امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


23/01/2016

مچ مٿان ڪي سچ جا ساکي، آيا ميڙو ٺاهي



وائي

قمر شهباز

مچ مٿان ڪي سچ جا ساکي، آيا ميڙو ٺاهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

ڪاريءَ ڪڪريءَ مان برسي، ڪالاٽ لهوءَ جي آهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

پنڌ پري آ، پنڌ پري آ، آءُ لاڳاپا لاهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

جيسين دم آ، غم ئي غم آ، سانت سکن جي ناهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

تنهنجي منهنجي اک جو اُلڪو، بيٺو سينو ساهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

اڄ جا سپنا ڪلهه جون يادون، کلندي چڙهنديون ڦاهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

مَڇ ته ڏاڍو مڇريو آهي، بَڇ تي بيٺو باهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

19/01/2016

ڊسمبر لڙڪ لاڙيندي ڇڏي ويو جنوري پويان

نظم

ايوب گُل

ڊسمبر لڙڪ لاڙيندي ڇڏي ويو جنوري پويان
پراڻيءَ ياد جي پيڙا اکين جي پاند ۾ پائي
وري ڪنهن دار ڏي دل جي وکن کي پيا وڌايون ٿا
هلڻ جو حوصولو ناهي مگر رڪجڻ روا ناهي
چئي وئي خواب کان ٻاهر پري ڪنهن شهر ۾ ملنديس
پتو ان جو پڇايون ٿا ستارن جو جهلي دامن
چئون ٿا پار ڪهڙو آ؟ اهو ڪهڙو نگر آهي؟
جتي ان خواب جي تعبير ممڪن ٿئي؟
اهو ڪهڙو شهر آهي؟ ڀلا ڪهڙي ڏسا آهي؟
هلي ٿو موت پيڇي ۾، گهڙيون ڪجھ آخري پويان
ڊسمبر لڙڪ لاڙيندي ڇڏي ويو جنوري پويان!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

12/01/2016

ڪي ڪي ماڻهو تاريخن ۾ نقش اڀاري ويندا هِن

جمن دربدر

هي دنيا هل چل جي بستي هتِ ماڻهو ايندا ويندا هِن
چار گهڙيون مهمان رهي پر لوڪ پداري ويندا هِن

اڪثر ماڻهو بعد مرڻ جي ياد نه ڪنهن کي ايندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو تاريخن ۾ نقش اڀاري ويندا هِن

اڪثر ماڻهو موت جي ڊپ کان هر هر جيئندا مرندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو جيئندي جيئندي موت کي ماري ويندا هِن

اڪثر ماڻهو پاڻ جيئڻ لاء قوم کي ماري ويندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو مرندي مرندي قوم جيئاري ويندا هِن

اڪثر ماڻهو مَتِ جا موڙا پاڻ نه پنهنجا ٿيندا هِن 
ڪي ڪي ماڻهو نسلن جي تقدير سنواري ويندا هِن

اڪثر ماڻهو مستانن تي ڪوڙي فتوا ڏيندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو اناالحق جي تند تنواري ويندا هِن

اڪثر ماڻهو عهدي خاطر پاڻ وساري ويندا هِن 
ڪي ڪي ماڻهو دربدر ٿي وقت گذاري ويندا هِن​
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/01/2016

سچ کي سجدو ڪجي ۽ پيار جي پوڄا ڪجي

غزل

رفيق جعفري

سچ کي سجدو ڪجي ۽ پيار جي پوڄا ڪجي
ٿورڙي هن زندگيءَ ۾ ٻيو ڀلا ڇا ڇا ڪجي

پوپٽن جي پار ڏي وڃڻو اٿم
ڪو هلي ڀلِ سونهن جي ڳولها ڪجي

پنهنجي منزل آهي هاڻي طورِسينا کان پري
پوءِ ڇو رستي ۾ ڪنهن ديدار جي چِنتا ڪجي

خوب سمجهون پيا اشارن جي زبان
سوچ ۾ آهيون ته هاڻي ها ڪجي يا نا ڪجي

انڊلٺي رنگن جي دنيا آ رفيق
زندگي پر مختصر آ ڇا ڪجي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

04/01/2016

هڪ ڏيک يادگيري، هڪ شام جو تصور

غزل

حسن درس

هڪ ڏيک يادگيري، هڪ شام جو تصور
کڙندڙ گلاب آهي، هڪ نام جو تصور

کلندي خمار جيڪي کيڪار ڪن خيالي
جڙندو انهن اکين مان آ جام جو تصور

نيري نهار، تائين آهي لکيو پيو ڄڻ
پڃري سندو پکيءَ لئه اڏام جو تصور

مرڪي ملڻ جو ماڻو کلندي رسڻ جو خٽڪو
آغاز جو انديشو، انجام جو تصور

هي شهر، گھر مٽيءِ جا ۽ دونهن جهڙو ديس
منظر اداس، عورت ۽ گام جو تصور

شهرت ڪين گھرجي، ڇو پئي ڊڪي پٺيان
مشهور ڪيڏو ٿيو آ گمنام جو تصور

هڪ خاص ڳالهه آهي، توکي ٻڌائڻي
هي عشق نيٺ ٿيندو عام جو تصور

مون کي خدا هو خلقيو، يا مان خدا کي خلقيان
بندي اڳيان آ بيٺو بس رام جو تصور

هر ٻج ٻار وانگي ڌرتي ڄڻي پئي
هر وڻ وڏو لڳي ٿو ڪنهن لام جو تصور

هئه هئه حسن هي ڪيڏيون ڪرامتون
دک درد به لڳي ٿو آرام جو تصور ​
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>