امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


24/12/2015

روز ٻي صورت بڻائي دردَ جي

غزل

رضا بخاري

روز ٻي صورت بڻائي دردَ جي
وقتُ ٿو معنيٰ مَٽائي دردَ جي

گهاوَ ڪنهن منَ جا وري آهن ٽِڙيا؟
مُندَ ٿي خوشبو ورهائي دردَ جي

دل کڻي بازار مان واپس وريس
ڪيرُ ٿو قيمت لڳائي دردَ جي

گيتُ ڪو هُن لئه خوشيءَ جو مان چوان
هُو چوي ٿو ڌُن وڄائي دردَ جي

رات جا سُنسان رستا ٿي رُلي
چاندني پوشاڪ پائي دردَ جي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/12/2015

ڊسمبر تو بنا اهڙو


نظم

ايوب کوسو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
وفا جا ورق اُڏرن ٿا
ڪٿا جا فرق اُلرن ٿا
اڌوريءَ عاشقيءَ جهڙو
ڊسمبر تو بنا ڪهڙو
ڊسمبر تو بنا ڪهڙو
هُجي ڄڻ ٻار جو لاشو
وڇوڙيل ڪونج لئه ڪاڇو
اڪن تي رات اونداهي
گٽر ۾ چنڊ جو پاڇو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
گگهي جي گهير جو سُڏو
اُگهاڙي پير جو سُڏڪو
دريا جي سُوڪ جو منظر
اڪيليءَ ٻير جو سُڏڪو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
سفر جي راهه ۾ رِڻ پٽ
پُسيل برسات ۾ ڪونڀٽ
سِتارو آخري اُڀ جو
هٿن ۾ ٻار جي پوپٽ
قبر تي چاندنيءَ جهڙو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
ڊسمبر تو بنا اهڙو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

11/12/2015

تهنجي ئي آ تات ساري ساڻ هلندي


غزل

رخسانه پريت

تهنجي ئي آ تات ساري ساڻ هلندي
عمر ڀر جي بيقراري ساڻ هلندي

آ ازل کان ابد تائين نينهن پنهنجو
تُھمتن جي سنگ باري ساڻ هلندي

ڏات ڏاوڻ سوچ ۾ آهن اسان جي
هيءَ اسان سان گيت ڪاري ساڻ هلندي

هڪڙو لمحو سونهن جي جلواگري هئي
دور تائين تابڪاري ساڻ هلندي

پيار جي پالوٽ ۽ پهلو پرينءَ جو
پاڻ سان هيءَ رازداري ساڻ هلندي

جا گهڙي تو عمر ۾ مون سان گذاري
سا اسان سان عمر ساري ساڻ هلندي

ساڀيائين جو سفر سارو اسان جو
اک هر ڪا خواب واري ساڻ هلندي

عاشيقن جون ڪي نيون شمعون جلايون
ڪيستائين رات ڪاري ساڻ هلندي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

10/12/2015

رات کان ڪٽجي وئي آ چاندني

غزل

رضا بخاري

رات کان ڪٽجي وئي آ چاندني
ڪٿ ڀلا رهجي وئي آ چاندني؟

او مِٺي! تو جو اکيون پوري ڇڏيون
پيچرو ڀُلجي وئي آ چاندني

وڻَ ڪناري تان ڏٺو حسرت منجهان
ڍنڍ سان ٻکجي وئي آ چاندني

دل ته منهنجي آ جدائيءَ ۾ جَلي
خاڪ ڇو بڻجي وئي آ چاندني؟

لفظ ڪاغذ تي نچن ڪرڻن جيان
سوچ ۾ ڀرجي وئي آ چاندني


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

09/12/2015

عشق وارن کي ملن ٿا ڪيترا رستا نوان

غزل

رخسانه پريت

عشق وارن کي ملن ٿا ڪيترا رستا نوان
ڪيتريون سوچون نيون ۽ ڪيترا نقطا نوان

زندگيءَ سوڙهو ڪيو هو سوچ ۽ هر ساهه کي
پو ڀي ڏسنداسين جيئڻ جا پيا اسين سپنا نوان

موهه جي شڪتي سان ڊاهي ڊوهه کي وجهبو هتي
ٿي پون پيدا اگر من جي اندر جذبا نوان

حوصلا هن جا حوالا ويا ٻريا تاريخ ۾
هُو سدا سهندو رهيو تاريخ جا هاڃا نوان

پيڙهه ٻنهي جي پيار پائي درد پيو دل کي دکائي
۽ وري ڪو روح تي چاهي پيو قبضا نوان

ياد آ ، يا ڄڻ ڪوئي طوفان آ من ۾ اٿيو
چنڊ اوجاڳن جا هن آڇيا وري تحفا نوان

پيا پڇن ڪيئن ٿا ڪريو هي شاعري تن کي چئو
نينهن لکرائيدو آهي روز هي نغما نوان


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

04/12/2015

اسان لئه سنڌ وطن آهي، اسان کي روح تي پاتل ،اسان لئه ڄڻ بدن آهي


(سنڌ ورهائڻ واري ڏانهن هڪ پيغام)

سردار شاهه
اسان لئه سنڌ وطن آهي
اسان کي روح تي پاتل
اسان لئه ڄڻ بدن آهي
اِها ئي آ زمين منهنجي
اِهو منهنجو گگن آهي
اِها ئي بهشت منهنجي آ
اِهو باغِ عدن آهي
اِهو آهي اندر منهنجو
اِهو دل_ديس منهنجو آ
بنا جنهنجي اگهاڙو مان
وطن ئي ويس منهنجو آ
چوين ٿو جسم منهنجي تان
اِهو تون ويس لاهيندين
ڪري لِيڙون لڱن جون، تون
بدن منهنجو ورهائيندين
ڪندين ٽڪرا محبت جا
نوان نقشا بڻائيندين
اِهي ناٽڪ رچائيندي
لِڪي جي وار ڪرڻو ٿئي
اسانکي روح پنهنجي کان
اگر جي ڌار ڪرڻو ٿئي
اچي ڪو خون جو درياه
اول سو پار ڪرڻو ٿئي
اِهي ٻهروپ ڄاڻون ٿا
اِها رڳ رڳ سڃاڻون ٿا
نه ڪوئي دِين تنهنجو آ
“دِلي” جا ٺڳ ! ڄاڻون ٿا
سدا تون نانَ جو نوڪر
مٽيءَ جو مانَ ڇا ڄاڻين
اندر جا دُوار کولي تون
ڪرڻ مهمان ڇا ڄاڻين
ڏين جي جيءُ ۾ جايون
اِهي احسان ڇا ڄاڻين
نه ڪو آهي وطن تنهنجو
نه ڪا آهي مِٽي تنهنجي
صفا تاريڪ غارن جان
اِها دل جي گهٽي تنهنجي
لِڪي تون ويهه لنڊن ۾
نڀائي نانگ سان رشتا
وڏن تنهنجي صدين کان جي
ڪيا پي نانگ سان رشتا
مهاجر سوچ تنهنجي آ
سدائين جا رُلي آهي
اِها هجرت نصيبن ۾
ازل کان ئي لِکي آهي
سدا تو لڄ لالچ تي
وِڪي آهي ، وِڪي آهي
غلاميءَ کي ڳچيءَ ۾ تو
سدائين هار جيئن پاتو
ڪڏهن تو “مير” “غالب” کي
ڪٿي هو پيار جيئن پاتو ؟
سچل جو سُنگ ڇا آهي ؟
لطيفي لات ڇا ڄاڻين
سندن پُرنور آسڻ ۾
رهي ڪا رات ڇا ڄاڻين
سِڪن تي او سمهڻ وارا!
ڏکن جي ڏات ڇا ڄاڻين
گنگا_ جمنا جي پاڻيءَ سان
نڀايو ڪو نه تو ناتو
سنڌو جي جل تي جيئندي
سنڌوءَ سان وير تو لاتو
سنڌو جو پيءُ آ منهنجو
سنڌوءَ جا ماءُ وانگر آ
گلن جهڙا ٻچا جنمي
سنڌوءَ جا واءُ وانگر آ
اسان ڪا ٿڃ ٿوهر جي
نه پيتي آ ، نه پيئندا سين
سدا ممتا جي جهوليءَ ۾
جُڳن جا جُڳ جيئندا سين
اُتر ، ٿر ، لاڙ ۽ ڪاڇو
اجهو پيا ڄڻ ڳچيءَ تنهنجي
ڍنڍون ، ڍورا ، سنڌو ساگر
وطن جا وڻ ڳچيءَ تنهنجي
جڏهن هي وِڄ جيئن وانگِي
تکي ڪا ڊوڙ ٿي ايندا
هزارين ۽ لکين هن اڄ
ڪڏهن تان ڪوڙ ٿي ايندا
ڪلاچيءَ ڪُن پيو ڪنبندو
جڏهن گجگوڙ ٿي ايندا
اهي نقشا به تنهنجي لئي
ڳچيءَ جو نوڙ ٿي ايندا
وطن جي راه ريٽي سان
کِلي کيڙي سمهڻ وارا
لهوءَ جي لال لولين ۾
اِهي جهيڙي سمهڻ وارا
مٽيءَ کي ڏئي مٿان پنهنجي
وطن ويڙهي سمهڻ وارا
وطن ۾ ساه جن جو آ
وطن جن جو بدن آهي
وطن جو جن پڙهيو ڪلمو
وطن تن لئه ڪفن آهي
اسان لئه سنڌ وطن آهي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مرڻ جو روز سوچين پيو مرڻ ۾ ڇا رکيو آهي؟



