امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


28/06/2013

ان وقت ٺري ٿا نيڻ پون، ٿو دل کي سڪون ڪيڏو نه ملي. !

ان وقت ٺري ٿا نيڻ پون، ٿو دل کي سڪون ڪيڏو نه ملي. !
جنهن وقت اسان جي محفل ۾، ڪو پيارو ماڻهو ايندو آ


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

27/06/2013

سانوڻ ڪيئن اڪيلو آئين ، ساجن کي به ته آڻ

وائي

شيخ اياز
سانوڻ ڪيئن اڪيلو آئين ، ساجن کي به ته آڻ
ساجن کي به ته آڻ...!

موتئي جي مهڪار هوا ۾، سارَ ڀري سُرهاڻ
ساجن کي به ته آڻ...!

برکا رُت جي باکَ ڦُٽيءَ ۾ ، لڳهه لڳهه لالاڻ .
ساجن کي به ته آڻ..!

بادل ٿِي سَوَ سانگ رچايان، آئون به ڪنهنجي ڪاڻ.
ساجن کي به ته آڻ..!





مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/06/2013

ڌرتيءَ کان پولارن تائين روشن چنڊ ستارن تائين پيارا پنهنجو پيار امر

وائي

نثاراحمد ناز

ڌرتيءَ کان پولارن تائين
روشن چنڊ ستارن تائين
پيارا پنهنجو پيار امر

 
سانوڻ رُت ۾ رم جهم رم جهم
مٺڙا ميگهه ملهارن تائين
پيارا پنهنجو پيار امر


خوشبو بڻجِي مهڪي هر سُو
موتئي جي مهڪارن تائين
پيارا پنهنجو پيار امر

 
۽ ڄامشوري المنظر جي
نُورِي نينهن نظارن تائين
پيارا پنهنجو پيار امر


هٿ هٿ ۾ ڏيئي ” ناز “ هلون
سنڌِي سمنڊ ڪنارن تائين
پيارا پنهنجو پيار امر


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تو تائين پهتا منهنجي نيڻن جا سارا ٿَڪ لهي ويا

وائي

اياز گل

تو تائين پهتا
منهنجي نيڻن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !

تنهنجو نانءُ لکي ڏٺم
منهنجي هٿن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !

تون جو آئين شهر ۾
سڀني رستن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !

ساڀيائن جي ديس ۾
ساڻن سپنن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !

هڪڙي ڀاڪر ساڻ ئي
وسريل واعدن 
سارا ٿَڪ لهي ويا !

تنهنجي چُنريءَ ۾ اچي
راڻي ! رنگن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !







مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/06/2013

سندس هر ياد هڪڙي آرزو آ



غزل

خالد چانڊيو

اسان سان نينهن جو جوڙي ڇڏيائون.
پوءِ آخر ڏور ڇاجي لئه ڪيائون؟

ويا بنواس ڏئي ڇالئه اسان کي،
نه ڦيري ڪنڌ هڪ ڀيرو ڏٺائون

سندس هر ياد هڪڙي آرزو آ،
اکيون آهن اسان جون التجائون

وساري ڪير تن جي دلربائي،
وساري ڪير تن جون واسنائون!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

وري اڄ ياد آئي آ، ڪٿي آهين ڪٿي آهين


غزل

خالد چانڊيو


وري اڄ ياد آئي آ، ڪٿي آهين ڪٿي آهين،
اکين بارش وسائي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين.


اذيت سان رکي ياري، وڇوڙن کي قبوليندي،
مون قسمت آزمائي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين.


اڪيلا گل نه چُونڊيا مون، ڪنڊن کي ساڻُ آندو آ،
هٿن حيرت سمائي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين.


هي تنهنجا نيڻ منهنجي لئه، مقدس هن، مقدس هن،
اِهائي ڳالهه ڳائي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين.


هي منهنجا ساهَه ويچارا، تنهنجي خوشبو لئه ترسن ٿا،
اڃا ڇا جي جدائي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين.


هي ’خالد‘ جا سڀئي احساس تنهنجي لاءِ ئي آهن،
غزل هي الوداعي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين. 



