امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


20/04/2017

هيو وڇڙڻو جي ملياسين اسان ڇو؟

غزل

امتياز دانش

هيو وڇڙڻو جي ملياسين اسان ڇو؟
ٽڙي ڦول وانگي ڇڻياسين اسان ڇو؟

وري پاڻ کي جي هيو ايئن ٽٽڻو
ٽٽي هڪڙو ڀيرو جڙياسين اسان ڇو؟

هيو پاڻ کي روئڻو عمر ساري 
گهڙي هڪ به ڇا لئه کلياسين اسان ڇو؟

اڃا ڪيترو وقت هو پاڻ کي پر 
اڳي وقت کان ئي ٿڪاسين اسان ڇو؟

جڏهن هاڻ تعلق رهيو ناهه تو سان !
ڪري ياد توکي رناسين اسان ڇو؟

ڪيو ڪنهن نه ڪڏهين اسان کي مڪمل
” اڌورا اڌورا رهياسين“ اسان ڇو ؟

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مُحبتن جي نکارن لئہ سينگارن ۽ سَنوارڻ لاءِ

گيت

عبد الغفار تبسم

مُحبتن جي نکارن لئہ سينگارن ۽ سَنوارڻ لاءِ،
چڪيل چاڪن سان چؤنڪن تي به چيچلائڻ ضروري آ،
ضروري آ ته ڪَکَ پَنَ تي وَفا جا واعده لِکجن،
ها پوءِ تن کي پاڪائين سان پَڙهي پاڙڻ ضَروري آ.

ڊِسَمِبَرَ، جَنوريءَ کان پو مُوسَمَ جي گَردشن موجب،
مان سَيهٽيو هو مون لاءِ هاڻي سَڙيو سانوڻُ ضروري آ،
وَصُلَ جي راحَتُنَ جا ڪيف ماڻي ڍئوَ ڪَيمِ جَڏهن،
انهيءَ کان پوءِ لازم ٿئي ٿو هِجرُ ڀوڳڻُ ضَروري آ.

چَنبيلين، رابيلن، مُوتِين، وَلين وَلهارين وانگي،
تُنهنجي مُحَبَتَ جون سُرهاڻيون اوتيون مان خُوشبوئن وانگي،
تنهنجي سونهن جي سُڳنڌن کي جڏهن سانڀيو ساهَنِ وانگي،
تڏهن پِڻُ فرضُ ٿيو مُون تي تُوکان وِڇِڙَڻُ ضَروري آ.

مُنهنجي بي لوثُ چاهڻَ کي جَڏهن عِشِقَ غَرضُ پئي ڄاتو،
مُنهنجي اڻکٽُ وَفائُنِ کي فَقَطِ مُنهنجو فرضُ پئي ڄاتو،
تنهنجين مَغرورين جَڏهن تُوکي ان موڙ تي آندو،
تڏهن ”تبسم“ کي سوچ آئي جدائي ٿيڻ ضروري آ.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/04/2017

رھبري هڪڙي طرح جي، قافلا ٻي طرح جا

غزل

ج ع منگهاڻي

رھبري هڪڙي طرح جي، قافلا ٻي طرح جا
رھزنی ھڪڙي طرح جي، رهنما ٻي طرح جا

مقتلن جي افتتاحن تي ڏسائون ڇرڪيون
ڪربلا هڪڙي طرح جي، زلزلا ٻي طرح جا

بیوسيء جي حد آهي هاڻ وستيء ۾ ابور
استدعا هڪڙي طرح جي، واقعا ٻي طرح جا

حق تي آهن سموريون مچ واريون محفلون
ثابتي هڪڙي طرح جي، رابطا ٻي طرح جا

حسن جي ڀي آرزو آهي تہ خوداریون کپن
عاشقي هڪڙي طرح جي، آشنا ٻي طرح جا

تاس جي هر آس کي موکيءَ ڏنو مرڪي جواب
تشنگي هڪڙي طرح جي، ميڪدا ٻي طرح جا

تخت ڀي ٽڪرا لڳي ٿو، ڪرسيون ڀي چچريون
ثالثي هڪڙي طرح جي، فيصلا ٻي طرح جا

جاڳ جي رت ۾ منگهاڻي ساب اوجاڳا پيا
شاعري هڪڙي طرح جي، معجزا ٻي طرح جا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

