امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


28/07/2015

دُکَ جي نه پُڄاڻي آ هر شخص ڪهاڻي آ

غزل

اياز گل

دُکَ جي نه پُڄاڻي آ
هر شخص ڪهاڻي آ

تون، مان ئي اَياڻا هئون
دنيا ته سياڻي آ

هر پيارَ کي ٻوڙي ٿو
رسمون، اُهو پاڻي آ

ڏِيئي کي سلامت رکُ
جي لاٽَ اُجهاڻي آ

اِحساس بنان ماڻهو
اَخبار پُراڻي آ

سڀ ڌُوڙ ڪري ويندي
جا ڌُوڙِ اُڏاڻي آ

هُو، مان ۽ رُڳو ڳوڙها
ناولَ جي پُڄاڻي آ

”مون لاءِ مري وئين تون“
هُنَ تارَ اُماڻي آ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مَنَ ۾ ڪو مهمانُ، ضروري آ پيارا

غزل

اياز گُل

مَنَ ۾ ڪو مهمانُ، ضروري آ پيارا!
دردَن جو درمانُ، ضروري آ پيارا!

دِل روئي پر مُرڪَ چَپن تي رکڻي آ
دُشمنَ تي دهمانُ، ضروري آ پيارا!

هوريان هوريان هُن کان دُور هليو وڃبو
سُورن جو سامانُ، ضروري آ پيارا!

بيشڪ سارا روپَ رکو ڀل ماڻهوءَ جا
اَندرَ ۾ انسانُ، ضروري آ پيارا!

ڪڏهن لِڪائي رکجي پيارُ زماني کان
ڪڏهن اهو اعلانُ، ضروري آ پيارا!

ڄاڻان ٿو مشڪل آ، گڏجڻ ۽ پرچڻ
رکجي پر اِمڪانُ، ضروري آ پيارا!

دردَ، دِلاسا، اُلڪا، آسون، سانڍڻ لئه
دِل جهڙو گُلدانُ، ضروري آ پيارا!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ساوَڪ رُت ۾ سانورا هيل نه آئين تون

شيخ اياز

ساوَڪ رُت ۾ سانورا هيل نه آئين تون،
آيا سَرءُ ڏينهڙا

هَنجَ اُڏاڻا، سَر سُڪا، ڪُڄاڙيون ڪوُڻيون!
آيا سَرءُ ڏينهڙا

آهن اُتر واءُ جُون آتڻ ۾ اوتُون،
آيا سَرءُ ڏينهڙا

مان ۽ آرٽَ اُٻاڻڪا، چار جڏيون جيڏيون!
آيا سَرءُ ڏينهڙا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/07/2015

ڪاڪ ڪنڌيءَ تي، ڀيڄ ڀنيءَ ۾ ڪيئي ڪنول ٽڙيا،



غزل
 
عبد الواحد آريسر

ڪاڪ ڪنڌيءَ تي، ڀيڄ ڀنيءَ ۾ ڪيئي ڪنول ٽڙيا،
جڏهن خوشيءَ ۾ مهڪيا، تنهنجا نيڻ نماڻا ها.

شعلا شعلا تنهنجون نگاهون، چپ ڄڻ آگ الا،
آءُ اياڻو ڪيئن ڄاڻان هي، مومل ماڻا ها.

ڪنڌ ڪپيل ۽ جسم سڄي تي، انڊلٺ ريکائون،
ڪنهن کي ڳولين پئي ڳهيلي، تنهنجا راڻا ها.

اڀ سڄي ۾ اڄ پيا ٽمڪن، ڪيئي ٽانڊاڻا،
ڪارونجهر مان رت ڦڙا جي ڪالهه اڏاڻا ها.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/07/2015

هاڻي آءُ هلي، آيا سانوڻ مينهنڙا



وائي

مجيب سنڌي

هاڻي آءُ هلي،
آيا سانوڻ مينهنڙا

ٿر بر آ سائو ٿيو
مهڪي مند ڀلي
آيا سانوڻ مينهنڙا

موسم ڏس ملهار جي
کنوڻين ساڻ کلي
آيا سانوڻ مينهنڙا

رنگ نرالا مينهن جا
ڌرتيءَ جھول جھلي
آيا سانوڻ مينهنڙا

مجيب تو لئه ٿو سڪي
اڄ مل تون به کلي
آيا سانوڻ مينهنڙا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

01/07/2015

ڪائي گهٽا گڙي ٿي، نه بادلن جو پهرو

غزل

گلشن لغاري

ڪائي گهٽا گڙي ٿي، نه بادلن جو پهرو،
اي چنڊ! ڇا لئه آهي تنهنجو اداس چهرو؟

ايامن کان اڪيلو مون جيان تون آهين
نه ڪو ساٿي تنهنجو، بس گهاءُ دل تي گهرو

ٽٻيون هڻي پيو سنڌوءَ جي آرسيءَ ۾ 
سنسان رهگزارون ۽ تون صفا اٻهرو

بن بن منجهه ڀٽڪي جهاتيون سدا ٿو پائين
تنهنجو تي عشق جي بربادين ۾ بهرو

آڪاش منجهه اوچو قائم ازل کان آهين
حسن ازل جو سجيل تنهنجي ئي سر تي سهرو

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جي سُهڻو پاڻ سڏائي ويا

مير عبدالحسين سانگي

جي سُهڻو پاڻ سڏائي ويا
البيليون اکيون اٽڪائي ويا
چپ چاشنيدار چکائي ويا
ستي سُورن کي ته جَڳائي ويا
اڃا هاڻ هتي هئا يار پرين
دلبند سَڄڻ دلدار پرين
غمخوار مٺا منٺار پرين
جي پيچ پيارل پائي ويا
هتي دردن جا ته دڪان هئا
هِت سورن جا سامان هئا
وڏا شوخن جا هت شان هئا
سي هاڻي ماڳ مَٽائي ويا
هئا معشوقن جا ماڳ هِتي
هئا رنگ ۽ روپ ۽ راڳ هتي
هئا برهه وارن جا ڀاڳ هتي
سڀ ڦيري ڏيئي ڦٽائي ويا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>