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دلڪشي ڇو بهار ۾ ڪونهي؟

غزل
 
ياسر قاضي

دلڪشي ڇو بهار ۾ ڪونهي؟
چين ساري ڄمار ۾ ڪونهي.

ڪوئي غمدل انيڪ ڏينهن کان،
تنهنجي سهڻا! سنڀار ۾ ڪونهي.

تون جو پنهنجي شهر ۾ اڄ ناهين،
شخص ڪوئي قرار ۾ ڪونهي.

جيڪا تيزي زبان ۾ آهي،
اهڙي ترشي ترار ۾ ڪونهي.

ميٺ محبت ۾ جو مزو آهي،
خلق جي خلفشار ۾ ڪونهي.

شور، جو سونهن جي نظر ۾ آ،
پيار جي ڪنهن پڪار ۾ ڪونهي.

تنهنجي لهجي ۾ جا آ شيريني،
ڪنهن به ماکيءَ جي لار ۾ ڪونهي.

تنهنجي گفتي جي دلڪشي دلبر!
موسمن جي نکار ۾ ڪونهي.

تنهنجي نيڻن ۾ جو نشو آهي،
ڪنهن به خاصي خمار ۾ ڪونهي.

هيل ڇا ڳالهه آ جو سرمستي،
سونهن وارن جي سار ۾ ڪونهي.

جو مزو ”هائوڪار“ ۾ آهي،
عشق وارن سان عار ۾ ڪونهي.

عشق ۾ جيڪا سرخوشي آهي،
عقل واريءَ اڏار ۾ ڪونهي.

زندگي تنهن کان پڇ ته ڇا آهي،
جنهن جي پورت پگهار ۾ ڪونهي.

ڪهڙي خوبي پيو ڳڻين مون ۾؟
ڪجهه به هن داغدار ۾ ڪونهي.

پاپ، پڇتاو جو ڪو پل” ياسر!“ 
منهنجي ساريءَ ڄمار ۾ ڪونهي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

موسم کي ڀي آهي مَستي، اکڙين کي ڀي آرو ڪوئي.


غزل

روبينه ابڙو

لونءَ لونءَ ۾ يڪتارو ڪوئي،
ويجهو ٿيو وڻجارو ڪوئي.

مان ڀي آهيان ساري ڪنهنجي،
منهنجو ڀي آ سارو ڪوئي.

دل جي آڳر منجھ ڌمالون،
ڍَم ڍَم نينهن نغارو ڪوئي.

گهاٽ گهاٽ تي گهاگهر ڇُلڪي،
ايندو نيٺ اُڃارو ڪوئي.

موسم کي ڀي آهي مَستي،
اکڙين کي ڀي آرو ڪوئي.

ڇا لئه اُڀريو اُڀ ٻئي تي؟
منهنجي ڀاڳَ جو تارو ڪوئي.

ويسُ مجازي پهري لوڪو،
آيو آ دل وارو ڪوئي.

منهنجا نيڻ به ڪارا ڪَجلا،
ڪجلا سَر ڀي ڪارو ڪوئي.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/06/2013

هاڻي آءُ هلي، آيا سانوڻ مينهنڙا


وائي

مجيب سنڌي

هاڻي آءُ هلي،
آيا سانوڻ مينهنڙا

ٿر بر آ سائو ٿيو
مهڪي مند ڀلي
آيا سانوڻ مينهنڙا

موسم ڏس ملهار جي
کنوڻين ساڻ کلي
آيا سانوڻ مينهنڙا

رنگ نرالا مينهن جا
ڌرتيءَ جھول جھلي
آيا سانوڻ مينهنڙا

مجيب تو لئه ٿو سڪي
اڄ مل تون به کلي
آيا سانوڻ مينهنڙا 






مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

10/06/2013

آخر سنڌ بچائي ويندا

اسحاق راهي 

سنڌ ۾ ماڻهو ڌرتي خاطر، سر سٽ لڳائي ويندا
آخر سنڌ بچائي ويندا

دشمن آڏو جهڪڻا ناهن، ڪونڌر ڪنڌ ڪپائي ويندا
آخر سنڌ بچائي ويندا

جوڌا دودا نڪري پوندا، ڪوڙ جا ڪوٽ ڪنبائي ويندا
آخر سنڌ بچائي ويندا

گم ٿي وينديون ڪاريون راتيون، جڳ ۾ جوت جلائي ويندا
آخر سنڌ بچائي ويندا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/06/2013