لڙڪن جو پڙلاءُ نہ ڪر، ايڏو ڀي ڏيکاءُ نہ ڪر


غزل

ج ع منگهاڻي

لڙڪن جو پڙلاءُ نہ ڪر
ايڏو ڀي ڏيکاءُ نہ ڪر

صدين تائين وکري ويندين
سوچن جو ٽڪراءُ نہ ڪر

ڪونهي ڪو ڀي ويڄ طبیب
گهرو ايڏو گهاءُ نہ ڪر

لڀجي سگهندين ڪين ڪٿي
سورن سان سرچاءُ نہ ڪر

ماٺ مٺيءَ ۾ وينديس آنءُ
مونسان ڪوئي داءُ نہ ڪر

ميڻ جيان مان وگهري وينديس
باھ جيان ڪو تاءُ نہ ڪر

ڪاوي جهڙو من اسان جو
لفظن جو پٿراءُ نہ ڪر

جيون اڳ ئي کارو ٻاڙو
ويتر ڪۇڙو ساءُ نہ ڪر

ڪين منگهاڻي لاهي سگهندي
ٿورن جو ورجاءُ نہ ڪر

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/04/2017

دل به وئي دلبر به ويو، آئون ڪيئن سهان اهي سور ٻئي

دل ۽ دلبر

حاجي احمد ملاح

دل به وئي دلبر به ويو، آئون ڪيئن سهان اهي سور ٻئي،
خواه ميڙين، خواه مارين، مون ڪيون منظور ٻئي.

خاص خدمت ۾ رهيو ٿي، چنڊ چوڏهين ماه سج،
در تي دربانيون ڏٺم پلپل، پري ۽ حور ٻئي.

اڄ سڄڻ سرمون وجهي، سهسين ڪيا سينگار هار،
گرز گز گهائين ڀلين، گهوڙا ! نه مٽ هڪ گهور ٻئي.

پيچ پائي منجه پسه، قابو وڌم ڪاڪل قريب،
من مڙهيم محبوب سان، جيئن مينهن ڪنڍي جا پور ٻئي.

پهلوانن جون پتيون، لاهيو لڙائي ۾ وجهن،
جنگ ۾ جاڙا ڀرون، ڀالا هڻن ڀرپور ٻئي.

پنبڻيون ڪنهن پر نه پوريون، ڳاله هڪ هر گز هلن.
دم ڇڪينم، دل تڪينم، دم ڌڪينم، دور ٻئي.

جان جليم جوش ۾، جلوو پسي جانب جمال،
جوت جاڳي ات، جتي گڏجن تجلي طور ٻئي.

عشق ”احمد“ ساري، نت رواڙيم رت ڦڙا،
محب ۽ محبت گڏيم ، ميثاق کان مغرور ٻئي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هٿن کان اسانجي هو پري هو گُلاب

غزل

مور ساگر

هٿن کان اسانجي هو پري هو گُلاب،
تنھن کي نه ماڻين سگهيو ڪوئي خواب.

عجب آ تون ئي نه سمجهي سگهيو آن،
ورنه هي چھرو ته کُليل هو ڪتاب.

شِيشا نه رستن تي پکيڙيو او لوگو!
گُناهن کان پو آ گُذرندو ثواب.

مان پياڪ ناهيان پر پيئڻ ٿو چاهيان،
پيارين جي پنھنجي جوڀن جو شراب.

ڪڏهن ته خوشين جو سبب ٿي پئه تون،
ٿي اکين ۾ سدائين رهيو آهين آب.