نظم 

سردار شاهه

مرڻ جو روز سوچين پيو
مرڻ ۾ ڇا رکيو آهي؟

حياتيءَ ۾ ڪجهه هلڪو ٿي
هوائن تي هلي ڏس تون
وِڄُن جي واڳ وٺ هٿ ۾
گهٽائن تي گهُمي ڏس تون
زمين کوٽين ۽ پورين پيو
سدا سوچي اڳيون جڳ تون
وصل جا کيت چارين پيو
وڇوڙن جا وٺي وڳ تون
مڃون ٿا هڪ جنم آ هيءُ
جنم ۾ سئو جنم جي وٺ
ڪڏهن تون پاڻ پوڄا ٿي
ڪڏهن سهڻو صنم جي وٺ
ملڻ جي مهل ماڻي وٺ
ڇڏي ڏي تون جدائيءَ کي
ڪڏهن تو ڪونه سمجهيو آ
خيالن جي خدائيءَ کي
ڪٿي آ دشت امڪان جو ؟
وڏي آ ديد جي دنيا
رُلي سوئي ويو آ ،جنهن
ڇڏي آ ديد جي دنيا
اگر ماڻهو مٽي آهي
مٽي مرڻي ڪڏهن ناهي
گذر تنهنجو جتان ٿيندو
گهٽي مرڻي ڪڏهن ناهي
ڇڻندا گل برابر پيا
گلن جو واس ڪيئن مرندو؟
ازل ۽ ابد جي وچ ۾
سدا پيو واءُ ۾ ترندو
اڃا تائين ٽڙيو ناهين
ڇڻڻ جو روز سوچين پيو
مرڻ جو روز سوچين پيو
مرڻ ۾ ڇا رکيو آهي؟
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

30/11/2015

ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي،


ايوب کوسو

ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي،
جو وڇڙڻ لئه ڪو بهانو به گهرجي!
وسارڻ لئه ڪوئي فسانو به گهڙجي!
ضروري ته ناهي جو سانجهيءَ جي ويلي،
ڪنهن ڏيئي جي ويجهو اداسيءَ ۾ ويهي،
پَني جي چپن تي هِي لکجي ته جانان،
ها توکان سواءِ اڌورو مان آهيان!
۽ لکجي ته مونکي ڀنل شام ٽاڻي،
گهڻو ياد ايندي، ها ايندي تون آهين!
ضروري ته ناهي جو ساحل تي وڇڙي،
وري ڪنهنجي پيرن جي خوشبوءَ جو پُڇجي!
۽ آڌي جو تنها ٿي رستن تي رُلجي!
ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي!
جو دل جي شهر جي سڄي هيڪلائي،
ستارن جي دل کي ٻڌائي به ڇڏجي!
ضروري ته ناهي جو پاڳل هوا کان،
کِلي ڪنهن جي زلفن جا احوال وٺجن!
ٿُڪي پنهنجي رَت کي رڳو خواب اُڻجن،
کڻي يادگيرن جا خيما اُڌارا،
ٿڌين موسمن ۾ ٿڌا ساهه کَڻجن!
ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي!
جو وڻجاري قدمن جي ڪنولن تي سوچي،
گلابن جو پتيون هٿن ساڻ ميڙي،
ٻه ٽي لُڙڪ هاري ڪتابن ۾ رکجن،
ڊگها درد مَن جي اکين ساڻ ٻکجن!
۽ الڪن جي ڪاري ايامن جي بَرَ ۾،
رڳو نيڻ اُگهجن، رڳو لفظ گُهٽجن،
او ڍوليا او جانم! ضروري ته ناهي،
جو ماڻهو اجايو پٿر تي نسورو،
کڻي خاص موسم جي آرن ۾ وڇڙي،
۽ وڇڙڻ لئه ڪوئي بهانو به گهڙجي،
گهڻي دير تائين ٿِي سگريٽ سَڙجي،
او دلبر پيارا ضروري ته ناهي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

آئون ويس تو مان اڏامي ڪونه پئي توکي خبر

غزل

ايوب گل

آئون ويس تو مان اڏامي، ڪونه پئي توکي خبر،
يا ستاري جيئن اجهامي، ڪونه پئي توکي خبر.

مون جڏهن پئي ديس ووڙيا گيت جوڙيا
تون هئين ڪنهن سان آرامي ڪونه پئي توکي خبر

مون گلابن جي پتين سان نانءَ تنهنجي کي اڪيريو
تون الئه ڪنهن سان آجامي ڪونه پئي توکي خبر

تو وڻن جا ڏار لوڏيا واءَ سان ياري رکي
وٽ ڪنهنجي ٿي وسامي ڪونه پئي توکي خبر

مون ڇڻڻ جي موسمن ۾ ڦول تنهنجي لئه ڦٽايا
مون ڏٺيون واٽون مدامي ڪونه پئي توکي خبر
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

28/11/2015

اڪيلو رهڻ اڄ سٺو ٿو لڳي

غزل

ڪنعيو شيواڻي

اڪيلو رهڻ اڄ سٺو ٿو لڳي،
چپن کي سبڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

ڪڇي ڪين سگھبو، ڪئي ٿم خطا،
اندر ۾ لڇڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

ملي موٽ مونکي وهڻ کان گھڻي،
پگھر ۾ پسڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

وڏن سان رهي مون وڏائي سکي،
وڏن وٽ جھڪڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

اڌارن پرن سان اڏائي ڏٺو،
زمين تي لهڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

مڃي ڳالهه دل جي، تڪان ٿو کڻي،
امان جو اڱڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

مرڻ ۾ ملي ٿي خدائي خوشي،
خوشيءَ ۾ مرڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تتر تيز اڏار، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

وائي

شيخ اياز

تتر تيز اڏار
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

اچ رنڱي وٺ هٿڙا
لائي مينديءَ ڏار
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

متان گل ڇڻي وڃن
ڏيئي مند ميار
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

مند نڀائن ڪين ٿا
ڪنهن سان ڪارا وار
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/11/2015

زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين



غزل

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي

زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين،
مرڻ کان اڳي ئي مري جي ڏٺوسين.

