوستيءَ ۽ عاشقيءَ جي ساک ڪهڙي ٿي سگهي ٿي...



آزاد نظم
ساک

(روبينه ابڙو)

ڪا جنم جي بيقراري 
رت جيئن ڊوڙي رڳن ۾
ڄڻ پهاڙي ڪنهن نديءَ جان
روح ۾ لهندي وڃي ٿي
سار جي سڀ ٿوهرن تي
ڪيترا چهرا ڦٽا هن
آرسي ماضيءَ جيءَ ۾
نقش سي اڄ ڀي چٽا هن
۽ ٻَٻُر جي ٻُور وانگر
درد ڄڻ ڇڻندا رهن ٿا
مون مٿان ڪرندا رهن ٿا
ٿيون هوائون جهول ميڙي
وقت جي سوڙهي گهٽيءَ ۾
ڪيترو هوريان هلن پر
دائرن ۾ داستان ڦرندا رهن ٿا
لفظ سڀ لڏندا رهن ٿا
دوستيءَ جو دنگ هو جنهن جاءِ تي
ان کان به اڳتي
ساھ کي ويساھ هو
ڇا عجب اتساھ هو
پڪ جو ڄڻ ريشمي رومال هو
جنهن مٿان مون ڪيترا
ٽاڪيا ستارا ڀرم جا
دوستيءَ جو چنڊ پر الهي ويو
جا ٿڌيري هير هئي ويساھ جي
سا بند ٿي
لُڪ ڪا ويساھ گهاتيءَ جي لڳي
اڄ به مان پيئي جلان تنهن تاءَ ۾
پڄران پئي
ساريان پئي سي حسرتون سي آٿتون
جن جون ڪٿائون ڪيتريون ڦهليل هيون پر
اوچتو ٻهروپ جان هر دوستيءَ پاسو مٽيو
چهرا وڏا
روشن تصور 
پر انهن جا خيال ڪيڏا هلڪڙا ۽
ساٿ ڪيڏا مختصر ها....
دوستيءَ جو باب هو سو بند ٿيو
ها اڃان تنهن کان به اڳتي
عاشقيءَ جون هون هزارين بارشون
مون مٿان وسنديون رهيون
پاڻ ۾ مان جيتري پن ڇڻ هيس
اوتري سرسبز ٿي پيس
منهنجي ٻانهن جا سمورا هار ها مهڪي پيا
خواهشن جا ڄڻ ڪبوتر
مون اندر اڏري پيا
۽ اچانڪ وقت جي ڪنهن موڙ تي
وصل جي سڀ خواهشن تي
هجر جو پارو پيو
اوچتو ئي شام ٿي وئي
عاشقيءَ جو باب هو سو بند ٿيو
اڄ وري منهنجي رڳن ۾
ڪا نئين آ بيقراري
جا نئين جهرڻي جيان
ڪا راھ نئين ڳولي پئي
آرسي ميريءَ کي
ڌوئڻ لڳو آ پيار ڪو
سنسار ڪو جڙندي ڏسان ٿي
دوستيءَ ۽ عاشقيءَ جا
ڪي نوان رشتا پسان ٿي
هڪ نئين برسات آ جا
مون مٿان چاهي وسڻ
منهنجو هردو
وارياسي رڻ جيان تاسو اڃيو
مان پُسڻ ٿي چاهيان
منهنجي سوچن جي سمرڻي
ڪيتري وکري وئي آ
پاڻ ميڙڻ ٿي گهران
پر سوچيان ٿي
دوستيءَ ۽ عاشقيءَ جي
ساک ڪهڙي ٿي سگهي ٿي...


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اها تُلسي وئي ڪاڏي، اڱڻ ۾ چنڊ ڳولي ٿو

غزل

روبينه ابڙو

سريکو سنگ ڳولي ٿو.
وري ڪو پاڻُ رولي ٿو.

اندر جو هيکلو صوفي،
نوان اسرار کولي ٿو.

اها تُلسي وئي ڪاڏي،
اڱڻ ۾ چنڊ ڳولي ٿو.

الئه ڪهڙو سَجي هُن کي،
سمورا ڦول ڦولي ٿو.

ڪُڇيو بس ڪِين تو جانان،
سمورو شهر ٻولي ٿو.

ڏسو تارا پيا تڙڳن،
گگن ۾ سمنڊ ڇولي ٿو.

