تاجل بيوس
سنڌ! منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان،
ڇا لِکي ڇا لکان، ڇا لِکي ڇا لکان.
سنڌ! منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان،
ڇا لِکي ڇا لکان، ڇا لِکي ڇا لکان.
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان،
ڇا لِکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
هِن ڪنڌيءَ تي ڪڏيو جو ابهم ٻار آ،
ڪنهن ته جيجل جو جاني ، اکين ـ ٺارُ آ،
هِي جو ٻالڪ سڀاڻي جو معمار آ،
اُن جي ٻوليءَ ۽ لوليءَ تان صدقي ٿيان.
تنهنجي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍيو وتان،
تنهنجي لاڻن، لونِ کي به چندن چوان،
شال تنهنجي ئي ڪُکِ مان پِيو هر هر ڄمان،
کِير تنهنجو پيان، ويرُ تنهنجو وٺان.
هوءَ منڇر کُٽي ڪيئن جا کٽڻي نه آ،
هوءَ ڪينجهر رُسي ڪيئن جا رُسڻي نه آ،
هوءَ سنڌو سُڪي ڪيئن جا سُڪڻي نه آ،
ڪَرُ کڻي ڪالهه آئي جا ڪيلاش تان.
ٿر جي ٿوهر مٿان، جهنگ جهر تي لکان،
مينهن جي بوند تي، سائي سَر تي لکان،
ڏاٽي ڪوڏر، کَرئي، گهوٻي هرَ تي لکان،
تنهنجو نالو وٺي توتي لکندو رهان. .
هوءَ جا ”بيوس“ بکن تي مڙهي منڊ ٿي،
اڄ به جوتي اسُرِ جو اُٿي جنڊ ٿي،
جا، گرم کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي،
ان سهاڳڻ کي مان ڪيئن نه سجدو ڪيان.
ڇا لِکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
هِن ڪنڌيءَ تي ڪڏيو جو ابهم ٻار آ،
ڪنهن ته جيجل جو جاني ، اکين ـ ٺارُ آ،
هِي جو ٻالڪ سڀاڻي جو معمار آ،
اُن جي ٻوليءَ ۽ لوليءَ تان صدقي ٿيان.
تنهنجي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍيو وتان،
تنهنجي لاڻن، لونِ کي به چندن چوان،
شال تنهنجي ئي ڪُکِ مان پِيو هر هر ڄمان،
کِير تنهنجو پيان، ويرُ تنهنجو وٺان.
هوءَ منڇر کُٽي ڪيئن جا کٽڻي نه آ،
هوءَ ڪينجهر رُسي ڪيئن جا رُسڻي نه آ،
هوءَ سنڌو سُڪي ڪيئن جا سُڪڻي نه آ،
ڪَرُ کڻي ڪالهه آئي جا ڪيلاش تان.
ٿر جي ٿوهر مٿان، جهنگ جهر تي لکان،
مينهن جي بوند تي، سائي سَر تي لکان،
ڏاٽي ڪوڏر، کَرئي، گهوٻي هرَ تي لکان،
تنهنجو نالو وٺي توتي لکندو رهان. .
هوءَ جا ”بيوس“ بکن تي مڙهي منڊ ٿي،
اڄ به جوتي اسُرِ جو اُٿي جنڊ ٿي،
جا، گرم کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي،
ان سهاڳڻ کي مان ڪيئن نه سجدو ڪيان.
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