ٿياسين نه محبوب ڪنهن جا ته ڇا ٿيو،
محبت ۾ ڪنهن تان فدا ٿي ڏٺوسين.

دغا ڪانه ڪنهن سان ڪئيسون ڪڏهن ڪا،
مگر پاڻ دوکو به کائي ڏٺوسين.

روئڻ جو ته ڪاٿو اصل ڪونه آهي،
اٿئون ڏک اهو جو نه مرڪي ڏٺوسين.

زخم زندگيءَ ۾ نه ڪنهن کي رسائي،
وري پاڻ سئو وار ڦٽجي ڏٺوسين.

سٺيوسين گهڻيون ئي گرم تر هوائون،
سهي سرد موسم سندو سي ڏٺوسين.

گهڻو وقت گڏجي گذاري سڄڻ سان،
فراق محبت ۾ ڦٿڪي ڏٺوسين.

سُکن مرتضيٰ کان ڪئي موڪلاڻي،
ڏهاڙي ڏکن منجهه تڙپي ڏٺوسين.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دشمنن جي ناه پرواه، دوستن ماري وڌو


غزل

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي

دشمنن جي ناه پرواه، دوستن ماري وڌو،
گهڻ گهرن جو ويس پائي مٺ گهرن ماري وڌو.

غير آخر غير آ. ڪهڙي پراون تي ميار
پر هتي پنهنجن منافق ميسڙن ماري وڌو.

جن کي پالي ۽ پڙهائي الف انب سيکاريم،
ظلم آهي اڄ اکيون پوري، انهن ماري وڌو

صورتون اجريون اڇيون ۽ سيرتون ساريون سياه،
اندر جي ابليس اهڙن، منهن مٺن ماري وڌو.

دوستي جو جن رکيو، دوکن فريبن تي بنياد،
تن  دغابازن، لٽيرن ۽ ٺڳن ماري وڌو.

واٽ ڏيکارڻ لئه جيڪي سفر ۾ سونهان کنيم،
مون مسافر کي سفر ۾ تن، سونهن ماري وڌو.

پاڻ پنهنجي گهر رکيا مون، چور چوڪيدار پوء
هاڻ چوندو ٿو وتان، ير ويرين ماري وڌو.

مرتضيٰ  محبوب کي ڪئين عرض ۽ آزيون ڪيم،
آ اڃان بس اڄ سڀان، جي آسرن ماري وڌو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سياه زلف سهڻا، سائين سنوارين ٿو مارين،

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
سياه زلف سهڻا، سائين سنوارين ٿو مارين،
کڻي تير نظرون، نهارين ٿو مارين.

ڀري جام حنائي هٿن سان،
شرابِ محبت لڳائي لبن سان،
پيارا اسان کي پياري ٿو مارين.

سلامي ڀريندي سڄڻ سال ٿي ويا،
ڀلائي ڪريو ڪا برا حال ٿي ويا،
دلاسن سان دلبر، ڌتارين ٿو مارين.

ڪري دل جو دل ساڻ واپار هاڻي،
اچڻ کان ڀلا ڇو اٿئي عار هاڻي،
پرين پهر پاسي گذاري ٿو مارين.

هميشه وفا جا ڪري قول ڪهڙا،
ٻيائي نه ٿيندي ٻڌي ٻول ڪهڙا،
وري مرتضيٰ کي وسارين ٿو مارين.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

25/11/2015

اي سنڌ مون، تو لاءِ ڄڻيو سنديار آ

غزل

ماهين هيسباڻي

اي سنڌ مون، تو لاءِ ڄڻيو سنديار آ،
ماڻهو مِٺو هي مُحسن، يارن جو يار آهي.

خدا جي قهر کان ڊڄو، ڪافر نه چئو مونکي،
جنت کان وڌ چوٽ جو، سنڌوءَ سان پيار آ.

ماکي نه آهي اهڙي مِٺي، جهڙي زندگي،
اهڙي نه ٿي کپي جا، ڌرتيءَ کان ڌار آ.

 جُڳن کان جنگ پيو وڙهي ۽ سنڌ لئه سڙي،
ظالم ڪيو صدين کان، جنهن کي سنگسار آ.

سيد پيئاري سُرڪ آهي، جنهن کي عشق جي،
مستيءَ مان جهومي ٿو چوي، دل تار تار آ،

بيهو اي بادلو مِلو، منصور مرد سان،
سوري سجايو ڪانئرو، هيمو تيار آ.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

درد به ساڳيو، سور به ساڳيو

غزل

ماهين هيسباڻي

درد به ساڳيو، سور به ساڳيو،
مرد سچو، منصور به ساڳيو.

محبوب سدا محوِ عبادت،
عشق، حُسن حضور به ساڳيو.

چندر چِتائي، ويٺو مُرڪي،
جيڏو ويجهو، ڏور به ساڳيو.

ساڀيائون سڀ، پيليون پيليون،
پن ڇڻ ساڳي، ٻُور به ساڳيو.

جهاتي پاتم، جوڳياڻيءَ جي 
جهور اکين ۾، پُور به ساڳيو.

حال پڇڻ تي، روئي ويٺي،
سنڌ به ساڳي، سُور به ساڳيو.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/11/2015

طبيعت بي مزي آهي، ڪٿي ڪو چين ئي ناهي



غزل

فياض حسين جتوئي

طبيعت بي مزي آهي
ڪٿي ڪو چين ئي ناهي

اداسين جو ڳنڊيو رشتو
اوهانکي او پرين چاهي

اڃان آلي قبر آهي 
ڇڏيو تو جيءَ تان لاهي

ڇڏي اُسَ ۾ اسانکي هو
پيو ٿو ڇانوَ ڏي ڪاهي

حياتي جو ڪچو جهوپو 
ازل کان وقت ٿو ڊاهي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

21/11/2015

ٿينـدو رهـيـس پراڻـو محـبت ڪري ڪري

غزل

مخدوم امين فهيم

ٿينـدو رهـيـس پراڻـو محـبت ڪري ڪري
پٿر جو بت بڻيس مان عبادت ڪري ڪري

شارح هزارين موت جي واديءَ ۾ ويا هليا
عنوانِ زندگيءَ جي وضاحت ڪري ڪري

ڪعبي منجهان به ڪونه مليو گوهرِ مراد
ٿڪجي پَياسُون نيٺ عبادت ڪري ڪري

تو زندگي به ختم ڪئي پنهنجي اي صنم
مون جهڙي بي وفا سان محبت ڪري ڪري

فسانهِ حيات ڪبو ختــــــم اي فهيـــــــــم 
يادن جي داستان جي حفاظت ڪري ڪري


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

20/11/2015

سخي پيا کي ملين ته چئجانءِ ته چاندني تو سواءِ نه ٿيندي

غزل

شيخ اياز

سخي پيا کي ملين ته چئجانءِ ته چاندني تو سواءِ نه ٿيندي
اچين ته منهنجي اُماس ۾ آ ڇوته ٻي رات ڪانه ٿيندي

