غزل
چندر ڪيسواڻي
ووڙي سڀ وڻ راهه هميشه
تو وٽ پهتا ساهه هميشه
هيل به ملنداسين ات جاتي
دهشت، دم دريا هميشه
پنهنجي سوچ کٽي آ جنهن تي
سو ڀي بي پرواهه هميشه
توکي ڏور ڪيان ڇو ساجن
ڀل لوڪ جلي ٿئي باهه هميشه
تو وٽ در در ڀٽڪڻ رهندو
پنهنجي ساڳئي راهه هميشه
هٿ ۾ هٿ ڏيئي هل مونسان
ناهي جيون تي ويساهه هميشه
جُز ۽ ڪُل جي مام نه ڄاڻي
رهندو سو گمراهه هميشه
ووڙي سڀ وڻ راهه هميشه
تو وٽ پهتا ساهه هميشه
هيل به ملنداسين ات جاتي
دهشت، دم دريا هميشه
پنهنجي سوچ کٽي آ جنهن تي
سو ڀي بي پرواهه هميشه
توکي ڏور ڪيان ڇو ساجن
ڀل لوڪ جلي ٿئي باهه هميشه
تو وٽ در در ڀٽڪڻ رهندو
پنهنجي ساڳئي راهه هميشه
هٿ ۾ هٿ ڏيئي هل مونسان
ناهي جيون تي ويساهه هميشه
جُز ۽ ڪُل جي مام نه ڄاڻي
رهندو سو گمراهه هميشه



