امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


25/08/2014

نگاهون، اَدائون، اِشارا نه هوندا


غزل

موتي پرڪاش

نگاهون، اَدائون، اِشارا نه هوندا،
حياتيءَ جا سهڻا سهارا نه هوندا.

اِهي لهرون، طوفان، هوندا برابر،
مگر بحرِ غم جا ڪنارا نه هوندا.

وري ڦاڳ ڦُٽندو، وري ٿينديون لاتيون،
مگر بازبان هي نظارا نه هوندا.

حياتي هٿوراڙيون هڻندي ۽ ڪِرندي،
اوهان جا جي سهڻا سهارا نه هوندا.

اچو، رات چوڏس جي ۽ سرد راتيون 
گذاريون، جو ههڙا سيارا نه هوندا.

اُهو وڻ، اُها رات ۽ سي سيارا،
جي هوندا ته پاسي ۾ پيارا نه هوندا.

ڇُلي پئو، ڪريو حالِ دل، غم گهٽايو،
جو دنيا ۾ ’پرڪاش‘ پارا نه هوندا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جيءُ جهوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي



عزل

تنوير عباسي

جيءُ جهوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي،!
چنگ چوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي!

ڳالهه دل ۾ رکيم، ته ڪجهه به نه ٿيو،
تو سان اوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي!

تون پري ٿئين ته ٿيو جيئڻ مشڪل،
آءُ اوري، ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي!

سر گهُريم ٿي، ته چنگ ويو کسجي،
سر کي گهوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/08/2014

دل جون ڳالهيون ئي ڪونه ٿا سمجهن

دل جون ڳالهيون ئي ڪونه ٿا سمجهن
باقي آهن هو سمجهدار گهڻا




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

09/08/2014

وقتَ! تنهنجي بيوفائيءَ ۾ جليا، ڇانوَ جهڙا خوابَ تائيءَ ۾ جليا

غزل

رضا بخاري

وقتَ! تنهنجي بيوفائيءَ ۾ جليا
ڇانوَ جهڙا خوابَ تائيءَ ۾ جليا

مُند پن ڇڻ تي رڳو الزام آ
وڻَ ته پنڇين جي جُدائيءَ ۾ جليا

نيڻَ اُوندهه کان ڀَڄي نِڪتا هيا
۽ پُڄي پو روشنائيءَ ۾ جليا

ياد آيا نيڻَ جيجل جا گهڻا
ديپَ جو وستي پرائيءَ ۾ جليا

ٿو پُڇي پرديسَ کان هڪُ پيرسن؛
”ڪيترا جوڀن ڪمائيءَ ۾ جليا؟“


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/08/2014

هاڻ هلڻ جو اونو ڪهڙو، ماڳ ملڻ جو اونو ڪهڙو

غزل

مقبول هاليپوٽو

هاڻ هلڻ جو اونو ڪهڙو
ماڳ ملڻ جو اونو ڪهڙو

پنهنجا پر ڀي پاڻ ڪٽياسين
يار اُڏڻ جو اونو ڪهڙو

هاڻ ته مرڪي مرڻو پوندو
هاڻ جيئڻ جو اونو ڪهڙو

پنهنجي اڃ ڀي پاڻ پيتيسين
کوههَ کڻڻ جو اونو ڪهڙو

پاڻ وڃايل منظر ٿياسين
اک کڄڻ جو اونو ڪهڙو

عشقَ روز انگوريو آهي
وڻ وڍڻ جو اونو ڪهڙو

سير ۾ آهيان سهڻيءَ وانگي
پار پڄڻ جو اونو ڪهڙو

پاڻ ته يار پکين جيئن آهيون
ٽار ٽٽڻ جو اونو ڪهڙو

هرڪا هار قبولي پوءِ
کيج کٽڻ جو اونو ڪهڙو

سڀ سيارا ساٿ هو تنهنجو
سوڙ سمهڻ جو اونو ڪهڙو

ويڙهيل هُن جا وار اڃا هن
باک ڦٽڻ جو اونو ڪهڙو

پنهنجي پرينءَ جو اوڇڻ اوڍيم
لاک لڳڻ جو اونو ڪهڙو

پنهنجي ڪنڌ لئه پاڻ ڪٽارا
چنگ چُرڻ جو اونو ڪهڙو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/08/2014