ڪڏهن به تو تي دوار دل جا نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آءُ
ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا متان چوين آجيان نه ٿيندي

پکي پروڪا اڃان نه آيا اُڪير تن جي هُلي رهي آ
اداس سر تي هوا اُٿي ٿي چوي پئي ڪا اڏار ٿيندي

هي ديپ دونھاٽجي ڪڏھن نا لا ٽ جي لاٽ شال جرڪي 
پرهه پري آ پتو نه آهي هي رات ڪيسين ڏهاڳ ڏيندي

پرارتي ڪا پڪار آهي مگر اڳيان تک تار آهي 
ڪٿي اسان جي پڪار آهي ”اياز“ کي ڪيڏانھن ناو نيندي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪير آهي ڪک نه ٿو توتي سهي


غزل

غوث پيرزادو

ڪير آهي ڪک نه ٿو توتي سهي
توسوا هي ڪونه ٿو ڪنهن سان ٺهي

هي صدين کان ٿو تڪي آڪاس ۾
واءُ جو جهوٽو اجهو ڄڻ پتو لهي

ڪنڌ ورائي ڀي نه تو مون ڏي ڏٺو
برج هينئڙي_ ڪوٽ جو پيو ٿو. ڊهي

منهنجي اندر سوڳ جو منظر رڳو
ڪير مون ۽ سڌڪندو ئي ٿو رهي

طاق تي ٻاري ڏيئو پيئينءَ سمهي
ڪو هوائن ۾ ڀلا ائين سمهي

ڇو ڀلا جهولي جهليون بيٺو هجان
ڇو ڀلا هو مسلسل مون تي بهي

ڪر ڀلا آزاد گهايل روح کي
ڪيترو هن کي کڻي جيون ڳهي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

19/11/2015

اسانجو عشق هي آخر، غلامي کي ٿڏي وجهندو



اسانجو عشق!

حسن درس

اسانجو عشق هي آخر،
غلامي کي ٿڏي وجهندو،
اسان کي چونڊ آ ڪرڻي ته،
پنهنجو پيار ڪيئن هوندو؟
اسان جي محبتن جو ،
مک مهانڊو ڪيئن هجڻ گهرجي،
اسان کي هن هوا تي،
پير ڏيئي ڪيئن هلڻ گهرجي،
اسان جو سور ڇا آهي،
انهي کي ڪيئن سلڻ گهرجي،
اسين پنهنجي وڇوڙن جي به،
ڪريون وارثي ويهي،
اسين پنهنجي ملڻ جي،
مالڪي به خود ڪريون بيهي،
اها مرضي اسان جي آ،
اسين ڪيئن ٿا ملڻ چاهيون،
رسڻ تي ڪيئن ٿا روئون،
۽ خوش ٿي ڪيئن کلڻ چاهيون،
اسين پنهنجي محبت جي،
سدا نرمل نشانين کي،
ڀلي مهنگو ڪري ڀانيون،
ڀلي سستو ڪري سمجهون،
اسين پنهنجي حياتين جا،
ڪريون ته فيصلا ڪهڙا،
اکيون ڪيئن ٿا ڍڪڻ چاهيون،
اسين پنهنجي اداسين جون،
ڳليون ڪيئن ٿا گهمڻ چاهيون؟!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/11/2015

سڃ رستن ۾ ڀي شهر ٿو لڳين



غزل

اختر درگاهي

سڃ رستن ۾ ڀي شهر ٿو لڳين
اي پرين ! باک جو پهر ٿو لڳين

زندگيءَ جي ڏُکي سفر ۾، بس
تون ئي آهين جو همسفر ٿو لڳين

ڪيڏو گم سم آهين خيالن ۾
ميڻ آهين مگر پٿر ٿو لڳين

ڪيئن توکان ڀلا ڊڄان آخر
آنءُ سقراط تون زهر ٿو لڳين

آنءُ پياسو ٿو رهان ٿر وانگي
۽ تون سانوڻ جو ڄڻ ڪڪر ٿو لڳين
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

12/11/2015

وري نه در تي اچون، پر صنم سَري ئي نٿي،


غزل

نثار بزمي

وري نه در تي اچون، پر صنم سَري ئي نٿي،
اوهان جي بي رُخي دل تي اثر ڪَري ئي نٿي.

وَسايون مينهن جيان ٿا اکين منجهان پاڻي،
اوهان جي عشق جي آتش مگر ٺري ئي نٿي.

الئه ته ڪهڙي خطا ڪئي اسان آ قسمت جي،
اسان مٿان ته رحم جي نظر ڌري ئي نٿي.

مصيبتن سان لڙي ٿا سگهون اسان ”بزمي“،
انهيءَ ڪري ئي مٿان هڪ نه ٻِي ٽري ئي نٿي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

10/11/2015

تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس



ڪافي 

مخدوم امين فهيم

تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس،
انهي رمز سان روح ريجهائينديس.

جيڪي چار گهڙيون گهاريون اٿم
تو وساري ڇڏيو نه وساريون اٿم

تنهنجو مرڪي ملڻ، منهنجو عرض ڪرڻ،
تنهنجي لاءِ جيئڻ، تنهنجي لاءِ مرڻ

تون اچين به نٿو، مان وڃان به نٿي،
جيڪا تو آ ڪئي، ڪنهن کان به نٿي،

منهنجو تون ئي سڄڻ، تو لئي ٻيون به گهڻيون،
نٿي توکي وڻان، پر تون ته وڻيون

وڃي ويهي رهئين مونکان ڏاڍو پري،
تون ”امين“ ٿي اچ نصاف ڪري،
ساري عمر کان وڌ سي پياريون اٿم.
مان ته پنهنجي پريت پچائينديس.

تنهنجي برهه ۾ سر جي بازي ڀرڻ.
توسان ناتو نيئي نڀائينديس.
تو ڇڏي به ڏنو مان ڇڏيان به نٿي
اهو سڀ ڪجهه ڀاڳ کان ڀائينديس.

