امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


22/06/2020

تو دلڙِي يارَ! ڌتاري، پو ير! ڪانہ ڪَيَئي پوئواري.

تو دلڙِي يارَ! ڌتاري،
پو ير! ڪانہ ڪَيَئي پوئواري.

تنهنجا ڪيس پيارَل! ڪارا،
آهن پيچ انهن جا پيارا،
ڪن وَنگ وجهڻ لئه وارا،
پائن ڳٽَ ڳچي ۾ ڳارا،
ڪن قيد سياڻا سارا،
مَهمِيرن تي سي مارا،
ٿيَن وِيرَ به اُت ويچارا،
ٿا شاهه ڀرن شوڪارا،
منهنجي نرمل آهي نيزارِي.

تنھنجي پاڪ پرين پيشاني،
آهي نِرمل! نور نشاني،
سج چنڊ کي لڳي حيراني،
ناهي تنهنجي ثُريا ثاني،
ٿيا تنهنجا مٽُ نه شاني،
ڪر اچڻ سَندِي احساني،
وٺ مُحب مٺا مهماني،
اچ اڱڻ مٿي دل جاني،
تنهنجي محبت دلڙِي ماري.

تنهنجون اکڙِيون ٻئي مئخانا،
يا پُر ٿيل پيمانا،
يا مُحِبَ ٻئي مستانا،
ڪن درد وارا ديوانا،
اتي جُنگَ ڀرن ٿا جانا،
تون شمع، ٻيا پروانا،
تنهنجا شوق آهن شاهانا،
هي راز ٿيا رِندانا،
تنهنجي اڳتئون توبه زاري.

تنهنجي قربَ ڪرايُون ڪِيهُون،
شب روز رئان ڪري رِيهُون،
ڏنيون پِرِتِ پيارل پِيهُون،
ويون ورهن گذرِي وِيهُون،
ٿي دلڙي ڇيهُون ڇيهُون،
تنهنجي فڪر سُڪايون ڦِيهُون،
اچ بِرِهه ۾ گڏجي بِيهُون،
ڪئي گوندر آ گلزارِي.
.

محبوب ڦٽا ڪر ماڻا،
هي رمز سکـئين ڪيئن راڻا،
تُنهنجي گهُورَ گهمايا گهاڻا،
نٿا مورهئون وڻن وِهاڻِا،
تنهنجي صدمن ڪيا سَنڌَ ساڻا،
وجھان ٽپڻا روز ۽ ٽاڻا،
تنهنجا سور آهن سيباڻا،
تنهنجي تاتِ طلبَ ۽ تارِي.

اچ واعدا پرت جا پاڙيون،
هڪٻئي سان سور سلهاڙيون،
دل، دل ڏي لالڻ لاڙيون،
ٿا سُورَ وڃن سَنڌَ ساڙيون،
ٿيو چِيتو آهي چِيهاڙيون،
دل درد وڃن ڌونڌاڙيون،
اڄ وِرِهَه وَسايُون واڙيُون،
تنهنجي در جُون مَٽُ نه ماڙيُون،
ڪر سهڻا يارَ ستاري..

تنهنجو طالب مولي آهي،
ٻئي ساڻ ڀلا ٻيو ڇاهي،
رَسُ تنهن کي قرب مان ڪاهي،
ٻيا لڳَ لاڳاپا لاهي،
ڇڏ وِيرَ وِرِهَه جِي واهي،
ڪير سينو توسان ساهي،
اها طاقت ڪنهن ۾ ناهي،
اچ مون وٽ گاهي ماهي،
لاءِ بِرِهه جي يار بَهارِي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/06/2020

ايئن چئي موت کي روڪيو هوند

ايئن چئي موت کي روڪيو هوندو
ٿورڙو ترس، هو ايندو هوندو

ڪو نئون گيت جي گونجيو هوندو
منھنجي ئي درد جو قصو هوندو

سُور، ناسور ٿي مرڪيا هوندا
موهه تنھنجي جو ڪرشمو هوندو

موت مارڳ ۾ قبولڻ وارو
پنهنجو عاشق تو سڃاتو هوندو

رنگ ئي رنگ فضا ۾ سرهاڻ
بي خياليءَ ۾ تو مرڪيو هوندو

لڙڪ نيڻن ۾ ڄمي ويا هوندا
دل جي ليکي تہ ڪو اچڻو هوندو

جنھن جي چاهت جون ڪھاڻيون مشھور
"تاج" ماڻھو بہ عجب ڪو هوندو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>