وائي : مختيار ملڪ


وائي

مختيار ملڪ

تازو گل ٽڙيلُ ، وکري ويو آهي
ڪنهن جي سَرهي سار ۾ ؛


تنهنجَي نيڻَ ـ ڪَجلُ
وکري ويو آهي
صَديِنِ جَي اِتھاس ۾


پيار جو هِڪڙو پَلُ 
وکري ويو آهي
آس نِراس جي شهر ۾


__________________


وائي

مختيار ملڪ

پنهنجو مُستقبِلُ 
وکري ويو آهي


سپنو تنهنجي ساٿ جو
نيڻن منجهه سَجيلُ

وکري ويو آهي

مومل کان راڻو رٺو
ڪوئي ڪاڪ محلُ 
وکري ويو آهي


تنهنجَي سُرَ ۽ ساز سان 
منهنجو گِيتُ لِکيل
وکري ويو آهي


پرزا پرزا ٿيو آئينو 
ڪوئي عڪس ٽٽل 
وکري ويو آهي


پيار جي پهرين بارش ۾
امبر تي بادل 
وکري ويو آهي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سڀ ستـــارا ۽ چنڊُ منهنجو آ، کـــيــرَ ـ ڌارا ۽ چـنڊُ منهنجو آ


غزل

مختيار ملڪ

سڀ ستـــارا ۽ چنڊُ منهنجو آ
کـــيــرَ ـ ڌارا ۽ چـنڊُ منهنجو آ

مان مسافر ڪوئي خلائن جو
خـوابَ سـارا ۽ چنــڊُ منهنجو آ

آئـــون ڄـاڻــان ٿـو پنـڌ ۽ منزل
چُـــپِ چــــارا ۽ چنڊ منهنجو آ

مـنـهـنـجـي دنيــا ۽ آءٌ دنيا جو
سـمنڊَ ســارا ۽ چنڊُ منهنجو آ

مـون وڃايو سڄي زماني کي
ڪـجھ سَـهارا ۽ چنڊُ منهنجو آ

رات چوڏهين صَفر جي ڀٽشاه ۾
نـيـهَـنَ نــعـرا ۽ چنـڊُ منهنجو آ

پيـار جي واٽ مون وتي آهي
سـونهـن وارا ۽ چنـڊُ منهنجو آ

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اســان کي وڻن ٿيـون، ڇڙيون چاهتون