ڇا جا هار سينگار، ڇا تيل ڦڻيون،
ڪيئن زوري پاڻ وڻائينديس.
تنهنجي ويئي سري، منهنجي ڪيئن سري.
ڀلا توکي ڪيئن مان ڀلائينديس
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/11/2015

ساوڻ آيو ساجن سائين ! موٽي آ تون ماڳن تي



غزل

عبد الغفار تبسم

ساوڻ آيو ساجن سائين ! موٽي آ تون ماڳن تي
ڇانوِر وانگر ڇانيل آهين، خوابن خيالن تي

ڪارن ڪارن ڪڪرن وانگر رِم جهم رِم جهم نيڻ هي منهنجا
بَرسي پوندا چُپ ڪيئن رهندا ! ايڏن گهاون تي

ماڻهو پُڇندا آهن مونکان مُنهنجو جيون ڪيئن ٿو گذري
روئي ويهندو آهيان سائين اهڙن سوالن تي

چرين وانگر پنهنجي ليکي هيڏي هوڏي ڦِرندو آهيان
ڇِرڪي ڇِرڪي پوندو آهيان پنهنجي پاڇولن تي






مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/10/2015

هڪ سنگدل سان پيار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم

غزل

محمد امين فهيم

هڪ سنگدل سان پيار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم،
دل مفت ۾ نثار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

دل، رشڪِ لاله زار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم،
هڪ راز آشڪار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

جو منهنجو ڪنهن طرح به نٿي ٿي سگهيو اي دوست،
ان سان وڃي جو پيار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

هاڻي ته صرف مرڪي نهارڻ به هن ڇڏيو،
ڇو عرض بار بار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

ڪئن اشڪِ غم کي روڪيان، مٽي ۾ ملڻ کان اڄ،
دامن به تار تار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

قاصد وري به موڪلي ويٺس جنون ۾،
مجروح دل تي بار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

اشڪِ فراق صبر جي دامن تي پيو ڪري،
ان کي به داغدار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

جو نيٺ ڪو نه آيو انهي جو ئي همنشين،
هر وقت انتظار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

دنيائ دل به هاڻ صفا ٿي ٻڏيو وڃي،
اکين کي اشڪبار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

جنهن نيٺ راز فاش ڪيو پنهنجو اي ”فهيم“
ان تي ئي اعتبار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.​
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي

غزل

مخدوم امين فهيم 

بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي،
هي خطا بارها ڪري ڏسبي.

تنهنجي هر دم ثنا ڪندو ئي رهيس،
هاڻ پنهنجي ثنا ڪري ڏسبي.

پنهنجي ماهِ لقا کان دور ٿبو،
زيست درد آشنا ڪري ڏسبي.

سنگدل آب آب ٿئي هڪدم،
آه اهڙي به ڪا ڪري ڏسبي.

سيم تن سرو قد صنم ايندو،
جان جنهن تان فدا ڪري ڏسبي.

هر شجر ۾ صبا ۾ ۽ گل ۾،
جستجو جابجا ڪري ڏسبي.

هن جو لطف و ڪرم وري به ٿئي،
گويا ٻيهر خطا ڪري ڏسبي.

جي حياتي وفا ڪئي ته ”فهيم“
عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.​


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/10/2015

پکي پرديس جا سُورج پرن پويان لڙي ٿو پيو



غزل

حسن درس

پکي پرديس جا سُورج پرن پويان لڙي ٿو پيو،
ورڙ ان واٽ تي ويٺل، اڳيان جت رڻ رڙي ٿو پيو.

لڳي وئي لاڙ سان آ لَنئون، اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون
اسان کي عشق، سارين جيئن ڇنڊي ڦوڪي ڇڙي ٿو پيو.

عمر جي آڱرين مان ڏس، ڦلن وانگي ڇڻون ٿا پيا،
سڄڻ سگريٽ، سستي جيئن سڄو ماڻهو سڙي ٿو پيو.

پُراڻو عشق پوڙهي جيئن،وڄت نڙ ڦُوڪ مان نڪتو
ملڻ هي مير محمد جو، جوانن کي جڙي ٿو پيو.

اوهان مُرڪي ملي آخر، هليا ويا شهر پنهنجي ڏانهن،
اسان جي ڳالهه جي ڳل تان، اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.

وطن ۾ بي وطن معشوق، عاشق جو ملڻ ڪهڙو،
زمانو زور تي تڙ تان، تماچين کي تڙي ٿو پيو..!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

16/10/2015

اکيون ته آرسي آهن، حجابُ ڇاجي لئه؟

غزل

احسان دانش

اکيون ته آرسي آهن، حجابُ ڇاجي لئه؟
نهار مُرڪ ٿي آڇي، نقابُ ڇاجي لئه؟

سوال هڪڙو نگاهن کان، نگاهن آ پُڇيو،
ڏيان پو آنءُ چپن سان، جوابُ ڇاجي لئه؟

نه ساڀيان جي تمنا، نه رُڃَ تي ويساھ،
اجايو نيڻ اُڻن پوءِ، خوابُ ڇاجي لئه؟

بهارَ مُند ۾ مکڙيون ٽڙي ڀلي گلَ ٿين،
اسان جو روحُ ٿو مهڪي، گلابُ ڇاجي لئه؟

اگر لِڪل آ ڪڪر منجھ چنڊ چهرو اڃا،
ته دل سمونڊ ۾ آ، اضطراب ڇاجي لئه؟

تندن سان تند مليل آهي، روح رقصان آ،
اڃا پُڇين ٿو رڳن ۾، ربابُ ڇاجي لئه؟
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هُوءِجڏهن بي ويجهڙي ناهي رهي. زندگيءَ ۾ زندگي ناهي رهي

غزل

ساحر راهو

هُوءِجڏهن بي ويجهڙي ناهي رهي.
زندگيءَ ۾ زندگي ناهي رهي.

سنگ تراشن جي هٿن ۾ دوستو.
عاشقي فرهاد جي ناهي رهي.

شبنمي ناهن نظر جون موسمون.
گُفتگُوءِ ۾ شاستگي ناهي رهي.

هڪ ٽڪاڻي تي نه ٿيون نظرون رهن.
هڪ خُدا جي بندگي ناهي رهي.

عشق ۾ تنهنجي تقدُس جو قسم.
قيس جان سنجيدگي ناهي رهي.

حُسن تنهنجو ساڳيو گهنگهور پر.
دل ۾ پهرين تشنگي ناهي رهي.

بار جي بدبوءِ ۽ ٻُوساٽ ۾.
تازگيءِ جان نرتڪي ناهي رهي.

درد جي محدُود ٿي ويئي وُسعت.
شاعريءِ ۾ ساحري ناهي رهي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪلهه رات ڪو سپني ۾ آيو، يادن ڪو ورق اٿلايو هئو

عبالغفار تبسم

ڪلهه رات ڪو سپني ۾ آيو،
يادن ڪو ورق اٿلايو هئو۔

تو مرڪي ڏٺو هئو مون ڏي مٺا،
مان شرم وچان شرمايو هئو۔

ناراض ٿيڻ تي تو مونکي،
ڪي پهر ويهي پرچايو هئو۔

تنهن جي ڌار ٿيڻ تي مان روئي ڏنو،
تو سياڻن جيان سمجهايو هئو۔



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

14/10/2015

روح ئي واسجي ويو آ مهڪار تي

غزل

سعيد ميمڻ

روح ئي واسجي ويو آ مهڪار تي 
ڇا ته خوشبو اُٿي آهي ڇڻڪار تي 

هيءُ ڪهڙو مصور چٽي آ ويو 
آنءُ بيٺو ڏسان نقش ديوار تي 

ڪنهن جو ڪارو وڳو اُس ۾ ٿو سڪي 
ڄڻ پيو آ وڇوڙو ڊگهي تار تي 

هڪڙي سرخي اکين کي پسائي وئي 
ديد پيئي جڏهن منهنجي اخبار تي 

هڪ ٺڪا ٿيو ۽ ڦتڪي ڪِريو پٽَ تي
هئو مٺي ننڊ ۾ هُو پکي ڏار تي 

ڇا به سِرجي ڇڏي ڏيوس سِرجي ڀلي
ڪا به بندش نه وجهجو ڪلاڪار تي

باغ ۾ هوءَ سُتل هئي ڇٻر تي سعيد ! 
ننڊ ويئي وٺي کيس مهڪار تي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جانِ جانان ويو، زندگي وئي رسي!