’ساگر‘ تو سواءِ اڪيلو رهيو هان،
توڻي جو اڪيلائي وڏو آ عذاب.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪير آھي، جنھن کي ويھي سارجي؟

غزل

اميد خيرپوري


ڪير آھي، جنھن کي ويھي سارجي؟ 
ڪنھن جي خاطر زندگاني ڳارجي؟

ڪيترو مايوس بڻجي گھارجي؟ 
ڪيستائين جان کي آزارجي؟

ڏينھن جو ھرگز نـ ڏيئو ٻارجي
نانگ کي جيئرو نـ ڇڏجي، مارجي

پيٽ سان پٿر ٻڌي، مھراڻ مان
پاڻ کي جي تارڻو آ، تارجي

پر ھڻي، ٿو ڏند ڏيکاري ڇڏي
دل نـ ٿي چاھي تـ چمڙو ڌارجي

اڄ جي يارن سان رکي ياري ”اميد! “
ڄڻ تـ ڊنگھرن تي اٽو ٿو ھارجي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اسان جي عمر ئي ڳاري، پڇو ٿا: ڪيئن پئي گذري؟

غزل

امراقبال

اسان جي عمر ئي ڳاري، پڇو ٿا: ڪيئن پئي گذري؟ 
ھٿن سان پاڻ ئي ماري، پڇو ٿا: ڪيئن پئي گذري؟

ڏسو ٿا پرڀرو بيھي، اکيون مرڪن اوھان جون ٿيون
ھوا ۾ ديپ جيان ٻاري، پڇو ٿا: ڪيئن پئي گذري؟

سموريون تلخيون سائين!،اسان جي ئي طرف سوري 
اڌيڪي جام جيان ھاري، پڇو ٿا: ڪيئن پئي گذري؟

ڏسو! ڪي گھاو گلڙن جيان، ٽڙيا ھن دل جي ڌرتيءَ تي
گھنگھر ۾ جيءُ پيو گهاري، پڇو ٿا: ڪيئن پئي گذري؟
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

پيار وارا پيچرا تاريو اچان

غزل

وسيم سومرو

پيار وارا پيچرا تاريو اچان
واءَ ۾ خوشبوءِ ٿو هاريو اچان

اڄ بہ اونداهي تکي طوفان ۾
مان اميدن جو ڏيئو ٻاريو اچان

موسمن جا رنگ سڀ مُٺ ۾ کڻي
تو طرف ٿو وقت کي واريو اچان

آخري ڀيرو جتي وڇڙيو ھُئيين
مان انهيءَ ٿو موڙ کي ساريو اچان

ڪين مان گھٻرائيان ڪنهن ڪُن کان
ڪاش سُھڻيءَ جئن گهڙو تاريو اچان

ڇو شهر آهي ويو پٿرائجي
زندگيءَ توکي ٿو جھُونگاريو اچان

مان سٽن ۾ جوت نيڻن جي ڀري
نقش جيون جا ٿو سينگاريو اچان

سج جيئن احساس جي گرمي ڏئي
ٿو بتن جي برف کي ڳاريو اچان

آئون پنهنجي پيار جون هڪ هڪ ڪري
پاڻ سان ڳالهيون ٿو ويچاريو اچان

ٿي اکين ۾ خواب ساحل جو وسيم
سمنڊ مان ٻيڙي ٿو هاڪاريو اچان

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

روز تارن ۾ اوجاڳا، اٽڪي پون

وائي

عبد الغفار تبسم

روز تارن ۾ اوجاڳا، اٽڪي پون
ننڊ ڪيئن آئون ڪريان.

لمحا ڪوڪا ۽ ڪنڊا ٿي، ٽُنبجي پون
ننڊ ڪيئن آئون ڪريان.

سمونڊ ويرون ساروڻيون، لهن ۽ چڙهن
ننڊ ڪيئن آئون ڪريان.

ڀورا ڀورا ٿي، شيشا اکين ۾ ڀُرن
ننڊ ڪيئن آئون ڪريان.

تنهنجي تاڃي پيٽي مان، نه نڪري سگهن
ننڊ ڪيئن آئون ڪريان.

يادون ديويءَ جي جُڳهٽي جين جهَپُ هڻن
ننڊ ڪيئن آئون ڪريان.

مون کي بولائيو هو، ازل کان پرين
ننڊ ڪيئن آئون ڪريان.
 ..

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>