غزل

مختيار ملڪ

اســان کي وڻن ٿيـون، ڇڙيون چاهتون
مِـٺيـون چاهـتـون ۽ ڪــڙيون چاهتون

گلن سان ملڻ جي خواهش کي سانڍي
ڪَنـڊن منجهه اٽڪيــون، اڙيون چاهتون

زمـانن سـان اٽڪيــل ۽ الجهيل رهيــون
زمـــانـــن کــان رُنـيـــون رڙيون چاهتون

تـڌهـن ڪـوڙ ڪــيني ڪَهي ٿـو اچـي
دليــن مــان جـڏهـن ٿــا تــَڙيون چاهتون

لهـرن ۾ لُڙهيـون ۽ سولين تي چڙهيـون
چِــتـائـن ۾ ڪــيئــي ســڙيـون چاهتون

اچــي ٿـو وڃــي چَـين بيچين دل کي
ملي جي پون ڪجهه گهڙيون چاهتون

وِڇــوڙن سـان وٿيـون نه وڌنديــون پرين
نـه آهـن ڪــڏهـن بـي وڙيون چاهتون

هـيـون رُڃ راهـون، اُڃـاريـون نگاهــون
ڪي آهــون ۽ دانهـون، رڙيون چاهتون

ڏئي رَيجُ پنـهنجـون حـياتيـون هميشہ
صديــن جَـي سفـر ۾ لـڙيـون چاهتون

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

خـوشـي هـر ڪـا جيون جي پوري ٿئي


غزل

مختيار ملڪ

خـوشـي هـر ڪـا جيون جي پوري ٿئي
گــــذر ائــيــن حــيــاتــي ســمـوري ٿئي

لڪائڻ سان لڪجي نه سگهندي ڪڏهن
ٿــــي آزاد ــ فــطـــــــرت کــــٿـــوري ٿئي

ڪٿي ڪوڙُ ڪنهن کي به چوندَي ٻُڌو
اوهــان لـئه ڪُــڇـڻ ٿــو ضــروري ٿئي

اجــازتَ آ هـر ڪـنهـن کـي اظـهار جي
اهــو حـق ٿـو سـڀَ لـئه جـمهـوري ٿئي

نه ٿـيندي نه ٿـيندي ڪـڏهن ڪـامياب
جــڏهـن ڪـا به ڪــوشـش اڌوري ٿئي

صــديــن جــا تـه ڄــڻ ٿــا لـڳـن فـاصـلا
اســان ۾ جــي وقــتي ٿـي ڏوري ٿئي

سـڄـي ســلـطـنـت ڏيــک دربار جــــو
رڳـــو چـؤ طــرف جـي ـ حُـضوري ٿئي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪراچي ماءُ جي ٿڃ آهي




نظم 
                                 عزيز قاسماڻي

"ڪراچي ماءُ جي ٿڃ آهي"


ڪراچيءَ جي بستر تي
لهوءَ جي چادر وڇائي وئي آهي.۽ هُو اڄ به سنڌين جي نسل کي
پسند ڪندڙ گوشت خور آهن
ڪراچي پنهنجي انداز جو اُهو شهر آهي
جو ماتا جي ٿڃ جهڙو آهي
پر ڪراچي جي گهر ۾ ڄمندڙ ٻار
بارود جي ٽافين کي چٻاڙڻ جا ڏند ٿا رکن.لوح-محفوظ جي ليڪ کان اڳ
اسانجي حياتي وٺڻ ٿا گهرن
۽ ٻرندڙ ماچيس جي تيليءَ کان
گهٽ اسانجي حياتي ڪرڻ ٿا گهرن.سنڌ جي يٰسين آهي ڪراچي.جڏهن لهُولهان ورق ٿو ڏسان،
يهودي ياد ٿا اچن.۽ اسرائيل جي مسجد مان
موذن جو آواز نٿو اچي.نلڪي گيڙو ڏيندڙ نينگري ڀُڻڪي ٿي.جهار تان موٽندڙ سهيلي پُڇيس ٿي.چوي ٿي تنهن کي؛
ڪراچي ڄرڪا ڳهيندا وڃن ٿا.ماءُ ٻانهن کي سَٽي ٿي چويس،
ڪميڻا اسانکي صدين کان
اڻ آريا ٿا سڏيندا اچن.آڱرين جي پاند سان
اکيون اُگهندي چوي ٿي.جيڪي آريا ٿا سمجهن پاڻ کي
سي ئي ڪُهن ٿا اسان کي.اي اٻوجهه ٻاگهلي!هن وقت هر ملڪ جا حڪمران
مهاجر ئي آهن.هُو آريا آهن
اسان ڌرتيءَ جا ڌڻي
اڻ آريا آهيون هُنن جي نظر ۾.پر ڪراچي ماءُ جي ٿڃ جهڙي آهي.
            ***
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تجريدي نظم : عزيز قاسماڻي




تجريدي نظم
                        
عزيز قاسماڻي

اڄ جا عذاب.
اڄ جي تاريخ سان،
اڄ جو ڏينهن
نٿو ملي.
ان ۾ منهنجي ڪا غلطي ناهي.
***

تجريدي نظم
                        
عزيز قاسماڻي
گولين جا ٽهڪ
ڪراچيءَ تي.
ستارا ڪلين شيوِ آهن.
۽ ماريا وڃن ٿا.
سياسي، قومي ۽ مذهبي،
عصبيت جي نالي ۾.
***

تجريدي نظم
                        
عزيز قاسماڻي

پيار سنسار جي جهوپڙي آ.
سُونهن جي ايش-ٽري تي،
سال سارو دُکي
جواني جي ٽاري
ٽُٽي ٿي پوي.
سُونهن جي ايش-ٽري ۾،
پيار جي جهوپڙي
ڊهي ٿي پوي.
***