نگاهن سان ڪو نيرولي،
نشيلا رنگ گهولي ٿو.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪين ڪڏهن هي کُٽي ٿي شاعري، روح منهنجي مان ڦٽي ٿي شاعري

غزل

جميل سومرو

ڪين ڪڏهن هي کُٽي ٿي شاعري 
روح منهنجي مان ڦٽي ٿي شاعري 

نت نيون سوچون ٿي اوتي شعر ۾ 
سونهن لفظن جي لُٽي ٿي شاعري

خيال جا بارود بندن ۾ ڀري 
دُونَ دشمن جا چُٽي ٿي شاعري 

ڪا حسينا هت سماجي خوف کان 
روز نڙگهٽ ۾ گُهٽي ٿي شاعري

رات جو پوئين پهر جي سانت ۾
ڄڻ ستارا ٿي ٽُٽي ٿي شاعري

سوچ منهنجي صبح توڙي شام جو 
ذهن _ اُکريءَ ۾ ڪُٽي ٿي شاعري


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪبير ، ميران ، اياز ، نانڪ، پڙهيم جڏهن کان گيان گم آ



غزل

جميل سومرو



زمان گم آ مڪان گم آ 
اسان جو اڄ ڪلهه جهان گم آ 


ازل ابد ۾ ابد ازل ۾ 
وجود جو هر نشان گم آ 

ٻه چپ ڪونپل ڪچا ڪنول جا 
اکين جي آڏو ڌيان گم آ 

اڇاڻ انگ جي ڏسي اڀاميو 
اِڇا سان ريڌيو ايمان گم آ 

ڪنهن ڪامڻيءَ جا ٻه چنڊ اُرها
تڪن ٿا توڏي گمان گم آ 

ڪبير ، ميران ، اياز ، نانڪ 
پڙهيم جڏهن کان گيان گم آ



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڏيو قلم ۽ سياهي بندوق ڇا ڪندس مان


