امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


19/01/2016

ڊسمبر لڙڪ لاڙيندي ڇڏي ويو جنوري پويان

نظم

ايوب گُل

ڊسمبر لڙڪ لاڙيندي ڇڏي ويو جنوري پويان
پراڻيءَ ياد جي پيڙا اکين جي پاند ۾ پائي
وري ڪنهن دار ڏي دل جي وکن کي پيا وڌايون ٿا
هلڻ جو حوصولو ناهي مگر رڪجڻ روا ناهي
چئي وئي خواب کان ٻاهر پري ڪنهن شهر ۾ ملنديس
پتو ان جو پڇايون ٿا ستارن جو جهلي دامن
چئون ٿا پار ڪهڙو آ؟ اهو ڪهڙو نگر آهي؟
جتي ان خواب جي تعبير ممڪن ٿئي؟
اهو ڪهڙو شهر آهي؟ ڀلا ڪهڙي ڏسا آهي؟
هلي ٿو موت پيڇي ۾، گهڙيون ڪجھ آخري پويان
ڊسمبر لڙڪ لاڙيندي ڇڏي ويو جنوري پويان!

1 تبصرا:

www.naseersoomro.blogspot.com لکيو آهي

ايوب گل، سنڌي جو شاعر آهي ۽ سچ پچ شاعر آهي معنيٰ ته مڃان ٿو ته وٽس ڏاهپ ڏيئي جي لاٽ ٻرندي رهي آهي. لاٽ، ٻاٽ جو ضد آهي_ان ڪري اظهار ۾ به هڪ رخ ڏيکارجي، نه ڪي هي چوڻ: “ڪنهن دار”، يا “پري ڪنهن شهر” ... ‘ڪنهن’ جاءِ تي هڪ طرف ڏيکاريندڙ صفاتي لفظ ڏجي.

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