تجريدي نظم
                         عزيز قاسماڻي
هر لمحي
هر سمي
انساني گوشت جي بارش.
تڏهن کان
ائٽمي سوچ کي
گاريون.
***

تجريدي نظم
                        
عزيز قاسماڻي
1965ع ۾
وارنٽ.
وارنٽ؛ وري ياد ڪرڻ.
1739ع ۾
دفن ٿيل،
احساسن تي وارنٽ.
***

تجريدي نظم
                        
عزيز قاسماڻي
ڪالونيءَ ۾
ٻين گهرن جيان
بدنيّتيءَ واري گهر ۾
ڌيءُ کي
پيءُ مان ٿيل پُٽ.
ڌرتي ۽ آسمان ڏي
ٻئي هٿ سڌا ٿو ڪري.
***



تجريدي نظم
                        
عزيز قاسماڻي
ڌرتي اسانجي ماءُ آهي،
ٻڌايو
پيءُ ڪهڙو آهي؟
***

تجريدي نظم
                        
عزيز قاسماڻي
نه ٿرڪو،
پر منهنجا،
گرام ڳيا،
آرڻ ڳيا،
ٿرڪو آهن.
***

تجريدي نظم
                        
عزيز قاسماڻي
حڪوا،
آڪار، نر آڪار،
نيتارو ڪينءَ ملي؟
نيرو ڪليٽي
مانگهه،
ساٽائُو،
ڪوس،
ڪامهه،
اندر اوٿر،
ڏسيو،
نڀ بيچ ڪٿي آهي؟
***



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

بي مزي ٿئي متان محبت هي, دل تمنا ڪئي جدائيءِ جي



عزل

سعيد ميمڻ

بي مزي ٿئي متان محبت هي
دل تمنا ڪئي جدائيءِ جي

آنءُ ڪنهن ڪنهن جي ديد روڪيندس؟
کيس عادت آ خود نمائيءِ جي

ڪير پالي فڪر جھانن جا
دل، پچر ئي ڇڏي خدائيءِ جي

شاعريءَ ۾ ڪٿي هئا جلوه
مهرباني آ هڪڙي مائيءِ جي

ويو لڳائي هو چڻنگ چوليءَ ۾
ديد ، هئي ڇا ته معجزائيءِ جي

ڏينهن گذريو وڃي ڪمين ڪارين
رات ماري ٿي ، هيکلائيءِ جي






مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

۽ ڪڏهن هيءَ سنڌ ساري آھِ مون ۾.


غزل

روبينه ابڙو

ڪا ازل جي پاڻياري آھِ مون ۾،
ڇو اُڃاري پو به وارِي آھِ مون ۾؟

مان ته ماضيءَ جي اُجاڙيل ڍنڍ آهيان،
ڪنهن وري هِي ناوَ تاري آھِ مون ۾.

امن جا اُجرا ڪبوتر نيڻ منهنجا،
پر اندر ڪا جنگ جاري آھِ مون ۾.

هر گهڙي ٿي سار تُنهنجي پئي پِگهاري،
هر گهڙي ڪا برف باري آھِ مون ۾.

دل اڃان ڀي گهاٽ تي تُڙڳي رهي آ،
موج ۾ ڪائي ڪَماري آھِ مون ۾.

گُونج ڀي تو ئي ڪئي هئي قيد منهنجي،
ڪُونج ڀي تو ئي اُڏاري آھِ مون ۾.

تار ڪا وڄندي رهي ٿي تَنَ اندر ۾،
راتِ ڪا مِيران گُذارِي آھِ مون ۾.

مان بظاهر خوش رهڻ جو ڏيک ڏيان ڀل،
پر ڳُجهي ڪا بيقراري آھِ مون ۾.

مون ۾ ٻيجل، مون ۾ ئي آ ڏياچ ڪو،
ڪنڌ ڪورڻ لئه ڪٽاري آھِ مون ۾.