اي عشق! توکي شابس، عادت نه تو مٽائي، ساڳيائي سونهن سجدا، ساڳيون ئي انتظاريون

غزل

علي بخش منصور

موسم خمار ماڻيا، اکڙيون ٿي چنڊ ٺاريون،
محبت سندا وٺا جي، ڪئين وڏڦڙا وساريون.

هن حُسن بخشي همٿ، فرهاد جيتري ڏس! 
هي آسمان جيڏا ،ڏونگر پيا ٿا ڏاريون.

منڙا! چڪور وانگي ، چنڊ روپ تي مرين ٿو،
ڌاڍو پري پرين آ، ڪنهن ڏي پيا نهاريون.

هٿ سور کان ڇڏا يا، خوشين جي لوڀ ۾، 
ڳوڙها ٻه ٽي وهايان، مُرڪون هيون اُڌاريون.

پورهيو دوا ۾ پورو، هرجاءِ سوچ ان ۾، 
مزدور بُک مري ويو، سِر تي کڻي تغاريون.

اي عشق! توکي شابس، عادت نه تو مٽائي،
ساڳيائي سونهن سجدا، ساڳيون ئي انتظاريون.

او راھ جا مسافر! تنها وڃين نه ڀٽڪي، 
آ ڏور پنڌ ڏاڍو اچ پيار کي پُڪاريون.

وَڙُ ، هي اديب تنهنجو، ناهي ته پوءِ ڇا لئه، 
تنهنجو فڪر ڏسان پيو، تنقيد منجھ گاريون.

هاڻي گھڻا هليا بس، هوڪا حقارتن جا،
سنڌ سون ٿئي سموري،تهذيب کي سنڀاريون.

هڪ سنڌ ٻيو سڄڻ تي، سوچان لکان پيو ٿو،
سمجھي سچو سگھي ٿو، سوچون سندم سگھاريون.

هر دل اندر وسي ٿي، هُٻڪار شاعريءَ جي،
منصور يار پوکيون آهن ،گُلن جون ٻاريون.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

01/08/2014

گهڻا منهنجا مِٺڙا منٺار ماڻهو، دغاباز نڪرن ٿا دلدار ماڻهو

غزل

عطا محمد حامي

گهڻا منهنجا مِٺڙا منٺار ماڻهو
دغاباز نڪرن ٿا دلدار ماڻهو

لَکن مان به مشڪل ڪو اهڙو مِلي ٿو
ڏسان ٿو ڏهاڙي اَڪيچار ماڻهو

اڄوڪي زماني ۾ آهي غنيمت
غَرض کان سوا جي مِلن چار ماڻهو

ڪڏهن ملڪ ساري جا مهندار ٿيندا
نظر ۾ اچن ٿا جي نادار ماڻهو

ڪَٽائيندو سِر پر جهڪائي نه سگهندو
ڪڏهن ڪنهن جي آڏو ڪو خود دار ماڻهو

محبت جا پنهنجا يا دنيا جا هوندا
غمن کان نه ٿيندو ڪڏهن ڌار ماڻهو

حياتيءَ جو مقصد محبت ۾ آهي
محبت بنا آهي مُردار ماڻهو

انهن جي ئي دم سان هلي ٿو زمانو
نه سڏ عشق وارن کي بيڪار ماڻهو

ٻُڌائي مٺا ٻول ”حامي“ هليو ويو
هيو ڏاڍو مٺڙو مزيدار ماڻهو




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>