غزل

ماهين هيسباڻي

جانِ جانان ويو، زندگي وئي رسي!
چنڊ چهڪڻ ڇڏيو، چانڊوڪي وئي رسي!

تو پڄاڻان پرين ڪنهن جي پوڄا ڪيان،
ديوتا ڪو نه هو بندگي وئي رسي!

درد ايڏا مليا ٿي وئي دل پٿر،
دل ته آهي مگر دل لڳي وئي رسي!

مان لڇان پنهنجي پر، عشق آ بي خبر،
هاءِ اف ڀي نه ڪيم، عاشقي وئي رسي!

تو جو مرڪيو، ٿيو غم الم منتشر،
نيڻ روئي کنيئي، آرسي وئي رسي!

ٻانهن ٻيڻي ڪري، تون سمهين جو پئين،
مان ته جاڳان پئي، ننڊڙي وئي رسي!

اي ڀٽائي! افق تي تون جرڪين پيو،
شعر لکجي پيو، شاعري وئي رسي!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/10/2015

هڪ موت مَئي جو ڀَئو سُهڻا, ٻيو تون مان نٿو ٿِئي ڍئو سُهڻا !

استاد بخاري

هڪ موت مَئي جو ڀَئو سُهڻا !!!
ٻيو تون مان نٿو ٿِئي ڍئو سُهڻا !!!

ڊوڙي ڊوڙي تنهنجي واڳ وٺان،
توکي چنبڙي تنهنجو چاهُ چُمان،
جي بهڪيون ڳالهيون بخش ڪجانءِ
مون مُحبت جو آهي مئو سُهڻا !!!

هڪ عمر ۾ آخر ڇا جيئندس؟
ڪم ڪار ڪندس، يا پيار ڪندس
ڇا کلندس توسان ، ڇا ملندس؟
مون کي عمريون هُجن ها سئو سُهڻا !!!

تنهنجي سِڪ ۾ سڪان ڪوٺين سِڪڻو،
تنهنجي سامهون روئان سمجهين روئڻو،
تولاءِ رُلان چوين ٿو رُلڻو،
جيڪو چوڻو اَٿئي سو چئو سُهڻا!!!

استاد جا ازخود نيڻ ڀِڳا،
ڇو ٿو هر هر ڏين اِهي ويڻ تِکا،
جيڪي ماڻهون آهن ميڻ مٺا،
سي ڪٿ ٿا سَهن ايڏو تئو سُهڻا!!!

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

09/10/2015

توکي ڳولهيان پولارن ۾، ۽ ڌرتيءَ جي پاتارن ۾

توکي ڳولهيان پولارن ۾

آسي زميني

توکي ڳولهيان پولارن ۾، ۽ ڌرتيءَ جي پاتارن ۾.

مون وٽ اڪثر اينديون آهن، تنهنجون يادون اوجاڳن ۾.

پن ڇڻ رت جي پتن وانگر، سپنا ميڙيان ٿو دامن ۾.

ڪوئي سندر سپنو بڻجي، ڪاش لهان تنهنجي نيڻن ۾.

ماڻهو خود کي ڳولهڻ نڪتا، چڙيا گهر جي بند پڃرن ۾.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/10/2015

ڪو به ڪنهن جو ڪونه آ..!

غزل

آسي زميني

ڪو به ڪنهن جو ڪونه آ..!
هيءُ نه پڇان ڇو نه آ..؟

جو به آ هينئر هتي،
ويل هيءَ آ، پو نه آ..!

پوئتي واپس ورڻ،
وقت جو شيوو نه آ..!

روح، شهزادو، ضدي،
ويو ته واپس ٿيو نه آ،

وقت، نڪتل تير آ،
جو ڇٽو، موٽيو نه آ..!

عرش تي سُڏڪو پڳو،
فرش تي ڄڻ ڪو نه آ..!

آدميت سان گڏ،
آدمي اهڙو نه آ...!

فاتحِ سنڌ جئن مئو،
ان طرح ڪو مئو نه آ.!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

زندگيءَ کي خود ڀوڳيون پيا

غزل

آسي زميني

زندگيءَ کي خود ڀوڳيون پيا
ڏوھ ڪھڙي جي سزا ڀوڳيون پيا

زندگي ماڻڻ لاءِ ھوندي آ ٻڌو
پاڻ ڇو تنھن کي ڀلا ڀوڳيون پيا

بس فقط ھڪڙو ڀرم ھو دوستي
تنھن جا پڻ ٽڪرا ٿيا ڀوڳيون پيا

ويو ڀُري ويساھ رشتن جو مگر
گھاوء جي پيڙا اڃان ڀوڳيون پيا

شخص ھڪڙو آ جو وسري نٿو
ھا ، ڀلائي جا سلا ڀوڳيون پيا

يار! تنھنجي ڪنھن جفا جو ناھ ڏک
پاڻ پنھنجيءَ وفا ڀوڳيون پيا

ڏوھ ان ۾ ٻئي ڪنھن جو ڪين آ
پنھنجي ڪرڻيءَ جي بَھا ڀوڳيون پيا

پاڻ ڪٿي ” آسي“ خُدائي ھُئي گھري
ٻُڪ ۾ زخم اي دُعا ڀوڳيون پيا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اوھان بن آس ایئن آھي

نظم

اوھان بن آس ایئن آھي

آس ٻٻر

اڪيلو مان بہ آھیان وو!
ٺڪاٹو ڪو،
نہ گھر ڪوئي.
ڀرئي گھر ۾ اڪيلو ئي
رھان ٿو پر
خدا ناھیان.
اڪيلائي اڃان ڀي جھير وانگي پئي ڪري من تي ۽ مان توکي سنڀاریان ٿو.
وڃایو ٻار میلي ۾ جيئن آھي
اوھان بن آس ایئن آھي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

توکان پــوءِ اســان، رھجـي ویاسین پوئتي!

وائــي

آس ٻـــٻــر

توکان پــوءِ اســان، رھجـي ویاسین پوئتي!

رسـتا اڙانـگـا ھـیـا، تـنـھـنـجـي شھر کـان،
رھجي ویاسین پوئتي!

تو وٽ شعر پڳا پرین ! پاٹ تہ آسن سان،
رھجي ویاسین پوئتي!

شـایـد پـیـر ڪچا ھـیا، ڦٽجي پیا تڏھان،
رھجي ویاسین پوئتي!

رسـتـا ھٿ نہ ٿا اچن، ڳولھي ڏیو نہ ڪٿان،
رھجي ویاسین پوئتي!

خـواب، رنـاسـیـن ایترو، ڪریا پنبٹین مان،
رھجي ویاسین پوئتي!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ناهين ته ڏنگ سار جا هروار ٿا لڳن

غزل

عبدالحميد آس ٻٻر

ناهين ته ڏنگ سار جا هروار ٿا لڳن،
لمحا سمورا زندگيءَ جا دار ٿا لڳن.

مون کي ڏسي جهڪائي ڇڏيو ٿا اکيون پرين!
انداز اهڙا پيار جا اظهار ٿا لڳن.

هرهڪ سوال منهنجي تي هي نهڪرون عجيب،
انڪار بار بار ڀي اقرار ٿا لڳن.

سُنسان راهه؛ ماڻهو اڪيلو سفر ڪري،
ان ساڻ حوصلن جا به انبار ٿا لڳن.