لاڙڪاڻو ڀي ڪڏهن من ۾ نه ماپي،
۽ ڪڏهن هيءَ سنڌ ساري آھِ مون ۾.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

06/06/2013

وقت جي چيچ ۾، زندگيءَ جو ڇَلو، پيو ٿئي گِهرگِهلو يار جلدي ملو

آڪاش انصاري

وقت جي چيچ ۾ زندگي جو ڇلو
پيو ٿئي گهرگهلو، يار جلدي ملو

جيءُ جبروت جنمن کان ويران آ
ساه ساميئڙو مڙيئي مهمان آ
ترسندو ڪيستائين ڀلا قافلو
يار جلدي ملو ، يار جلدي ملو

توسان چاهت ۽ چَر پڻ به گهٽبا وڃن
دل جا آرا ۽ ارپڻ به گهٽبا وڃن
۽ وڇوڙن ۾ ناهي رهيو وِلولو
يار جلدي ملو، يار جلدي ملو

تنهنجي ”آڪاش“ سان وَرهِه وِرچيو وڃي
۽ ڪڏهن پل اندر پاڻ پرچيو وڃي
دل هي سمجهي نه ٿي ، درد آ دادلو
يار جلدي ملو، يار جلدي ملو.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/06/2013

چپن جي ريشمي خوشبو،اکين ۾ پيار اوتي وئي

غزل

مشتاق ڦل

چپن جي ريشمي خوشبو،اکين ۾ پيار اوتي وئي،
اسان جي روح ۾ محبت سندو سنسار اوتي وئي.

ڪا ڳوٺاڻي ڳهيلي ڇوڪري ڀاڪر جي گرميءِ ۾،
سندر ڪو سونهن جو سپنو ۽ اقرار اوتي وئي. 

لفافو،خط، ڦوٽو ۽ ٻه ٽي ڪي فون تي جملا،
الائي ڪيترو اونهو عجب اسرار اوتي وئي.

اکين جو شعاع گهري گھور ۽ تابش نگاهن جي،
اچي مشتاق جي من ۾ نئون تڪرار اوتي وئي.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/06/2013

هڪ چُمي ايئن لڳِي, پيار جي ڄڻ رسيد



غزل

زيب سنڌي

پياس منهنجي شديد
چَپَ تنهنجا يزيد

هونءَ اَملهه آهيون
تون ٽڪي ۾ خريد

سنڌ ساري قديم
شهر هڪڙو جديد !

حُسن تنهنجي اڳيان
عشق منهنجو مُريد

باک جي ساک آ
سنڌ جو هر شهيد

ٿر سڄو ايئن لڳو
ڄڻ ڪو ماضي بعيد

هڪ چُمي ايئن لڳِي
پيار جي ڄڻ رسيد


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڏاڍي پياس آ پيئڻ تي بندش!

غزل

زيب سنڌي

ڏاڍي پياس آ پيئڻ تي بندش!
ڪنهن جا ڄَپَ چُمڻ تي بندش!

شهر م ڪيئي ” نو گو ايريا“
تنهنجي گهٽيءَ ۾ اچڻ تي بندش

جنهن رستي تان صبح ويو هئس
تنهن تان شام جو ورڻ تي بندش!

شهر ته منهنجو ئي آهي پر
منهنجي گهمڻ ۽ ڦِرڻ تي بندش!

جنهن گهٽيءَ ۾ منهنجو گهر هو
تنهن مان منهنجي لنگهڻ تي بندش!

ڪيڏيون تنها لهرون آهن!
سمنڊ ڪناري گهمڻ تي بندش!

ڪوڙ جي مُنهن ۾ ڌوڙ ته پوندي
سچ کي سچُ چوڻ تي بندش!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪجهه ڪرڻ چاهيون ٿا



غزل

زيب سنڌي

ڪجهه ڪرڻ چاهيون ٿا
نه ته مرڻ چاهيون ٿا

دنيا ۾ ڏاڍو رلياسين
سنڌ ورڻ چاهيون ٿا

پنهنجي ڌرتيءَ تي وري
پير ڌرڻ چاهيون ٿا

ناو جي ٻُڏي ته ڇا
اسين ترڻ چاهيون ٿا

عشق جا ٽڙيا گلاب
جهول ڀرڻ چاهيون ٿا

باهه ڇو وسايو ٿا
اسين ٻرڻ چاهيون ٿا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>