غزل

جميل سومرو

ڏيو قلم ۽ سياهي بندوق ڇا ڪندس مان 
آهيان امن جو مان راهي بندوق ڇا ڪندس مان

هن ڪلڪ سان او ڪانئر ! تنهنجا ٻه اڌ ڪندس مان
هر گيت تو لئه ڦاهي بندوق ڇا ڪندس مان

تو ساڻ سنڌ دشمن اکرن جي ويڙهه وڙهندس
شاعر به مان سپاهي بندوق ڇا ڪندس مان

ڌرتيءَ کي ڀٽ ڌڻيءَ جون آهن سدا دعائون
گڏ قوم سان دعا هِي بندوق ڇا ڪندس مان

ظالم کي موت ايندو آهي منهنجو عقيدو
ٿيندي تنهنجي تباهي بندوق ڇا ڪندس مان

هي جنگ جهد منهنجي رهندي سدائين جاري
پَٽبي ڪٿي نه ساهي بندوق ڇا ڪندس مان







مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

منهنجي طبيعت شروع کان سنجيده کيچلي ٻار ٿي سگهي ناهي



غزل 

جميل سومرو

وَير تي وار ٿي سگهي ناهي
قوم بيدار ٿي سگهي ناهي

جيڪا ڌرتيءَ تي آجپو آڻي
سوچ سا تيار ٿِي سگهي ناهي

مان جي محبت ڪا ٿِي سگهيو ناهيان
هُو به ڪو پيار ٿي سگهي ناهي

کوڙ ڪوشش ڪيائين ڪَٽجڻ جي
پاڻ کان ڌار ٿي سگهي ناهي

منهنجي طبيعت شروع کان سنجيده
کيچلي ٻار ٿي سگهي ناهي

لوڪ رهڙيو لتاڙِيو هن کي
موٽ ۾ خار ٿي سگهي ناهي













مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/09/2013

سنڌ ورسٽيءَ مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي

ڄام شوري جو پٿر

حليم باغي

سنڌ ورسٽيءَ مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي،
ڄام شوري جو سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي،
ها! هتان جا سفيدا ٿا گھايو وڃن،
ها ! هتان موتئي جو ڪليون به کڻو،
هڪڙو گل مهر سندس چوٽلي ۾ هڻو،
هوءَ ڪيڏي نه سهڻي اٿس سوڀيا،
هوءَ جا پنهنجي خوابن جي آ ساڀيا،
هوءَ اسان کي ڏسڻ ڏيو شرم ٻوٽڙي،
جيڪا هٿ ڇا نظر سان ٺريو ٿي وڃي.
ڇا، چئون دل سان هوءَ ڪجهه ڪريو ٿي وڃي،
ڏينهن ڏٺي جا لٽيندڙ هٿيارن سان بلڪل،
اسان ڀي ٻڌا هن وڏا ڌاڙيوال،
مگر هو ڌاڙا هڻي ٿي دلين تي،
جو نظرن ئي نظرن ۾ ڌاڙا هڻي ٿي،
ملي ٿو نه سڳ،
هو جا مرڪڻي موهڻي ڇوڪري،
سا وڏن وينٽريڪلس ۽ آرڪيلس وچ مان،
سڌا سائينس وينوسس تي هٿ ٿي وجھي
مروڙي ڇڏي ٿي والو هرٽ(Valve Heart )  جا
هوءَ جا هر روز هڪڙي نئين ڍنگ سان،
دل جا در ٻيڪڙيل ٿي اکوڙيو ڇڏي،
ڏاڍن ڏاڍن جا ڇڪا ڇڏايو ڇڏي،
هن کي ڀيٽيون ته ڀيٽيون ڪنهن سان ڀلا ڀيٽيون،
جي ٿا ڀيٽيون خدا سان ڪفر ٿيو وڃي،
سنڌ ورسٽي مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي،

ڄامشوري جو سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/09/2013

گذاريـون پريشـان خــيالات وانــگر


غزل

ذوالفقار راشدي

گذاريـون پريشـان خــيالات وانــگر
يـا ويـران ويـران مـحـلات وانــگــر

اکين مان ٽمئون ٿا، ڳلن تي ڳڙئون ٿا
ســدائين ٿـــڌي بوند برســـات وانگر

جــتـي لـــفـــظ پــابـــند، آواز قــيدي
بـــهــشــت بــريـــن سـو حـوالات وانگر

اهــا ٻـــاٽ ڪـــاري، وڃــــڻ واري آهــي
هـــي آثــار اوڀــر ۾ پـــرڀـــات وانــگــر

ڪوئي جانِ عالم، اسان جو به هوندو،
اچـــي ڪـــوٽ ڊاهي، طلســـمات وانگر.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

02/09/2013

تون سڄوئي وقت ٿي سامهون رهين، مان سڄو ئي وقت مصروف نظر

تون سڄوئي وقت ٿي سامهون رهين، 
مان سڄو ئي وقت مصروف نظر


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/08/2013

عاشقيءَ جا ماڻ ۽ ماپا، پڇين ٿو؟



غزل

رخسانه پريت

عاشقيءَ جا ماڻ ۽ ماپا، پڇين ٿو؟
قربتن جا ڪنهن ڪيا ڪاٿا، پڇين ٿو.

هيءَ حياتي ڄڻ ته چرٻيلي، هلون پيا،
پير ڇالا، نيڻ ڇو آلا، پڇين ٿو.

ڪو کنڀي ماريل،ڪو باندي آ زندان ۾
ڇو زبانن تي لڳل تالا پڇين ٿو

ڇو ڀلا پئي پاڻ اوپرو ڀانيئن
تون به مون کان منهنجا ئي پاڇا، پڇين ٿو

ڪيترو بيزار ٿي آخر پوان ٿي
هڪ ته مون کان سوال تون ڏاڍا پڇين ٿو

خيال جي دنيا جو تون نه آن ماڻهو
ڪيئن جڙن ٿا خيال ۾ خاڪا، پڇين ٿو.

مان سُتي ماڻيو ڇا، ڪنهن ڪٿي ڄاتو
منهنجا ڪهڙا ننڊ سان ناتا، پڇين ٿو

هيئن جو خاموشين سان گفتگو آهي
راز ڪهڙا ها نوان ڄاتا، پڇين ٿو

سرد رايتن ۾ وڇوڙو موت جهڙو
ولهه ۾ پي ڪيئن مٽيا پاسا، پڇين ٿو

نانءَ جو ڀي ڏيوس، جيءَ جهوري وڃي ٿي،
دل لڳيءَ جا ڇو هڙيئي نالا پڇين ٿو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>