ڀر ۾ رکن يا دور، ڪُهائي ڇڏن کڻي،
جيڪي وڻين خوب هو مکيار ٿا لڳن.

مرڪن ته رُت گلاب جي ڀر ۾ پسي وٺان،
خنجر هيانءُ اندر انڪار ٿا لڳن.

گلشن ٽڙي پوي ۽ چندرما کڙي پوي،
اهڙا ئي روپ ’آس‘ هُو سرڪار ٿا لڳن.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

زنـدگـي! تنھنجي ضرورت جي پٺيان

غــــزل​

عبد الحميد آس ٻٻر
زنـدگـي! تنھنجي ضرورت جي پٺيان ،​
رات ڪــٽڻي ٿي پوي ڇت جي پٺيان ۔​
اک جــــو پــاڻي ئي سـڪندو ٿو وڃي ،​
رت ايــنـدو ڪــو نــہ آ رت جي پٺيان ۔​
ھــر چــڱـائـي کـوھ ڀيــڙي پـئـي ٿـئي ،​
مـــاڻھــو وينـدو آھ عادت جي پٺيان ۔​
بـيـقـراريون ٿــــــو کـڻي ھـر مـنـد ۾،​
واھ آدم !ھــــڪــڙي راحت جي پٺيان ۔​
ڪٿ اکيون ، ڪٿ دل ڏيڻ آھي لڳو ،​
آس ھـــاڻي آ ســـــخــاوت جي پٺيان ۔​
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/10/2015

تنهنجي ڳوٺ وٽان جي هيرون گذري مون وٽ اينديون آهن

غزل

آثم ناٿن شاهي

تنهنجي ڳوٺ وٽان جي هيرون گذري مون وٽ اينديون آهن،
تنهنجي ساهن جون سُرهاڻيون مون کي آڻي ڏينديون آهن.

پل ۾ پولارن ۾ گم ٿي ويندا آهن ٽهڪ خوشيءَ جا،
شاديءَ کان پوءِ موڙن جا گل ٻڪريون کائي وينديون آهن.

ويا ڪل من جو آٿت بڻجي اينديون آهن ڪي ڪي جهڻڪون،
ڪي ڪي مُرڪون ويندي ويندي، ساهه نپوڙُي نينديون آهن.

توکان پوءِ به تو جئن مون کي پيار ڪنديون هن ڀاڪيون پائي،
تنهائيءَ ۾ جيڪي ڳجهه جون ڳالهيون توسان ٿينديون آهن.

ننڍڙيون ننڍڙيون چنتائون ڀي نيٺ وجهن ٿيون ماڻهو ماري،
ٻاڪُوءَ ماپ ڪهاڙيون آثم! لنبا وڻ وڍينديون آهن!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جئن گهڻو ڌرتيءَ جي ديون سان وڙهون ٿا تون ۽ مان

غزل

آثم ناٿن شاهي

جئن گهڻو ڌرتيءَ جي ديون سان وڙهون ٿا تون ۽ مان،
تئن زياده پنهنجي لڙڪن ۾ لڙهون ٿا تون ۽ مان.

توکي ڊپ پنهنجن جو ۽ مون تي سماجي بندشون،
روز رسمن جي صليبن تي چڙهون ٿا تون ۽ مان.

تون لکين ٿي مون ڏي خط ۽ مان غزل ٿو موڪليان،
حال هڪ ٻئي جو ائين ڀي پيا پڙهون ٿا تون ۽ مان.

پاڻُ مان ڀي ٿو پتوڙيان، تون به لوچين ٿي پئي،
هوري هوري پنهنجي سنگم ڏي رڙهون ٿا تون ۽ مان.

منهنجي ڪوتا، تنهنجا سڏڪا قيد ٽوڙيندا ڪڏهن،
مدتن کان جن جي ڪاڙهي ۾ ڪڙهون ٿا تون ۽ مان!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جڏهين جڏهين مونکي پنهنجي ويجهو لڳندو آهين

غزل

آثم ناٿن شاهي

جڏهين جڏهين مونکي پنهنجي ويجهو لڳندو آهين،
تڏهين تڏهين ساڀيان ۾ ڀي سپنو لڳندو آهين.

مَن ۾ موتين کاڻ کنيو، چُپِ چاپ وتين ٿو هلندو،
ساگَر انت نه جيئن، تيئن تون ڀي اُونهو لڳندو آهين.

رسمن جي ڦاهيءَ تي چاڙهيل، بي وس ۽ بي ڏوهي،
سچَ وانگر او سانول سَنهڙا! سهڻو لڳندو آهين.

جُهڙ ۾ جيئن ئي گهر کان ٻاهر ايندو آنءِ اڱڻ تي،
ڄائوُ پاري ۾ ڄڻ سِـج جو تِڙڪو لڳندو آهين.

تو سان منهنجو رِيت، روايت، رَتَ جو ڪو سَڱ ناهي،
پو به الائي ڇا لئه ايڏو پنهنجو لڳندو آهين.

ڪَنَ ۾ ڪِلڪ ڪاڳر ڪَڇَ ۾ لالُ اکيون لِڱ ميرا،
ڪڏهين ڪڏهين آثم تون ڀي چريو لڳندو آهين!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

نه ڪو سَڏُّ اڀريو، نه گونجيو پڙاڏو

غزل

آثم ناٿن شاهي

نه ڪو سَڏُّ اڀريو، نه گونجيو پڙاڏو،
رڳو پورُ پولارُ ڏسجي ٿو آڏو.

هٿين خالي، هيکل، جيئن جنگ ۾ مون،
ڏنو آ سدائين مِرُنُ سان مُهاڏو.

جي ڏاڍا ها، تن حق منهنجا ڦَٻايا،
هُئو هونءَ ته سڀني جو هڪڙوئي ڏاڏو.

لڳي ٿي ڪا سازش مونکي هيءُ ڪهاوت،
سڀاڳن جو ٿئي ٿو ڍُڪو پاڏو پاڏو.

هَجي موقعو مرَتئي جي لکڻ جو،
ته ڪيئن ساٿيو! مان لکان ويهي لاڏو؟

ڇَٻَر ريءَ ٻيو گهر ۾ هوندن ڇا، ’آثم!‘
کَٿِي ۽ کُرئٻي جو کنيو جو کُراڏو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

آءُ اڄڪلهه ٿو رهان پيو سامرين جي شهر ۾

غزل

آثم ناٿن شاهي

آءُ اڄڪلهه ٿو رهان پيو سامرين جي شهر ۾،
جَل پَرين جهڙين هزارن سانورين جي شهر ۾.

ڀانئجي ٿو مون کي ڀي چريو ڪري وجهنديون اُهي،
جي اڃا ڪجهه وقت رهڻو پيو چَرين جي شهر ۾.

ڇا ڪبو، جي دل نه رهندي داءُ پوندو کيڏڻو،
پاڻ کي وڃبو کٽائي لاٽرين جي شهر ۾.

هر طرف جهنڪار ئي جهنڪار جا سُر ٿا ٻُرن؛
هٿ ڪڙين، چوڙين، سِڪن ۽ جهانجهرين جي شهر ۾.

ڪيترا ڇورا بڻيا ٿا هِت وِتن سيف الملوڪ،
هن زماني جي طلسماتي پرين جي شهر ۾.

ڪيئن ڪمرن جي اندر جا راز ڪو سمجهي سگهي؟
هن سمورن بند دروازن، درين جي شهر ۾!

هِت نه هڻ آثم! وڃي ڪنهن در تي سر جي سئن تون،
چنگ چارڻ! ڪير ٻڌندءِ بانسرين جي شهر ۾.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

لوڪ ساري ٿي ڏٺو هي ديد جو دوکو نه هو

غزل

مقصود گل

لوڪ ساري ٿي ڏٺو هي ديد جو دوکو نه هو،
باهه ڏيندڙ باغ کي، پنهنجو ته هو، ٻيو ڪونه هو.

مطلبي انسان جا سڀ روپ ظاهر ٿي پيا،
جڳ ڏٺو جاچي، ڪڏهن خود غرض ٿيو ڪنهن جو نه هو.

روشنيءَ جي واسطي، جيڪو ڏيو روشن ڪيم،
سو جلائيندو جهڳيءَ کي، مون ڪڏهن سوچيو نه هو.

چنڊ تي پهتو وڃي جهنڊو هڻي ڌرتيءَ لٿو،
عرش وارن پئي ڏٺو، انسان هو، ٻيو ڪونه هو.

هن چيو ”مذهب هجي“ ۽ مون چيو ”انسانيت“،
سمجهه جو ڦيرو هيو، بس ٻيو ته ڪو جهڳڙو نه هو.

ٽهڪ پئي ماڻهن ڏنا، مون کي خبر ناهي، ته ڇو؟
لاش هو فوٽ پاٿ تي، بس ٻيو ته ڪو رؤنشو نه هو.

هيٽرن تي، بند ڪمري ۾ ستا ڪنهن جا ڪتا،
ڪنهن جي ٻچڙي کي لُريءَ ۾ جسم تي چولو نه هو.

ملڪ جو نئين سر بنايو آهه خاڪو سازشين،
مون ڏٺو جاچي ته ان ۾ سنڌ جو نقشو نه هو.

هورڙيان پيرن منجهان ڌرتي وڃي ٿي کسڪندي،
پر اسان جي دوستن کي ڪو اڃا الڪو نه هو.

ڪاغذي گل کوڙ گڏ گلدان ۾ مُرڪن پيا،
پر ڪٿي ڪمري ۾ ڪو سرهاڻ جو سونچو نه هو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دل جو دلبر ٿا بي مثال رکون

غزل

وفا ناٿن شاهي

دل جو دلبر ٿا بي مثال رکون،
پنهنجو معيار ٿا بحال رکون.

بُت ڪدي ۾ هجون يا ڪعبي ۾، 
صرف تنهنجو ئي ٿا خيال رکون.

باقي سڀ ڪجهه خدا ڏنو آهي، 
نفرتن جو ٿا صرف ڪال رکون.

هر ذهين ۽ حسين جي آڏو، 
صرف تنهنجو ئي ٿا سوال رکون.

باغ در باغ گُل ٽڙيل آهن، 
تنهنجي عظمت جو ٿا خيال رکون.

سچ آهي کلڻ نٿا ڄاڻون، 
پر روئڻ ۾ نٿا مثال رکون.

هر تمنا ٿا پائمال رکون. 
ڪيئن طبيعت ۾ اعتدال رکون.

مقتلن ۾ به نينهن جا نعرا، 
سچ چوڻ ۾ وڏو ڪمال رکون.

هجر ۾ ئي ملي وڃي ٿو جڏهن، 
ڇو وفا! حسرتِ وصال رکون.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

گُوندر ڪونه گهِڙن، مُرڪون مچ مِڙن

وائي

آثم ناٿن شاهي

گُوندر ڪونه گهِڙن، مُرڪون مچ مِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

ڪچي، ڪاڇي، ڪوٺڙا ڍَڪجن ساڻُ ڪِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

نَڙَ، بوڻينڊا، بَئنسريون، ڇَنَ ڇَنَ ساز ڇڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

نارَ، نلڪا، چيچڙا، گِرڻا روز گِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

ڪِرڙن، ڪانڊيرن جا، پر ڀي گُل ٽِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

ٻنيارن جا، ٻارهو وِک وِک کيٽ کِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

ٿَر وسَي، مثل ٿاڪ تان ٿاريلا نه ٿِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

06/10/2015

زندگي گهاريم پئي گمنام تنهنجي شهر ۾

غزل

تاج بلوچ

زندگي گهاريم پئي گمنام تنهنجي شهر ۾،
پوءِ ڀي سئو سئو لڳا الزام تنهنجي شهر ۾.

بند کڙڪيون مِينهن کان ۽ شام تنهنجي شهر ۾،
شخص ڪو رسوا ٿيو بي دام تنهنجي شهر ۾.

وِرههُ ورهين جو ۽ آئي آهين، لحظي واسطي،
هر گهٽيءَ ۾ شور آ، ڪهرام تنهنجي شهر ۾.

رنگ ۽ خوشبوءَ جا سارا سلسلا، تنهنجون گهٽيون،
دل جو پر ويران آهي گام تنهنجي شهر ۾.

تنهنجي گهر ۾، صبح جي ٽهڪن جو هوندو سوجهرو،
مون کي ٿي وئي روئندي روئندي شام تنهنجي شهر ۾.

تنهنجي در تي عاشقن جا مون ڏٺا ڪيئي هجوم،
پوءِ تنها، مان ئي ڇو بدنام تنهنجي شهر ۾.

نانءَ ڪيئي ٿي پيا منسوب تنهنجي نانءَ سان،
پر مليو مون کي ئي آهي نام تنهنجي شهر ۾.

منهنجي چاهت جو ڪرشمو، تنهنجي نفرت جو ڪمال،
تنهنجو نالو ٿي ويو بدنام تنهنجي شهر ۾.

پيار تنهنجي کان سواءِ، ڪنهن تي نه اک منهنجي ٻُڏي،
هونئن ڏاڍا ٿي پڳا پيغام تنهنجي شهر ۾.

سال گذريا، ڳوٺ مان نڪتو هو ڳڀرو ڇوڪرو،
گم اهو آهي ڪٿي گمنام تنهنجي شهر ۾.

گفتگو تنهنجي ته موهي ”تاج“ کي ماري ڇڏيو،
ورنه توکان خوب ها گلفام تنهنجي شهر ۾.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هُو کِليو، مان ڀي کِلي روئي پيس، طرز دلبر جي ڏسي روئي پيس


غزل

تاج بلوچ

هُو کِليو، مان ڀي کِلي روئي پيس،
طرز دلبر جي ڏسي روئي پيس.

هاءِ، هي چانڊوڪي ۽ دورِ فراق،
دل ۾ تاريڪي پسي روئي پيس.

بي ثباتي باغِ عام جي ڏسي،
ڪا جڏهن مُکڙي ٽڙي، روئي پيس.

خونِ بلبل جو سبب ٿينديون ڪَليون،
عالمِ شبنم ڏسي روئي پيس.

ڪنهن ستايل آهه شايد دانهن ڪئي،
دل کي جو آئي ڇڪي، روئي پيس.

صبر جو دامن گهڻو سوگهو جهليم،
شمعِ گريان کي ڏسي روئي پيس.

ياد ڪوئي ٿو پوي جانِ بهار،
ڪوڪ ڪوئل جي ٻڌي روئي پيس.

آبرِ باران ۾ هيو هو چشمِ تر،
’تاج‘ کي روئندو ڏسي، روئي پيس.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>